وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت ۾ ADP منصوبن تي جائزو اجلاس

وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت ۾ ADP منصوبن تي جائزو اجلاس

Posted on: 02 Nov 2025   Tags:

ڪراچي (30 آڪٽوبر): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ وزيراعليٰ هائوس ۾ اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ سالياني ترقياتي پروگرام (ADP) تحت جاري منصوبن بابت اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو۔ اجلاس دوران خاص طور تي نيشنل ميڊيڪل ڪمپليڪس جي تعميراتي منصوبي تي تفصيلي بحث ڪيو ويو جيڪو نيشنل هاءِ وي تي بن قاسم جي ويجهو تيزيءَ سان تعمير هيٺ آهي۔ اجلاس ۾ سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ، صوبائي وزيرِ صحت ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو، وزيرِ آبپاشي جام خان شورو، چيئرمين پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ بورڊ نجم شاهه، وڏي وزير جو سيڪريٽري رحيم شيخ، سيڪريٽري ناڻو فياض جتوئي، سيڪريٽري ورڪس نواز سوهو ۽ سيڪريٽري صحت ريحان بلوچ پڻ شرڪت ڪئي۔ بريفنگ دوران وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته نيشنل ميڊيڪل ڪمپليڪس صحت جي شعبي جو هڪ وڏو صوبائي منصوبو آهي جنهن جي مجموعي لاڳت 4645.27 ملين رپيا آهي جن مان 1017.144 ملين رپيا اڳ ۾ ئي خرچ ڪيا ويا آهن جڏهن ته موجوده مالي سال لاءِ 545.772 ملين رپيا رکيا ويا آهن۔ وڏي وزير مراد علي شاهه هدايت ڪئي ته رکيل فنڊ فوري طور جاري ڪيا وڃن ته جيئن ڪم جي رفتار ۾ تيزي آڻي سگهجي۔ هن ورڪس اينڊ سروسز ڊپارٽمينٽ کي حڪم ڏنو ته 290 بسترن تي ٻڌل ڪمپليڪس، خاص طور اسپتال جي عمارت تي ڪم کي وڌيڪ تيز ڪيو وڃي ته جيئن منصوبي کي وقت سر مڪمل ڪيو وڃي۔ وڏي وزير وڌيڪ هدايت ڪئي ته لاڳاپيل کاتا ايندڙ مهيني جي پڇاڙي تائين طبي سامان جي خريداري جو عمل شروع ڪن ۽ چيو ته جيئن جيئن تعميراتي ڪم اڳتي وڌندو، اضافي فنڊ به وقت سر جاري ڪيا ويندا۔ مراد علي شاهه چيو مان چاهيان ٿو ته هي منصوبو بنا ڪنهن دير جي مڪمل ٿئي ۽ منهنجو ارادو آهي ته جون 2026 تائين نيشنل ميڊيڪل ڪمپليڪس جو افتتاح ڪريان۔ هن منصوبي جي اهميت تي زور ڏيندي وڏي وزير چيو ته هي اسپتال ڪراچي ۽ ويجهن ضلعن جي رهواسين لاءِ صحت جي سهولتن تائين آسان رسائي فراهم ڪندي۔ وڏي وزير وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت صحت جي شعبي جي سڀني ADP منصوبن کي بروقت ۽ معياري نموني مڪمل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي۔

Back