وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ اجلاس، شاهراه ڀٽو جي ڪم جو جائزو

وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ اجلاس، شاهراه ڀٽو جي ڪم جو جائزو

Posted on: 08 Apr 2025   Tags:

ڪراچي (7 اپريل): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ شاھراھ ڀٽو بابت ٿيندڙ اجلاس جي صدارت ڪئي جنهن ۾ کيس ڪورنگي ڪازوي تي انٽرچينج جي ڊيزائن کي منظوري ڏني ۽ ملير ۾ واقع ٽن ڳوٺن کي محفوظ ڪرڻ لاءِ چار ڪلوميٽر ڊگهي فلائي اوور جي تعمير جو پڻ حڪم ڏنو. وڏي وزير چيو ته ڪورنگي ڪازوي کان شاھراھ ڀٽو ڏانهن ويندڙ شروعاتي دڳ جام صادق انٽرچينج کان 200 ميٽر اڳ واقع آهي. ڊي ايڇ اي ۽ ڪورنگي ۾ رابطو بهتر ڪرڻ لاءِ موجوده ڪورنگي ڪازوي تي مستقل انٽرچينج يا چوڪ جي تعمير انتها ضروري آهي. هن چيو ته هن سان ڪورنگي، ڊي ايڇ اي ۽ شاھراھ فيصل (ڪي پي ٽي انٽرچينج) سميت سڀني پاسائن ٽريفڪ جو وهڪرو آسان ٿي ويندو. هن چيو ته شاھراھ ڀٽو جي حد تائين زميني ڪم تقريباً مڪمل ٿي چڪو آهي.  وڏي وزير شاھراھ ڀٽو جي پراجيڪٽ ڊائريڪٽر (پي ڊي) کي هدايت ڏني ته هو پي سي-1 تيار ڪري ۽ ايندڙ ٽن ڏينهن ۾ منصوبابندي ۽ ترقي (پي اينڊ ڊي) کاتي کي منظوري لاءِ پيش ڪري. هن ڪورنگي ڪازوي انٽرچينج چوڪ کي مڪمل ڪرڻ جي ڊيڊ لائن ڊسمبر 2025 مقرر ڪئي. مراد علي شاھ کي ٻڌايو ويو ته شاھراھ ڀٽو (جام صادق انٽرچينج) سان رابطي جو ڪم ان جي منظوري جي انتظار ۾ معطل هو.  تفصيلي بحث کان پوءِ هن انٽرچينج جي ڊيزائن کي منظوري ڏني.  جام صادق انٽرچينج تي ڪم 58 سيڪڙو تائين مڪمل ٿي چڪو آهي پر ييلو لائن پراجيڪٽ جي ڪري روڪيو ويو آهي.  وڏي وزير ٽرانسپورٽ کاتي کي هدايت ڏني ته ييلو لائن جو پنهنجو حصو جيڪو هڪ ڪلوميٽر ڊگهو آهي، جون تائين مڪمل ڪري ته جيئن انٽرچينج فعال ٿي سگهي.  ٽن ڳوٺن جي حفاظت لاءِ فلائي اوور تعمير ڪرڻ جوفيصلو: وڏي وزير ملير ندي جي ڪناري چار ڪلوميٽر فلائي اوور تعمير ڪرڻ جي منظوري ڏني ته جئين سمون ڳوٺ، لاسي ڳوٺ ۽ پراڻو شفيع گوٺ کي بي دخل کان بچائڻ بچائي سگهجي. فلائي اوور جو ڊيزائن هڪ ڪنسلٽنٽ پاران تيار ڪيو ويو آهي.  39 ڪلوميٽر ڊگهو شاھراھ ڀٽو هڪ تيز رفتار، ٽن لين واري جديد سهولتن سان لاڳاپيل ڪنٽرولڊ اڪسپريس وي آهي. اهو سنڌ جو سڀ کان وڏو پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ (پي پي پي) پراجيڪٽ آهي جيڪو ڊي ايڇ اي ۽ ڪورنگي کي حيدرآباد موٽر وي (ايم-9) سان ڪٺوري جي ويجهو ڳنڍي ٿو. شاھراھ ڀٽو ۾ ڇهه مختص انٽرچينجز آهن جيڪي اترئين ٽريفڪ ۽ ڪراچي جي مختلف صنعتي علاقن لاءِ تيز رسائي کي ممڪن بڻائين ٿا. ايڪسپريس وي ٽولنگ ميڪانزم جي چوڌاري ڊيزائن ڪيو ويو آهي جنهن ۾ سڀ داخلي ۽ خارجي پوائنٽس تي ٽول پلازا ۽ گيٽس جي سهولت موجود آهي.  وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته اي بي ايم انٽرچينج جو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي جڏهن ته قائدآباد انٽرچينج 85 سيڪڙو تائين مڪمل ٿي چڪو آهي. هن لاڳاپيل پراجيڪٽ ڊائريڪٽر کي هدايت ڏني ته هو ان کي 30 اپريل تائين مڪمل ڪري ٽريفڪ لاءِ کولي ڇڏي. هن چيو ته ڊملوٽي انٽرچينج تي ڪم جاري آهي پر ميمڻ ڳوٺ انٽرچينج تي ڪم ڪراچي اليڪٽرڪ (ڪي اي) ۽ مقامي کوهن ڪري سست ٿي ويو آهي. وڏي وزير توانائي ۽ بلديات کاتن کي هدايت ڪئي ته ڪي اي ۽ کوهن جي مداخلتن جي منتقلي ۾ تيزي آڻين.  شاھراھ ڀٽو 38.661 ڪلوميٽر ڊگهي، ٽن لين واري ڪيريج وي آهي جيڪا 100 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار لاءِ ڊيزائن ڪيل آهي. هن جو رائيٽ آف وي 100 ميٽر آهي ۽ ان ۾ ڇهه انٽرچينجز سان گڏ ٻه مرڪزي ٽول پلازا ۽ ڏهه وچولا پلازا موجود آهن. ڪورنگي ڪازوي کان قائدآباد تائين جو پھريون حصو 95 سيڪڙو تائين فزيڪل ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي جڏهن ته پراجيڪٽ جي مجموعي اڳڀرائي78 سيڪڙو آهي. 

Back