وڏي وزير مراد علي شاهه ملير جيل واقعي جو سخت نوٽيس ورتو، آءِ جي جيل سميت ٻين آفيسرن کي ھٽائي ڇڏيو
وڏي وزير مراد علي شاهه ملير جيل واقعي جو سخت نوٽيس ورتو، آءِ جي جيل سميت ٻين آفيسرن کي ھٽائي ڇڏيو
Posted on: 04 Jun 2025 Tags:ڪراچي (3 جون): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ملير جيل واقعي جو سخت نوٽس وٺندي انسپڪٽر جنرل جيل کي عهدي تان هٽائي ڇڏيو ۽ ڊپٽي انسپڪٽر جنرل (ڊي آءِ جي) جيل ۽ ملير جيل جي سپرنٽنڊنٽ کي فوري طور معطل ڪري ڇڏيو. وڏي وزير ان واقعي کي "بلڪل ناقابل قبول" قرار ڏيندي چيو ته هي جيل انتظاميا جي سنگين غفلت ۽ نااهلي جو ثبوت آهي. هن چيو ته ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ سيڪريٽري گهرو کاتي کي هدايت ڪئي وئي آهي ته ملير جيل ۽ صوبائي سطح تي ٻين جيلن جو جامع سيڪيورٽي آڊٽ ڪرايو وڃي. سينيئر وزير اطلاعات ۽ ٽرانسپورٽ شرجيل ميمڻ وزيراعليٰ هائوس جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن بابت ميڊيا کي آگاهه ڪيو. وڏي وزير چیف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه کي هدايت ڪئي ته ملير جيل واقعي جي مڪمل تحقيق ڪرائي ۽ ان ڪم لاءِ ڪمشنر ڪراچي حسن نقوي ۽ ڪراچي پوليس چييف جاويد عالم اوڍو کي شامل ڪيو وڃي. تحقيقات جا شرط ۽ ضابطا واضح هئڻ گهرجن ته جيئن ڏوهارين کي ذميوار قرار ڏئي سگهجي۔ وڏي وزير چيو ته "هي ڪافي آهي، مان اهڙي قسم جي سنگين غفلت برداشت نٿو ڪري سگهان" ۽ چیف سيڪريٽري کي نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ جي هدايت ڪئي. مراد علي شاهه هنگامي اجلاس جي صدارت ڪندي هي هدايتون جاري ڪيون جن ۾ سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ، گهرو وزير ضياءالحسن لنجار، چیف سیکرٹری آصف حیدر شاهه، وڏي وزير جي پرنسپل سیکرٹری آغا واصف ۽ سیکرٹری گهرو محمد اقبال به شامل هئا. اجلاس ۾ بريفنگ موجب علائقي ۾ زلزلي جي جھٽڪن دوران پيدا ٿيل صورتحال سبب 216 قيدين ملير جيل مان فرار ٿي ويا، اڃا تائين 83 قيدي ٻيهر گرفتار ڪيا ويا آهن جڏهن ته باقي ڀڄي ويلن جي گرفتاري لاءِ سرچ آپريشن جاري آهي. اختيارين وڏي وزير کي ٻڌايو ته ڀڄي ويل قيدي معمولي ڏوهن ۾ ملوث هئا ۽ انهن تي ڪو سنگين الزام ناهي. وڏي وزير ڀڄي ويل قيدين کي اپيل ڪئي ته پاڻ کي پوليس حوالي ڪن، جيڪڏهن اهي پاڻ سرينڊر نه ٿيا ته انهن خلاف انسداد دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ انهن کي ست سال قيد تائين جي سزا ٿي سگهي ٿي. هي واقعو تڏهن پيش آيو جڏهن زلزلي جي جھٽڪن سبب جيل عملي قيدين کي حفاظت لاءِ جيل جي ٻاهران ورانڊي ۾ منتقل ڪيو، پر ان دوران ڌمچر متو ۽ صورتحال قابو کان ٻاهر ٿي وئي ۽ سؤ کان وڌيڪ قيدي ڀڄي ويا. وڏي وزير زور ڏنو ته جيل عملدارن کي فوراً مقامي ضلعي انتظاميا ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کان مدد گهرڻ کپي ها، ايئن لڳي ٿو ته رابطن ۽ تياري ۾ مڪمل ناڪامي آهي. ان کانپوءِ جسماني ۽ اعصابي نشونما ۾ مسئلن جو شڪار ٻارن جي بحالي مرڪز جي افتتاح تي ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته غير جانبدار ۽ مڪمل تحقيق جاري آهي، ان کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. اسان پنهنجي جيل نظام ۾ موجود ڪمزوريون ختم ڪنداسين ۽ ذميواري جو تعين ڪنداسين. مراد علي شاهه چیف سیکرٹری کي هدايت ڪئي ته نون مقرر ڪيل انسپڪٽر جنرل جيل، ڊي آءِ جي ۽ سپرنٽنڊنٽ جيل جا نوٽيفڪيشن جاري ڪري رپورٽ ڪن.
Back