وڏي وزير مراد علي شاهه جامشورو ۾ نئين تعمير ڪيل جديد ماءُ ۽ ٻار جي صحت مرڪز جو افتتاح ڪيو

وڏي وزير مراد علي شاهه جامشورو ۾ نئين تعمير ڪيل جديد ماءُ ۽ ٻار جي صحت مرڪز جو افتتاح ڪيو

Posted on: 26 Jul 2025   Tags:

جامشورو (25 جولائي): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جمعي ڏينهن لياقت يونيورسٽي اسپتال جامشورو ۾ تعمير ڪيل جديد ماءُ ۽ ٻار جي صحت مرڪز جو افتتاح ڪيو جيڪو صوبي ۾ زچگي ۽ ٻارن جي صحت جي بهتري لاءِ هڪ اهم سنگ ميل قرار ڏنو پيو وڃي. هي منصوبو جاپان انٽرنيشنل ڪوآپريشن ايجنسي (جائڪا) جي ڀرپور سهڪار سان مڪمل ٿيو جنهن کي سنڌ ۽ جاپان جي وچ ۾ هڪ پائيدار دوستي جي علامت قرار ڏنو ويو. افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزير چيو ته هي مرڪز "اميد جي روشني ۽ ماءُ ۽ ٻار جي صحت لاءِ هڪ نئين صبح آهي"، ۽ جاپاني حڪومت ۽ عوام جو دل جي گهراين سان شڪريو ادا ڪيو. هن چيو "هي اسپتال رڳو سِرن ۽ سيمينٽ جي عمارت نه آهي پر اها همدردي، ترقي ۽ صحت مند نسلن لاءِ اسان جي گڏيل ويزن جو مظاهرو آهي." هن اسپتال جو تعميراتي ڪم جولاءِ 2018 ۾ شروع ٿيو ۽ سالانه ترقياتي پروگرام 2025-26 جي تحت 331 ملين رپين جي لاڳت سان مڪمل ڪيو ويو. نون 128 بسترن جي اضافي سان اسپتال جي مجموعي گنجائش 856 بسترن تائين پهچي وئي آهي. اسپتال جديد طبي سامان ۽ تربيت يافته عملي سان ليس آهي جيڪو 24 ڪلاڪ زچگي ۽ ٻارن جي صحت جي سهولتون مهيا ڪندو. هي اسپتال ايندڙ هفتي کان باضابطه ڪم شروع ڪري ڇڏيندو جنهن مان حيدرآباد ڊويزن سميت آس پاس وارن علائقن جا لکين ماڻهو فائدو وٺندا. وڏي وزير جاپان جي سفير مسٽر شيوچي اوڪوموٽو ۽ جائيڪا جي سنڌ جي صحت واري شعبي ۾ خاص طور تي مشڪل حالتن دوران مسلسل مدد تي خراج تحسين پيش ڪيو. هن چيو ته هي منصوبو "بين الاقوامي سهڪار جي هڪ ڪامياب ڪهاڻي آهي جيڪا اسان جي صحت جي نظام کي ايندڙ نسلن لاءِ مضبوط بڻائيندي." صحت جي نيٽورڪ ۾ واڌ: مراد علي شاهه ان موقعي تي شهدادپور، قمبر-شهدادڪوٽ، سجاول ۽ ميرپور ماٿيلو ۾ چار نوان سيٽلائيٽ صحت مرڪز قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو جيڪي ڏورانھن علائقن ۾ 24 ڪلاڪ زچگي ۽ ٻارن جي طبي سهولتون مهيا ڪندا ته جيئن هر طبقو معقول صحت جي سهولتن تائين رسائي حاصل ڪري سگهي. هن موبائل صحت يونٽن ۽ ٽيلي ميڊيسن جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو ته اهي انهن خاندانن لاءِ زندگيءَ جو ساهه بڻيا آهن جيڪي اڳ وقتائتا علاج کان ڪلاڪن جي پنڌ تي هئا. وڏي وزير سنڌ انسٽيٽيوٽ آف چائلڊ هيلٿ اينڊ نيو نيٽالاجي (SICHN) کي هڪ اهم ڪاميابي قرار ڏيندي چيو ته هي ادارو ڪراچي مان شروعات ڪري هاڻي صوبي جي مختلف علائقن تائين ڦهلجي ويو آهي. هن ادارو دنيا جي سڀ کان وڏي پبلڪ نيونيٽل انٽينسيو ڪيئر يونٽ (NICU) سسٽم مان هڪ آهي، جنهن ۾ 262 کان وڌيڪ انڪيوبيٽرز موجود آهن. اها ڳالهه خاص ذڪر جي لائق آهي ته هر سال SICHN ۾ 5 لک کان وڌيڪ ٻارن جو علاج ڪيو ويندو آهي ۽ 91 سيڪڙو جي حيرت انگيز زنده بچاءَ واري شرح آهي. سنڌ ۾ نون ڄاول ٻارن جي فوتگين جي شرح 1000 ڄاول ٻارن ۾ 54 مان گهٽجي 29 ٿي وئي آهي، جيڪا هڪ قابل فخر تبديلي آهي. وڏي وزير چيو "اڄ سنڌ جو هر ٻار ايمرجنسي صحت جي سهولت کان فقط 30 منٽ جي مفاصلي تي آهي جيڪو ڪجهه سال اڳ سوچي به نه سگهجي ها." مراد علي شاهه چائلڊ لائيف فائونڊيشن جي خدمتن کي به ساراهيو، جيڪا هر تعلقه اسپتال ۾ نيو نيٽال يونٽ هلائڻ لاءِ حڪومت سان شراڪت ۾ آهي. هن چيو ته SICHN انفراسٽرڪچر ۽ علاج جي معيار جي لحاظ سان خانگي اسپتالن جي برابر، ۽ ڪڏهن ڪڏهن ان کان به بهتر آهي. وڏي وزير سنڌ جي ٻين انقلابي قدمن جو پڻ ذڪر ڪيو، جن ۾ گمبٽ انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز (GIMS) ۾ ليور ٽرانسپلانٽ، SIUT ۾ گردي جي پيوندڪاري، ۽ جناح اسپتال ڪراچي ۾ ڪينسر جو مڪمل مفت علاج شامل آهن. هن چيو ته "هر ڪينسر جي مريض تي لڳ ڀڳ ھڪ لک آمريڪي ڊالرن جو خرچ حڪومت سنڌ برداشت ڪري رهي آهي." هن چيو "اهي رڳو اسپتالون نه آهن پر سماج لاءِ اميد جون شمعون آهن — ايندڙ نسلن لاءِ زندگي جون لائينون." ارڙهين آئيني ترميم کانپوءِ پيدا ٿيل چئلينجن جو ذڪر ڪندي وڏي وزير وفاق طرفان صحت جا ادارا واپس وٺڻ جي ڪوششن تي سخت تنقيد ڪئي. هن چيو "صحت هاڻي هڪ صوبائي معاملو آهي، ۽ اسين پنهنجي اختيارن ۽ ادارن کي ناجائز قبضي کان بچائينداسين." آخر ۾ وڏي وزير، صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو جي رهنمائي تي سندن ٿورائتا ٿيندي چيو ته سندن قيادت ۾ سنڌ جو صحت وارو نظام هڪ نئين شڪل اختيار ڪري چڪو آهي. وڏي وزير چيو "ٻار جي ڄم جو وقت خوف نه پر اميد جو هجڻ گھرجي. اسان جو مشن آهي ته ڪا به ماءُ زچگي دوران فوت نه ٿئي ۽ هر ٻارکي زندگي جي شروعات ۾ بهترين طبي سهولتون مهيا ٿين." صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو به تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزير جي بيان جي حمايت ڪئي ۽ چيو "اهي صرف اسپتالون نه آهن، پر سماج لاءِ اميد جا مرڪز آهن — مستقبل جي نسلن لاءِ لائف لائينون." جاپان جي سفير مسٽر شيوچي اوڪوموٽو چيو ته هي صحت مرڪز جاپان پاران حيدرآباد ڊويزن جي عوام لاءِ هڪ تحفو آهي. تقريب جي پڄاڻي سنڌ ۽ جاپان جي وچ ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي عزم ۽ هر ماءُ ۽ ٻار جي ڀلائي لاءِ گڏيل جدوجهد جي تجديد سان ٿيو. تقريب ۾ صحت سيڪريٽري ريحان بلوچ ۽ SICHN جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر پروفيسر جمال رضا به خطاب ڪيو.

Back