وڏي وزير مراد علي شاهه پاران وقار مهدي کي سينيٽر چونڊجڻ تي واڌايون

وڏي وزير مراد علي شاهه پاران وقار مهدي کي سينيٽر چونڊجڻ تي واڌايون

Posted on: 09 May 2025   Tags:

ڪراچي (6 مئي): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سيد وقار مهدي کي سينيٽر چونڊجڻ تي دل جي گهرائين سان مبارڪباد ڏيندي پنهنجي بيان ۾ چيو ته وقار مهدي جي ڪاميابي پاڪستان پيپلز پارٽي (پي پي پي) تي عوام جي اعتماد جو واضح اظهار آهي. وڏي وزير وڌيڪ چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي متحرڪ قيادت ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي هڪ ناقابل شڪست سياسي قوت بڻجي چڪي آهي. وڏي وزير زور ڏيندي چيو ته پي پي پي عوامي ۽ پارلياماني ٻنهي محاذن تي مسلسل ڪاميابي حاصل ڪري رهي آهي، هن وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ ڪنهن ٻئي سياسي جماعت کي پي پي پي جهڙي مقبوليت حاصل ناهي.

Back