وڏي وزير مراد علي شاهه ايس آءِ سي وي ڊي بلديا ٽائون جو افتتاح ڪري ڇڏيو
وڏي وزير مراد علي شاهه ايس آءِ سي وي ڊي بلديا ٽائون جو افتتاح ڪري ڇڏيو
Posted on: 31 May 2025 Tags:ڪراچي (29 مئي): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سنڌ انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيو ويسڪولر ڊزیزز (SICVD) بلديه ٽائون اسپتال جو افتتاح ڪيو ويو جيڪا عالمي معيار جي دل جي بيمارين جو مفت علاج جون سهولتون مهيا ڪندي. وڏي وزير اعلان ڪيو ته ايندڙ سال اسپتال ۾ ٻيو ڪيٿيٽرائزيشن ليب ۽ سرجري آپريشن ٿيئٽر قائم ڪيو ويندو. اهي ڳالهيون وڏي وزير مراد علي شاهه جمعرات ڏينهن 100 بسترن واري SICVD بلديا اسپتال جي افتتاحي تقريب ۾ خطاب ڪندي ڪيون. تقريب ۾ وزير صحت ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو، سيڪريٽري صحت ريحان بلوچ، SICVD جو ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر پروفيسر جاويد اڪبر سيال، ڪياماڙي ۽ ويسٽ ضلعن جا چونڊيل نمائندا، ميڊيڪل ماهر ۽ ٻيا شامل هئا. هي اسپتال اصل ۾ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هٿان افتتاح ٿيڻ وارو هو پر ڀارتي جارحيت خلاف پاڪستان جي اعليٰ سطحي وفد جي قيادت ۾ مصروفيت سبب وڏي وزير مراد علي شاهه پاران افتتاح ڪيو ويو. وڏي وزير ٻڌايو ته ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن (KMC) ڪيترن ئي سالن کان سنڌ حڪومت جي مالي سهڪار سان اسپتال جي تعمير شروع ڪئي هئي پر منصوبي ۾ ڪافي دير ٿي انکانپوءِ سنڌ حڪومت SICVD سان شراڪتداري ڪندي رڳو اٺن مهينن ۾ اسپتال مڪمل ڪئي. مراد علي شاهه فخر سان چيو ته SICVD هاڻي دنيا جو سڀ کان وڏو دل جي بيمارين جو نيٽ ورڪ بڻجي ويو آهي جيڪو 10 مڪمل دل جا اسپتال ۽ 29 چيسٽ پين يونٽ (CPU) سڄي صوبي ۾ هلائي رهيو آهي. هي نيٽ ورڪ سالياني ٻن ملين کان وڌيڪ مريضن کي مڪمل طور تي مفت علاج فراهم ڪري ٿو جنهن ۾ اوپن هارٽ سرجري، اسٽروڪ انٽروينشن، ٻارن جي دل جون سهولتون ۽ هنگامي اينجيوپلاسٽيز شامل آهن. ڪراچي ۾ 19 چيسٽ پين يونٽ ناگن چورنگي، لانڍي، گزري ۽ KIHD، JPMC جهڙن ادارن ۾ قائم آهن. ڪراچي کان ٻاهر ٺٽو، ڪشمور، جيڪب آباد ۽ عمرڪوٽ ۾ پڻ هي سهولتون دستياب آهن. وڏي وزير صوبي ۾ ترقياتي منصوبن جو حوالو ڏيندي چيو ته 579 منصوبا شروع يا تعمير هيٺ آهن جن جي ڪاميابي لاءِ 22621 اسٽاف سميت ٽيڪنيڪل، فرنٽ لائن ورڪرن ۽ انتظامي عملي کي مقرر ڪيو ويو آهي. اهي انگ اکر سنڌ جي عوام جي بهتري لاءِ وڏي پيماني تي ترقياتي ڪوششن ۽ انساني وسيلن جي متحرڪت کي ظاهر ڪن ٿا. SICVD بلديا ٽائون اسپتال جي افتتاح سان وڏي وزير خاطري ڪرائي ته زندگي بچائڻ واري صحت جي سهولتن جو ڄار هڪ ٻي ڳتيل آبادي تائين پکڙجي رهيو آهي، مقامي ماڻهن سان ڪيل واعدو پورو ڪيو پيو وڃي. ايندڙ منصوبن بابت ڳالهائيندي وڏي وزير اعلان ڪيو ته سنڌ حڪومت SICVD سان شراڪت ۾ ڪراچي ۾ ذوالفقار علي ڀٽو انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيو ويسڪولر ڊزیزز (ZABICVD) تي ڪم ڪري رهي آهي جيڪو دنيا جو سڀ کان وڏو دل جي بيمارين جو اسپتال بڻجڻ وارو آهي. ان کان علاوه دادو، قمبر شهدادڪوٽ، مٽياري ۽ سانگھڙ ۾ نئين صحت جون سهولتون قائم ڪرڻ جون رٿابنديون جاري آهن جيڪي سنڌ جي هر شهري کي برابر طبي سهولتون فراهم ڪرڻ واري مشن کي مضبوط ڪن ٿيون. وڏي وزير ٻڌايو ته اسپتال ۾ داخل ٿيل پهريون مريض هڪ نوجوان هو جنهن جي عمر لڳ ڀڳ 25-26 سال هئي جڏهن ته ڪجهه مريض اڳ ۾ نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيو ويسڪولر ڊزیزز (NICVD) ۾ سرجري ڪرائي چڪا هئا. وفاقي فنڊنگ ۽ خودمختياري جي مسئلن بابت مراد شاهه ياد ڏياريو ته 2011 تائين دل جي بيمارين جون سهولتون وفاقي حڪومت جي ماتحت هيون پر ارڙهين آئيني ترميم کانپوءِ انهن جو اختيار سنڌ حڪومت کي منتقل ڪيو ويو. ڪجهه وقت کانپوءِ وفاقي حڪومت اوچتو سڀني اسپتالن بشمول SICVD جي فنڊنگ بند ڪري ڇڏي. مراد علي شاهه جيڪو تڏهن سنڌ جو ناڻي وارو وزير هو، سنڌ جي بجيٽ مان فنڊز حاصل ڪري انهن منصوبن کي جاري رکيو جنهن لاءِ تڏهوڪي وڏي وزير قائم علي شاهه سان صلاح مشورا ڪيا ويا. مراد شاهه ٻڌايو ته جيتوڻيڪ عدالت حڪم ڏنو ته (IJPMC، NICVD ۽ NICH) اسپتال وفاق کي واپس ڪيا وڃن پر سنڌ انهن تي اڳ ۾ ئي وڏي پيماني تي سيڙپڪاري ڪري چڪو هو. هن چيو ته سنڌ حڪومت وفاقي حڪومت جي فيصلي جي مخالفت ڪئي ۽ وفاق پاران اسپتالن کي سنڌ جي فنڊنگ سان هلائڻ واري تجويز تي شڪ ظاهر ڪيو ويو. سيڙپڪاري جي حفاظت ۽ اسپتالن تي ڪنٽرول برقرار رکڻ لاءِ سنڌ حڪومت SICVD کي هڪ خودمختيار اداري طور قائم ڪيو ته جيئن وفاقي حڪومت اسپتال تي ٻيهر دعويٰ نه ڪري سگهي. وڏي وزير پنهنجي حڪومت تي ٿيندڙ تنقيد کي قبول ڪيو پر انکي همٿ افزائي جو ذريعو قرار ڏنو. هن چيو ته مريضن کي NICVD، SICVD ۽ سنڌ انسٽيٽيوٽ آف يورولوجي اينڊ ٽرانسپلانٽيشن (SIUT) مان وڏي سهولت ملي آهي. مراد شاهه اعلان ڪيو ته ايندڙ سال اسپتال ۾ ٻيو ڪيٿيٽرائزيشن ليب ۽ سرجري آپريشن ٿيئٽر قائم ڪيو ويندو. مالي ۽ سماجي چئلينجن بابت ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته ايندڙ بجيٽ ڏکي هوندي ڇاڪاڻ ته خرچ وڌي رهيا آهن ۽ ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ ڪوششون جاري آهن. هن چيو ته مشڪلاتن باوجود سنڌ حڪومت صحت جي سهولتن جي معيار تي ڪا به سوديبازي نه ڪئي آهي. وڏي وزير شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي صحت بابت وزن جي واکاڻ ڪئي ۽ سندن شروع ڪيل منصوبن، جهڙوڪ ليڊي هيلٿ ورڪرن جو نيٽ ورڪ ۽ پوليو جي خاتمي جي ڪوششن کي اجاڳر ڪيو. هن چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري به هن نيٽ ورڪ کي صوبي جي هر ڪنڊڪڙڇ تائين وڌائڻ جي حمايت ڪئي آهي ۽ مقامي نمائندن جي اسپتال جي قيام لاءِ حڪومت تي دٻاءُ وڌو ۽ اهم ڪردار ادا ڪيو.
ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه؛ وڏي وزير مراد شاهه ميڊيا سان ڳالهائيندي SICVD جي بهتري لاءِ جاري ڪوششن جي خاطري ڪرائي. هن NICVD ۾ موجود مسئلن جو اعتراف ڪيو پر چيو ته اهي پراڻا مسئلا آهن جن تي اڳ ئي نيب (NAB) جاچ ڪري چڪو آهي. تازو پيش آيل مورو واقعي بابت هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير تشدد جي مذمت ڪئي ۽ انکي سياسي سازش قرار ڏنو. هن متاثرن جي تدفين عزت ۽ احترام سان ڪرڻ جي تصديق ڪئي ۽ حل ٿيل معاملي کي ٻيهر اٿارڻ تي تنقيد ڪئي. وڏي وزير منشيات جي مسئلي تي پڻ ڳالهايو ۽ ان جو نوجوانن تي تباهه ڪندڙ اثرن تي اتفاق ڪندي قانون سازي ۾ اڳڀرائي جو وعدو ڪيو. هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته بجلي جي بندش هڪ وڏو مسئلو آهي، سنڌ حڪومت وفاقي حڪومت تي حيسڪو (HESCO) جي ڪنٽرول ڏيڻ لاءِ زور ڀري رهي آهي ۽ بجلي جي ورڇ ۾ پبلڪ-پرائيويٽ شراڪتداري جا منصوبا ٺاهيا پيا وڃن. ان موقعي تي صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو پڻ خطاب ڪيو.
Back