وڏي وزير مراد علي شاهه پاران اڳوڻي وڏي وزير آفتاب شعبان ميراڻيءَ جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار
وڏي وزير مراد علي شاهه پاران اڳوڻي وڏي وزير آفتاب شعبان ميراڻيءَ جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار
Posted on: 23 Nov 2025 Tags:ڪراچي (پھرين نومبر): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اڳوڻي وزیراعليٰ سنڌ آفتاب شعبان ميراڻي جي وفات تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ چيو ته آفتاب شعبان ميراڻي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جا ويجهو ساٿي هئا ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جو قيمتي اثاثو رهيا۔ سيد مراد علي شاهه چيو ته مرحوم کي اهو اعزاز حاصل هو ته هن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد محترمه بينظير ڀٽو، آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري سان گڏ ڪم ڪيو۔ وڏي وزير مراد علي شاھ مرحوم آفتاب ميراڻي کي ايماندار، باوقار ۽ نوڙت مزاج شخصيت قرار ڏيندي دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت الفردوس ۾ بلند مقام عطا فرمائي۔ سيد مراد علي شاهه مرحوم جي خاندان، پيپلز پارٽي جي قيادت ۽ ڪارڪنن سان دلي همدردي جو اظهار ڪندي چيو ته هو سندن ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن۔
وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو آفتاب شعبان ميراڻي جي گهر آمد
سيد مراد علي شاهه آفتاب ميراڻي جي ميت کي ڪلهو ڏنو ۽ جنازي ۾ شرڪت
ڪراچي (پھرين نومبر 2025ع): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه مرحوم آفتاب شعبان ميراڻي جي گهر پهتا ۽ سندن وارثن سان ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو۔ وڏي وزير مرحوم جي ميت کي ڪلهو ڏنو ۽ نمازِ جنازه ۾ پڻ شرڪت ڪئي۔ وڏي وزير جي ترجمان موجب سيد مراد علي شاهه آفتاب شعبان ميراڻي جي ميت سان گڏ مسجد بيت السلام ويا جتي مرحوم جي نمازِ جنازه ادا ڪئي وئي۔ ان موقعي تي پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻن، ڪارڪنن ۽ جيالن جو وڏو انگ موجود هو۔ وڏي وزير آفتاب شعبان ميراڻي جي سياسي ۽ سماجي خدمتن کي خراجِ عقيدت پيش ڪندي چيو ته مرحوم ايماندار، باوقار ۽ نوڙت رکندڙ شخصيت هئا جن هميشه عوامي خدمت کي ترجيح ڏني۔ ان کانپوءِ اڳوڻي وزيراعليٰ آفتاب شعبان ميراڻي کي گذري قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو۔ تدفين ۾ وڏو وزير سنڌ سيد مراد علي شاهه، صوبائي وزير سعيد غني، وقار مهدي، امتياز شيخ ۽ ٻيا پارٽي اڳواڻ پڻ موجود هئا۔ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ وقار مهدي پاڪستان پيپلز پارٽي جي طرفان آفتاب شعبان ميراڻي جي آخري آرامگاهه تي گلن جي چادر چاڙهي ۽ فاتحه خواني ڪئي۔ اڳواڻن مرحوم جي ايصالِ ثواب لاءِ دعا ڪئي ۽ وارثن سان دلي همدردي جو اظهار ڪيو۔