وڏي وزير مراد علي شاهه جو ورلڊ ڪلين اپ ڊي جو پيغام

وڏي وزير مراد علي شاهه جو ورلڊ ڪلين اپ ڊي جو پيغام

Posted on: 24 Sep 2025   Tags:

ورلڊ ڪلين اپ ڊي جي موقعي تي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پنهنجي پيغام ۾ ماحولياتي صفائي جي اهميت اجاگر ڪئي۔ هن چيو ته ماحول کي صاف رکڻ اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي جڏهن⁠ته سنڌ جي سامونڊي پٽي کي آلاڻ کان بچائڻ حڪومت جي اهم ترجيحن مان آهي۔ وڏي وزير چيو ته سامونڊي آلودگي سڄي دنيا لاءِ وڏو خطرو آهي تنهنڪري ڪراچي ۽ ٻين سامونڊي شهرن کي صاف رکڻ عالمي اهميت رکي ٿو۔ هن چيو ته عوام جي سهڪار کان سواءِ صاف ۽ صحتمند ماحول قائم نٿو ٿي سگهي۔ وڏي وزير چيو صاف ماحول، صحتمند زندگي لاءِ لازمي آهي۔ ورلڊ ڪلين اپ ڊي جي موقعي تي سنڌ حڪومت پلاسٽڪ جي استعمال ۾ گهٽتائي جي عزم کي ٻيهر ورجايو۔ وڏي وزير چيو ته صحتمند ماحول، صاف ساحل ۽ پائيدار مستقبل ئي حقيقي ترقي جون ضمانتون آهن۔ سيد مراد علي شاهه عوام کي اپيل ڪئي ته هو پنهنجا شهر ۽ ڳوٺ ڪچري کان پاڪ ڪرڻ لاءِ اڳتي اچن، وڻڪاري مهم ۾ حصو وٺن ۽ فضول خرچي گهٽائڻ ۾ سهڪار ڪن۔ وڏي وزير پنهنجي پيغام جي پڄاڻي ۾ چيو تھ اسان سنڌ کي وڌيڪ سائو ۽ صحتمند بڻائڻ جي پنهنجي عزم کي ورجايون ٿا۔

Back