وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ اهم اجلاس، صوبائي ترقياتي حڪمت عملي ۽ سيڙپڪاري منصوبن جو جائزو

وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ اهم اجلاس، صوبائي ترقياتي حڪمت عملي ۽ سيڙپڪاري منصوبن جو جائزو

Posted on: 30 Dec 2025   Tags:

ڪراچي (22 ڊسمبر): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سومر ڏينهن پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ ۽ ناڻي کاتن جي گڏيل اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪئي جنهن ۾ موجوده مالي سال لاءِ صوبي جي ترقياتي حڪمتِ عملي ۽ سيڙپڪاري منصوبن جو جائزو ورتو ويو۔ اجلاس وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيو جتي مضبوط ۽ شموليت تي ٻڌل سنڌ لاءِ جامع ويزن پيش ڪيو ويو جنهن تحت مجموعي طور 1018 ارب رپين جي ترقياتي حجم جو تعين ڪيو ويو آهي۔ اجلاس ۾ صوبائي وزير پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ ڄام خان شورو، صوبائي وزير ورڪس حاجي علي حسن زرداري، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، چيئرمين پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ نجم شاهه، وزيراعليٰ جو سيڪريٽري رحيم شيخ، سيڪريٽري ناڻو فياض جتوئي، سيڪريٽري ورڪس نواز سوهو ۽ ٻيا اعليٰ عملدار شريڪ ٿيا۔ اسٽرٽيجڪ ويزن ۽ انفرااسٽرڪچر جي مضبوطي: پنهنجو ويزن بيان ڪندي وڏي وزير چيو ته ترقياتي حڪمتِ عملي 2025-26 موسمي تبديليءَ سان هم آهنگ انفرااسٽرڪچر، عمارتن، روڊن ۽ رهائشي منصوبن تي مرڪوز آهي۔ هن پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ کاتي کي هدايت ڪئي ته اهڙن منصوبن کي ترجيح ڏني وڃي جيڪي موسمي لچڪ وڌائن ۽ يقيني بڻايو وڃي ته سڀ نوان منصوبا شديد موسمي حالتن کي منهن ڏيڻ جي سگهه رکن۔ هن لاڳاپيل کاتن کي پڻ هدايت ڪئي ته منصوبابندي ۽ منظوري جي مرحلن ۾ آفتن جي خطري کي شامل ڪيو وڃي۔ وڏي وزير چيو ته اسان جي ترقياتي حڪمتِ عملي جو بنيادي محور موسمي طور مضبوط انفرااسٽرڪچر، تيز رفتار ٻوڏ بحالي ۽ شموليت تي ٻڌل ترقي آهي۔ مان چاهيان ٿو ته ترقي تي خرچ ٿيندڙ هر رپيو غربت ۾ گهٽتائي ۽ پائيدار ترقي جي هدفن جي حاصلات ۾ ڪردار ادا ڪري۔ هن چيو ته ٻوڏ متاثر علائقن جي بحاليءَ ۾ متاثر ٿيل تعليمي ۽ صحت ادارن جي بحالي شامل هوندي جڏهن ته بهتر رابطن سان وڏا شهر ڳنڍبا ۽ شهري مرڪزن ۾ ماس ٽرانزٽ نظام کي هٿي ملندي۔ هن زور ڏنو ته غربت ۾ گهٽتائي ۽ شموليت تي ٻڌل ترقي سڀني کاتن جي گڏيل ترجيح هئڻ گهرجي۔ سالياني ترقياتي پروگرام 2025-26:  وڏي وزير مراد علي شاهه ٻڌايو ته سنڌ حڪومت سالياني ترقياتي پروگرام 2025-26 تحت مختلف اهم شعبن لاءِ مجموعي طور 520 ارب رپيا رکيا آهن۔ روڊن جو انفرااسٽرڪچر: اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ته روڊن جي انفرااسٽرڪچر لاءِ 582 ارب رپين جو وڏو منصوبو تيار ڪيو ويو آهي جنهن ۾ ٻوڏ بحالي ۽ ٻين وڏن منصوبن تحت 970 ڪلوميٽر روڊن جي تعمير ۽ بحالي شامل آهي، جن ۾ سنڌ ڪوسٽل هاءِ وي پڻ شامل آهي۔ ڪراچي لاءِ مخصوص روڊ منصوبن تي 194 ارب رپيا رکيا ويا آهن جن ۾ شاهراهه ڀٽو ڪوريڊور، ملير ندي پل ۽ مختلف انڊرپاسز ۽ فلاءِ اوورز شامل آهن، جن جو مقصد ٽريفڪ جو دٻاءُ گهٽائڻ آهي۔ وڏي وزير ورڪس اينڊ سروسز کاتي کي هدايت ڪئي ته ڪراچي جي اهم روڊ منصوبن تي ڪم تيزيءَ سان مڪمل ڪيو وڃي ۽ معيار ۽ مقرر مدت تي سختي سان عمل ڪيو وڃي۔ هن خبردار ڪيو ته دير ۽ ناقص ڪم هرگز برداشت نه ڪيو ويندو۔ چيئرمين پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ نجم شاهه بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته سڀني وڏن روڊ منصوبن، خاص طور ڪراچي ۽ ٻوڏ متاثر ضلعن ۾، جسماني ۽ مالي اڳڀرائي جي نگراني لاءِ مانيٽرنگ نظام وڌيڪ مضبوط ڪيو پيو وڃي۔  تعليم: تعليم جي شعبي ۾ 340 ارب رپين جي سيڙپڪاري واري منصوبي جي منظوري ڏني وئي آهي جنهن تحت ٻوڏ متاثر 1600 سيڪنڊري اسڪولن جي ٻيهر تعمير، 9 نون ڪيڊٽ ڪاليجن جو قيام ۽ سکر ۾ عورتن جي يونيورسٽي جو قيام شامل آهي۔ وڏي وزير اسڪول ايجوڪيشن اينڊ لٽريسي کاتي کي هدايت ڪئي ته ٻوڏ متاثر علائقن ۾ اسڪولن جي بحالي جو ڪم ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪيو وڃي ته جيئن ٻار تعليم کان محروم نه ٿين۔ هن نون منصوبن ۾ ڇوڪرين جي تعليم تي خاص ڌيان ڏيڻ جي به هدايت ڪئي۔ صحت:  صحت جي شعبي لاءِ 300 ارب رپيا رکيا ويا آهن جن تحت 9 ڊسٽرڪٽ هيڊڪوارٽر اسپتالن جي واڌ  ۽ ڪراچي، حيدرآباد ۽ ٻين وڏن شهرن ۾ ميڊيڪل ڪاليج قائم ڪيا ويندا۔ ان کان علاوه 146.9 ارب رپيا گرانٽس اِن ايڊ طور رکيا ويا آهن ته جيئن ايس آءِ يو ٽي، اين آءِ سي وي ڊي ۽ انڊس اسپتال جهڙن ادارن جي ڪارڪردگي برقرار رهي۔ پاڻي، صفائي ۽ صحت: پاڻي، صفائي ۽ نيڪال جي شعبي لاءِ 930 ارب رپين کان وڌيڪ سيڙپڪاري جو منصوبو آهي، جنهن ۾ ڪراچي لاءِ ڪي-فور واٽر سپلاءِ منصوبو (136.9 ارب رپيا) ۽ حب ڪينال منصوبو شامل آهي۔ توانائي ۽ ٽرانسپورٽ: حڪمتِ عملي ۾ توانائي لاءِ 69.97 ارب رپين جو پيڪيج شامل آهي جڏهن ته ٽرانسپورٽ لاءِ 155.34 ارب رپين جا ريڊ، ييلو ۽ اورنج لائين بي آر ٽي منصوبا شامل آهن۔ دنيا جو سڀ کان وڏو هائوسنگ منصوبو:  سنڌ پيپلز هائوسنگ فار فلڊ افيڪٽيز منصوبو صوبائي ايجنڊا جو اهم ستون آهي جنهن جو مقصد 2022 جي ٻوڏ کان متاثر 21 لک گهرن جي بحالي آهي۔ هينئر تائين 20 لک گهرن جي تصديق ۽ لڳ ڀڳ 14 لک ادائيگيون مڪمل ٿي چڪيون آهن۔ جدت تي ٻڌل فنانسنگ ۽ عالمي ڀائيواريون:  وڏي وزير کي ڊيلٽا بليو ڪاربن منصوبي بابت آگاهه ڪيو ويو جنهن مان سالياني 15 کان 20 ملين ڊالر آمدني جي اميد آهي۔ ان کان علاوه عالمي ترقياتي ڀائيوارن طرفان فارن پروجيڪٽ اسسٽنس تحت 1557.65 ارب رپين جي سهائتا فراهم ڪئي پئي وڃي۔ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ : اجلاس ۾ سنڌ جي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ منصوبن جو به جائزو ورتو ويو، جن ۾ 148 ارب رپين جا مڪمل ۽ 130 ارب رپين جا جاري منصوبا شامل آهن۔ اجلاس جي پڄاڻيءَ تي سيد مراد علي شاهه زور ڏنو ته سڀئي کاتا گڏيل رابطي سان ڪم ڪن ته جيئن 1018 ارب رپين جي ترقياتي حڪمتِ عملي کي عملي طور عوام، خاص طور ٻوڏ متاثر ۽ پوئتي پيل علائقن جي ماڻهن جي زندگين ۾ واضح سڌاري ۾ تبديل ڪري سگهجي۔

Back