وڏي وزير مراد علي شاهه پاران جنرل عاصم منير کي فيلڊ مارشل جي عهدي تي ترقي ملڻ تي واڌايون
وڏي وزير مراد علي شاهه پاران جنرل عاصم منير کي فيلڊ مارشل جي عهدي تي ترقي ملڻ تي واڌايون
Posted on: 21 May 2025 Tags:ڪراچي (20 مئي): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سيد عاصم منير کي فيلڊ مارشل جي عهدي تي ترقي ملڻ تي دل جي گهراين سان مبارڪباد ڏيندي کيس باوقار اعزاز ملڻ جي ڀرپور آجيان ڪيو آهي۔ هڪ بيان ۾ وڏي وزير چيو ته آرمي چيف عاصم منير جي ناقابل شڪست فوجي حڪمت عملي جي سبب ڀارت ڪجھ ڪلاڪن ۾ ئي هٿيار ڦٽا ڪرڻ تي مجبور ٿيو. هن چيو ته جيڪي دشمنن جي دلين ۾ خوف پيدا ڪن اهڙن کي عزت ڏيڻ زندهه ۽ باوقار قومن جي سڃاڻپ آهي۔ وڏي وزير معرڪه حق جي جنگ ۾ حاصل ڪيل فيصلائتي ڪاميابي کي جنرل عاصم منير جي بي مثال اڳواڻي جو ثبوت قرار ڏنو۔ هن ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سنڌو جون خدمتون جاري رکڻ واري فيصلي جي پڻ واکاڻ ڪئي ۽ کيس هڪ مثبت قدم قرار ڏنو۔ مراد علي شاهه پاڪ فضائيه جي "شاهينن" جي ڀارت جي غرور کي خاڪ ۾ ملائڻ جي واکاڻ ڪئي ۽ شهيدن ۽ بنيادي جدوجهد جي سورمن جي قربانين کي تسليم ڪرڻ کي قومي فرض قرار ڏنو۔ وڏي وزير جي بيانن مان ملڪ جي فوجي قيادت تي فخر ۽ قوم جي خودمختياري جي تحفظ ۾ سندس ڪردار تي پورو اعتماد ظاهر ٿئي ٿو۔
Back