وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ زمين جي رڪارڊ جي ڊجيٽلائيزيشن بابت اجلاس
وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ زمين جي رڪارڊ جي ڊجيٽلائيزيشن بابت اجلاس
Posted on: 25 Jul 2025 Tags:ڪراچي (23 جولائي): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ لينڊ ايڊمنسٽريشن اينڊ ريونيو مئنيجمينٽ انفارميشن سسٽم (LARMIS) بابت اجلاس ۾ بورڊ آف ريونيو (BoR) کي هدايت ڪئي وئي ته هو اي-مييوٽيشن سسٽم کي اي-رجسٽريشن سسٽم سان ضم ڪري ۽ اي-ٽرانسفر سسٽم تي ڪم جي رفتار تيزيءَ سان وڌائي ته جيئن عوام کي وڌيڪ بهتر سهولتون فراهم ڪري سگهجن. اجلاس وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيو جنهن ۾ ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، ڪمشنر ڪراچي حسن نقوي، سيڪريٽري مڪاني ادارا وسيم شمشاد، بورڊ آف ريونيو جا ميمبر عمر فاروق بلو ۽ سليم بلوچ، ۽ سيڪريٽري/ڊائريڪٽر LARMIS سيف الله ابڙو سميت ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي. وڏي وزير چيو ته LARMIS جو قيام صوبي جي شهرين کي زمين جي رڪارڊ ۽ لاڳاپيل خدمتن تائين ڪمپيوٽرائيزڊ رسائي ڏيڻ لاءِ ڪيو ويو. 27 عوامي سروس سينٽر (People’s Service Centres) ضلعي هيڊڪوارٽرن تي قائم ڪيا ويا آهن جڏهن ته بورڊ آف ريونيو جي سرڪاري ويب سائيٽ ذريعي هڪ جامع آن لائن پليٽفارم مهيا ڪيو ويو آهي جيڪو شهرين کي زمين سان لاڳاپيل اهم معلومات تائين آساني سان رسائي ڏئي ٿو. اجلاس دوران وڏي وزير کي بريفنگ ڏني وئي ته جديد آءِ ٽي انفراسٽرڪچر روزاني ڪاررواين جي مدد ڪري ٿو جڏهن ته ڪراچي جي ڪلفٽن واري ريونيو هائوس ۾ واقع جديد ڊيٽا سينٽر، ڊجيٽل ٿيل زمين جي رڪارڊن جو مرڪزي ذخيرو آهي. ان کان علاوه حيدرآباد ۾ ڊيزاسٽر ريڪوري سينٽر (DRC) هنگامي حالتن ۾ سهولتن جي بلا رڪاوٽ فراهمي کي يقيني بڻائي ٿو. ڊجيٽائيزيشن جو عمل 2010ع ۾ شروع ٿيو جنهن تحت 1985ع کان 2010ع تائين جي پراڻن رڪارڊن کي اسڪين ڪيو ويو. انهن رڪارڊن ۾ فارم VII-A، VII-B ۽ فارم II شامل آهن جيڪي سڀني مختيارڪار آفيسن مان گڏ ڪيا ويا. 2010ع کانپوءِ وارن رڪارڊن جي اسڪيننگ ۽ انڊيڪسنگ جو عمل حيدرآباد جي صوبائي رڪارڊ سينٽر (PRC) ۾ جاري آهي جنهن ذريعي عوام کي نيٽ ورڪ جي ذريعي متواتر رسائي حاصل آهي. LARMIS پنهنجين صلاحيتن کي وڌائيندي، سرڪاري آفيسن ۽ قانوني ادارن کي زمين جي مالڪي جي تصديق لاءِ ڊجيٽل رسائي جي سهولت به فراهم ڪئي آهي. قابل ذڪر ڳالهه اها آهي ته عوامي سروس سينٽرن ۾ اي-رجسٽريشن سروسز جي شروعات کانپوءِ خدمتن جي فراهمي ۾ نمايان سڌارو آيو آهي ۽ اي-مييوٽيشن سسٽم کي به ان سان ضم ڪرڻ جي رٿابندي جاري آهي. فيبروري 2024ع ۾ شروع ٿيل اي-رجسٽريشن سسٽم هن وقت 51 سب رجسٽرار آفيسن ۾ سرگرم آهي ۽ عوامي سروس سينٽرن ذريعي رجسٽريشن جون سهولتون مهيا ڪري رهيو آهي. جولاءِ 2025ع تائين ان سسٽم ذريعي ھڪ لک کان وڌيڪ دستاويزن ۽ معاهدن کي ڪاميابيءَ سان رجسٽر ڪيو ويو آهي. ان کان علاوه بورڊ آف ريونيو سنڌ، سکر آءِ بي اي يونيورسٽي سان گڏجي “اي-ٽرانسفر آف پراپرٽي سسٽم” جي تياري تي ڪم ڪري رهيو آهي جيڪو بلاڪ چين ٽيڪنالاجي ذريعي ريونيو رڪارڊز کي محفوظ بڻائيندو ۽ ملڪيت جي منتقليءَ جي عمل کي وڌيڪ آسان ۽ عوام دوست بڻائيندو.
Back