وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ڌاٻيجي اسپيشل اڪنامڪ زون جي اڳڀرائي بابت جائزو اجلاس

وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ڌاٻيجي اسپيشل اڪنامڪ زون جي اڳڀرائي بابت جائزو اجلاس

Posted on: 17 Apr 2025   Tags:

ڪراچي (16 اپريل): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ڌابيجي اسپيشل اقتصادي زون (SEZ) جي اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ لاءِ هڪ اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ ھن تعميراتي ڪم جي رفتاري کي تيز ڪرڻ ۽ پروجيڪٽ جي سڀني اهم حصن بابت باقاعده اپڊيٽس مهيا ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ وڏي وزير جو خاص مددگار سيد قاسم نويد قمر، چيف سيڪريٽري سيد آصف حيدر شاه، چيئرمن پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ نجم احمد شاه، ڊي جي پي پي پي يونٽ ۽ سي اي او SEZMC عبدالعظيم عقيلي شرڪت ڪئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته SEZ ۾ تعميراتي ڪم تقريبا 12 سيڪڙو تائين پهچي چڪو آهي جڏهن ته بجلي جو ڪم، 10 ايم جي ڊي پاڻي جي پائپ لائن بچھائڻ ۽ گيس جو بنيادي ڪم تقريباً مڪمل آهي. وڏي وزير مراد علي شاهه ڌابيجي SEZ جي اسٽرجيڪ اهميت تي زور ڏيندي چيو ته هي سنڌ کي بين الاقوامي سيڙپڪارن لاءِ هڪ اهم مرڪز طور مقام ڏيڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. هن چيو ته عالمي معيشتن پاران ٽيرف جهيڙي جي نتيجي ۾ خاص طور تي آمريڪا ۽ چين وچ ۾، ڪيترائي چيني صنعتڪار گهٽ لاڳت واري علائقن ۾ پنهنجي آپريشن منتقل ڪرڻ يا ان کي وڌائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.  ڌاٻيجي SEZ جيڪو سي پيڪ جو ترجيحي منصوبو آهي، 2-3 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري آڻيندو ۽ هڪ لک سڌي ريت ۽ اڻ سڌي نوڪريون پيدا ڪندو، ان سان گڏوگڏ هن خطي جي سماجي ۽ اقتصادي حالتن کي بھتر ڪندو. هن چيو ته سنڌ کي هن موقعي مان فائدو حاصل ڪرڻ گهرجي ته جيئن غير ملڪي صنعتون خاص ڪري چيني ڪمپنيون، جيڪي مستحڪم، ڪاروباري دوست ماحول جي ڳولا ۾ آهن، کي ڌيان وٺرائي سگهجي. هن لاڳاپيل کاتن کي زور ڏنو ته اهي بنيادي اسٽرڪچر جي ترقي کي تيز ڪن ۽ سيڙپڪارن جي سهولتن جي نظام کي بين الاقوامي معياري مطابق يقيني بڻائين. 

Back