وڏي وزير مراد علي شاهه جي ورلڊ بينڪ جي رينجنل نائب صدر سان اسٽرٽيجڪ مشاورت

وڏي وزير مراد علي شاهه جي ورلڊ بينڪ جي رينجنل نائب صدر سان اسٽرٽيجڪ مشاورت

Posted on: 15 Feb 2026   Tags:
ڪراچي (20 جنوري): هڪ اعليٰ سطحي اسٽرٽيجڪ مشاورت دوران سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاه، ڏکڻ ايشيا لاءِ عالمي بينڪ جي ريجنل نائب صدر (مشرقِ وسطىٰ، اتر آفريڪا، افغانستان ۽ پاڪستان پروگرام) مسٽر عثمان ديوني سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ صوبي ۾ جاري ۽ ايندڙ وڏن ترقياتي منصوبن جو جائزو ورتو ويو ۽ انهن تي عملدرآمد جي رفتار تيز ڪرڻ بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ عالمي بينڪ جي صدر جي متوقع دوري جي حتمي تيارين، پاڻي جي بنيادي ڍانچي ۽ سماجي تحفظ جي پروگرامن ۾ اڳڀرائي تي خاص ڌيان ڏنو ويو. ملاقات دوران وڏي وزير سيد مراد علي شاه سنڌ جي ترجيحن ۽ اصلاحي ايجنڊا تي روشني وجهندي چيو ته اسان اهڙين ساختي سڌارن لاءِ پرعزم آهيون جيڪي عوام لاءِ حقيقي ۽ ماپ لائق نتيجا آڻين. هن چيو ته عالمي بينڪ سان شراڪتداري پاڻي جي فراهمي ۾ بهتري، ٻارن ۾ غذائي قلت گهٽائڻ ۽ سماجي تحفظ جي دائري کي وڌائڻ لاءِ انتهائي اهم آهي، جيئن ترقي جا فائدا سنڌ جي سڀ کان وڌيڪ ڪمزور آبادي تائين پهچي سگهن. مسٽر عثمان ديوني سنڌ سان عالمي بينڪ جي ڊگهي مدي وارن لاڳاپن ۽ عزم جي تصديق ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ عالمي بينڪ لاءِ سنڌ هڪ اهم شراڪتدار صوبو آهي. اسان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهيون ته جيئن شهري ۽ ديهي علائقن ۾ محفوظ پيئڻ جو پاڻي، ماءُ ۽ ٻار جي بهتر صحت، ۽ غريب خاندانن لاءِ مضبوط حفاظتي نيٽ ورڪ جهڙا هدف عملي نتيجن ۾ تبديل ٿي سگهن. وڏي وزير سيد مراد علي شاه ۽ عالمي بينڪ جي ريجنل نائب صدر عثمان ديوني سنڌ لاءِ ڪثير ارب ڊالرن تي ٻڌل ترقياتي منصوبن جي پورٽ فوليو جو تفصيلي جائزو ورتو. ملاقات ۾ ساختي سڌارن ۽ ڪنٽري پارٽنرشپ فريم ورڪ (CPF) جي اثرائتي نفاذ بابت گڏيل عزم تي زور ڏنو ويو، جنهن جو مجموعي مقصد جامع، لچڪدار ۽ موسمياتي لحاظ کان ذهين ترقي حاصل ڪرڻ آهي. هيٺين منصوبن تي تفصيلي غور ڪيو ويو: ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج سروسز امپروومينٽ پروجيڪٽ (پاڻي ۽ سيوريج): ملاقات ۾ ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج سروسز امپروومينٽ پروجيڪٽ جي ٻنهي مرحلن جو جائزو ورتو ويو. پهريون مرحلو جون 2026ع تائين مڪمل ٿيڻ جي ويجهو آهي جڏهن ته انٽرنيشنل بينڪ فار ريڪنسٽرڪشن اينڊ ڊولپمينٽ (IBRD) جي 77 سيڪڙو فنڊز اڳ ئي جاري ڪيا ويا آهن. ٻيو مرحلو، جنهن جي لاڳت 1.2 ارب ڊالر آهي، محفوظ نموني منظم پاڻي جي خدمتن ۽ ڪي-فور (K-IV) پاڻي منصوبي جي توسيع تي مرڪوز آهي. وڏي وزير چيو ته ڪراچي ۾ پاڻي ۽ سيوريج جون سڌارا رڳو بنيادي ڍانچي جا منصوبا ناهن پر اهي لکين شهرين جي عزتِ نفس ۽ عوامي صحت سان سڌو سنئون لاڳاپيل آهن. هن چيو ته ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج سروسز امپروومينٽ پروجيڪٽ ۽ ڪي-فور جي توسيع ذريعي اسان جو هدف شهر جي هر گهر تائين محفوظ ۽ قابلِ اعتماد پاڻي پهچائڻ آهي. مسٽر ديوني چيو ته ڪراچي دنيا جي وڏن شهرن مان هڪ آهي ۽ هتي پاڻي ۽ صفائي جا مسئلا پيچيده آهن. هن منصوبي تحت اسين عالمي سطح جون بهترين عملي روايتون ۽ مالي وسيلا استعمال ڪري رهيا آهيون، جيئن سنڌ حڪومت جي جديد، مؤثر ۽ مالي طور پائيدار پاڻي اداري جي ويزن جي حمايت ڪري سگهجي. اسٽارز واٽر، سينيٽيشن اينڊ هائجين (STARS WASH): ڳوٺاڻن علائقن ۾ پاڻي، صفائي ۽ حفظانِ صحت جي شعبي ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ کي پاڻي جي معيار ۾ بهتري ۽ کليل هنڌن تي رفعِ حاجت جي خاتمي لاءِ اعليٰ ترجيح قرار ڏنو ويو. وڏي وزير چيو ته ڳوٺاڻن ۾ محفوظ پاڻي ۽ صفائي اسان جي انساني ترقي واري حڪمتِ عملي جو بنياد آهن. اسٽارز واٽر، سينيٽيشن اينڊ هائجين منصوبي ذريعي اسان چاهيون ٿا ته ڳوٺن ۾ صاف پاڻي، مناسب صفائي ۽ حفظانِ صحت بابت آگاهي فراهم ڪئي وڃي، جيئن قابلِ علاج بيمارين ۾ نمايان گهٽتائي آڻي سگهجي. مسٽر ديوني هن ترجيح کي ساراهيندي چيو ته ديهي علائقن ۾ پاڻي، صفائي ۽ حفظانِ صحت ۾ سيڙپڪاري ترقي جي شعبي ۾ انتهائي وڌيڪ فائدو ڏيندڙ ثابت ٿئي ٿي. سنڌ حڪومت سان گڏجي اسين اهو يقيني بڻائڻ چاهيون ٿا ته ٻار صحتمند نموني وڌن، باقاعدگي سان اسڪول وڃن ۽ پنهنجي مڪمل صلاحيتن کي اجاگر ڪن. سماجي تحفظ: ملاقات ۾ ٻڌايو ويو ته سماجي تحفظ لاءِ فنڊز جي ادائيگيون وڌي 58.31 ملين ڊالر تائين پهچي چڪيون آهن، جن ۾ ماءُ ۽ ٻار جي معاونتي پروگرام تي خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي. وڏي وزير سماجي تحفظ جي اهميت اجاگر ڪندي چيو ته ماءُ ۽ ٻار جو معاونتي پروگرام خاندانن کي صحت جي بحرانن يا آمدني ۾ گهٽتائي سبب وڌيڪ غربت ۾ وڃڻ کان بچائڻ لاءِ تيار ڪيو ويو آهي. هن چيو ته نقد مدد کي صحت ۽ غذائيت جي خدمتن سان ڳنڍي اسين هڪ وڌيڪ مضبوط ۽ جامع سماجي تحفظ وارو نظام جوڙي رهيا آهيون. مسٽر ديوني مربوط نظامِ ترسيل جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته اثرائتي سماجي تحفظ لاءِ مضبوط ڊيٽا، درست هدف بندي ۽ مختلف کاتن جي وچ ۾ هم آهنگي ضروري آهي. اسان سنڌ سان گڏجي اهڙا نظام ٺاهيندا رهنداسين، جيڪي شفاف، جوابده ۽ شهرين جي ضرورتن مطابق هجن. ملاقات ۾ ٻنهي ڌرين طرفان اعليٰ سطحي وفود شرڪت ڪئي. عالمي بينڪ جي وفد ۾ ڪنٽري ڊائريڪٽر مس بولورما آمگابازر، ريجنل پريڪٽس ڊائريڪٽر مسٽر سنديپ مهراجن ۽ آپريشنز منيجر مسٽر گيليئس جي ڊراگيليس شامل هئا. جڏهن ته سنڌ حڪومت جي نمائندگي بلديات، پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ ۽ آبپاشي کاتن جي وزير جام خان شورو، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاه، ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب ۽ ٻين عملدارن ڪئي. خيالن جي ڏي وٺ دوران منصوبن جي عملدرآمد ۾ پيش ايندڙ رڪاوٽن جو جائزو ورتو ويو، خريداري ۽ فنڊز جي اجرا کي تيز ڪرڻ بابت آپشنز تي غور ڪيو ويو ۽ هر وڏي منصوبي لاءِ واضح ٽائم لائينز ۽ ذميواريون مقرر ڪيون ويون. وڏي وزير سيد مراد علي شاه چيو ته هي رڳو معاهدن تي صحيحن جو معاملو ناهي پر عملي عملدرآمد جو آهي. اسان عملدرآمد کي تيز ڪرڻ لاءِ ٺوس قدمن تي اتفاق ڪيو آهي، جيئن سنڌ جا ماڻهو پنهنجي روزمره زندگي ۾ انهن منصوبن جا اثر محسوس ڪري سگهن. مسٽر ديوني پڻ ساڳئي عزم جو اظهار ڪندي چيو ته اڄ جي ڳالهه ٻولهه انتهائي عملي ۽ حل تي ٻڌل هئي. جيئن جيئن اسين نيشنل ڪنٽري پارٽنرشپ فريم ورڪ ورڪشاپ ڏانهن وڌي رهيا آهيون، اسان چاهيون ٿا ته هي رفتار برقرار رهي جيئن هر سيڙپڪاري سنڌ جي عوام لاءِ بهتر خدمتن ۽ موقعن ۾ تبديل ٿي سگهي.
Back