وڏي وزير مراد علي شاهه ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف ڪريڪ ڊائون جو جائزو ورتو

وڏي وزير مراد علي شاهه ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف ڪريڪ ڊائون جو جائزو ورتو

Posted on: 17 Sep 2025   Tags:

ڪراچي (16 سيپٽمبر): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪچي علائقي ۾ ڏوهارين خلاف جاري ڪريڪ ڊائون جو جائزو وٺندي زور ڏنو ته ڪچي جي ڏوهارين جو خاتمو ڪنهن به صورت ۾ ڳالهين ذريعي ممڪن نه آهي، اهو هر حالت ۾ يقيني بڻايو وڃي. وڏي وزير چيف سيڪريٽري آصف حيدر کي هدايت ڪئي ته ڪچي علائقن جي انفراسٽرڪچر لاءِ تفصيلي منصوبي تيار ڪيو وڃي جنهن ۾ روڊ، اسڪول، اسپتالون، ڊسپينسريون ۽ ٽرانسپورٽ جون سهولتون شامل هجن. وڏي وزير يقين ڏياريو ته جڏهن به ٻوڏ جي صورتحال بهتر ٿيندي ته بحالي ۽ ترقياتي منصوبا شروع ڪيا ويندا. اهو اجلاس وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيو جنهن ۾ صوبائي گھرو وزير ضياءُ الحسن لنجار، ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ، گھرو سيڪريٽري اقبال ميمڻ، پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، ڪمشنر ڪراچي حسن نقوي، سينيئر ميمبر بورڊ آف ريوينيو خالد حيدر شاهه، سيڪريٽري بلديات وسيم شمشاد، ايڊيشنل آءِ جي آزاد خان، واٽر بورڊ جو سي او او اسد الله خان ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. سيد مراد علي شاهه پوليس اختيارين کي هدايت ڪئي ته ڏوهارين خلاف انٽيليجنس بنيادن تي آپريشن ۾ وڌيڪ تيزي آندي وڃي. هن چيو ته ڪچي جا علائقا ٻوڏ جي پاڻي ۾ آيل آهن ۽ ڏوهاري اتان نڪري ويا هوندا اهو ئي وقت آهي ته انهن کي ختم ڪيو وڃي. آپريشن کي هر حال ۾ تيز ڪيو وڃي. گھرو وزير ضياءُ الحسن لنجار ۽ آءِ جي غلام نبي ميمڻ وڏي وزير کي آپريشن جي اڳڀرائي بابت آگاهه ڪيو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته آڪٽوبر 2024 کان ڪچي علائقي ۾ ٽيڪنالاجي بنياد تي آپريشن ۾ تيزي آندي وئي آهي. اڃا تائين 760 ٽارگيٽڊ آپريشن ۽ 352 سرچ آپريشن ڪيا ويا آهن. جنوري 2024 کان اڄ تائين 159 ڏوهاري ماريا ويا آهن جن ۾ سکر ۾ 10، گھوٽڪي ۾ 14، ڪشمور ۾ 46 ۽ شڪارپور ۾ 89 شامل آهن. ان کان سواءِ 823 ڏوهاري گرفتار ٿيا آهن جڏهن ته 8 انتهائي گهربل ڏوهاري به ماريا ويا آهن. پوليس 962 مختلف قسم جا هٿيار به هٿ ڪيا آهن. وڏي وزير زور ڏنو ته ڪچي جي ڏوهارين جو خاتمو لازمي آهي ۽ اهو هر صورت ۾ يقيني بڻايو وڃي. هن چيف سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته ڪچي علائقن لاءِ جامع ترقياتي منصوبي تيار ڪيو وڃي جنهن ۾ روڊ، اسڪول، اسپتالون، ڊسپينسريون ۽ ٽرانسپورٽ جون سهولتون شامل هجن. هن يقين ڏياريو ته جيئن ئي سيلاب جي صورتحال بهتر ٿيندي، بحالي ۽ ترقياتي منصوبا شروع ڪيا ويندا. سيد مراد علي شاهه چيو ته گھوٽڪي-ڪنڌڪوٽ پل جي تعمير سان سمورو علائقو کلي ويندو، رابطن ۾ بهتري ايندي ۽ امن امان جي صورتحال ۾ به سڌارو ايندو. هن چيو ته سنڌ حڪومت جي پهرين ترجيح هر حال ۾ امن امان جي بحالي آهي.

هڪ ٻي اجلاس ۾ وڏي وزير مراد علي شاهه ڪراچي ۾ غيرقانوني هائيڊرنٽس ۽ ٽينڪرن خلاف ڪارروائي جو جائزو ورتو. ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب ٻڌايو ته اڃا تائين 243 غيرقانوني هائيڊرنٽس ڊاهي پٽ ڪيا ويا آهن، 212 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن ۽ 103 ماڻهو گرفتار ڪيا ويا آهن. هن وڌيڪ ٻڌايو ته ھيستائين 3200 ٽينڪر کي QR ڪوڊ ذريعي رجسٽرڊ ڪيو ويو آهي جنهن سان پاڻي جي ورهاست جو نظام بهتر ٿيو آهي ۽ واٽر بورڊ جي آمدني ۾ 6 ڪروڙ رپين جو اضافو ٿيو آهي. وڏي وزير مراد علي شاهه هدايت ڪئي ته غيرقانوني ٽينڪر مافيا خلاف ڪريڪ ڊائون ان وقت تائين جاري رکيو وڃي جيستائين اهو مڪمل طور ختم نه ڪيو وڃي.

Back