وڏي وزير مراد علي شاهه ڪراچي ۾ 35هين نيشنل گيمز جي ٽارچ ريلي جو افتتاح ڪيو
وڏي وزير مراد علي شاهه ڪراچي ۾ 35هين نيشنل گيمز جي ٽارچ ريلي جو افتتاح ڪيو
Posted on: 23 Nov 2025 Tags:ڪراچي (14 نومبر): جمعي ڏينهن ڪراچيءَ ۾ ڏاڍو جوش، جذبو ڏٺو ويو جڏهن پاڪستان جي راندين جي جنم ڀومي هن شهر ۾ 35هين نيشمل گيمز 2025 جي شاندار ٽارچ ريلي تقريب جو اهتمام ڪيو ويو جنهن ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه مشعل کڻي تقريب جو باقاعدي افتتاح ڪيو۔ هي راندين جا مقابلا 6 کان 13 ڊسمبر تائين ڪراچيءَ جي 24 معياري جايين تي منعقد ٿيندا۔ هي شاندار تقريب مزارِ قائد تي منعقد ٿي جتي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صدارت ڪئي۔ عالمي ايٿليٽن کان وزيراعليٰ مشعل وصول ڪئي جيڪا اميد، اتحاد ۽ اسپورٽس مين شِپ جي علامت آهي۔ وڏي وزير مراد علي شاهه پنهنجي خطاب ۾ چيو ڪراچي کي لڳ ڀڳ ويهن سالن کانپوءِ نيشمل گيمز جي ميزباني جو منفرد اعزاز حاصل ٿيو آهي تنهنڪري هن ايونٽ کي يادگار ۽ شاندار نموني سان ڪرڻ لازمي آهي۔ راندين جو فروغ نوجوانن کي صحتمند ۽ مثبت سرگرمين ڏانهن آڻڻ لاءِ ضروري آهي۔ 35هين نيشمل گيمز نه فقط سنڌ پر پوري پاڪستان لاءِ فخر جو لمحو هوندا. هن چيو ته پاڪستان جا نوجوان، خاص طور ڇوڪريون، غيرمعمولي همت ۽ قابليت رکن ٿيون۔ اسان کي پنهنجي ٻارن ۽ سندن ٽيلنٽ تي فخر آهي. وڏي وزير ٻڌايو ته 18 سالن بعد ڪراچي ۾ نيشمل گيمز جو انعقاد تاريخي اهميت رکي ٿو۔ اڄ اسين مزارِ قائد اڳيان بيٺا آهيون جتي 1948ع ۾ پهريون نيشمل اولمپڪس ٿيو۔ قائداعظم محمد علي جناح پاڻ پهرين ٽرافي عطا ڪئي جيڪا اڄ به ونر ٽيم کي ڏني ويندي آهي۔ مراد علي شاهه چيو ته ڪراچي ملڪ جي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ نيشمل گيمز جي ميزباني ڪئي آهي۔ سنڌ حڪومت، اسپورٽس ڊپارٽمينٽ ۽ انتظاميا مڪمل يقين ڏياري ٿي ته 35هين نيشمل گيمز شاندار ڪاميابي سان مڪمل ٿيندا. هن ڪراچي واسين کي وڏي انگ ۾ شموليت جي اپيل ڪندي چيو مون کي اميد آهي ته ڪراچي وارا هر اسٽيڊيم ڀري ڇڏيندا۔ هي گيمز پاڪستان جي تاريخ جا سڀ کان ڪامياب مقابلا هوندا. هن پاڪستان جي ايٿليٽ ارشد نديم جو حوالو ڏيندي چيو ته ملڪ مان عالمي معيار جو ٽيلنٽ پيدا ٿي رهيو آهي۔ ٽارچ ريلي جي روايت بابت ڳالهائيندي وڏي وزير ٻڌايو ته اولمپڪ مشعل جو آغاز يونان جي اولمپيا شهر مان ٿيو ۽ 1928 کان هر جديد اولمپڪس ۾ هي روايت جاري آهي۔ اج نيشمل گيمز جي مشعل ڪوئيٽا مان ڪراچي پهتي آهي هتان اها پشاور رواني ٿيندي جتي ايندڙ گيمز ٿيندا. هن چيو ته سنڌ حڪومت نيشمل گيمز لاءِ عالمي معيار جي تياريون ڪندي ۽ سڀني ايٿليٽن ۽ آفيسرن کي محفوظ، منظم ۽ ڀرپور سهولتون فراهم ڪندو۔ هن سنڌ اولمپڪ ايسوسيئيشن ۽ پاڪستان اولمپڪ ايسوسيئيشن جو پڻ ٿورا مڃيا ۽ پنهنجي تقرير "پاڪستان زندھ باد" سان مڪمل ڪئي۔ مشعل جو سفر، مزارِ قائد کان سمنڊ تائين: تقريب جي شروعات قومي تراني ۽ قرآن پاڪ جي تلاوت سان ٿي۔ بلوچستان اولمپڪ ايسوسيئيشن باضابطه طور مشعل وزيراعليٰ سنڌ حوالي ڪئي۔ هڪ جذباتي منظر ۾ وڏي وزير مشعل راندين واري صوبائي وزيرِ سردار محمد بخش خان مھر حوالي ڪئي جنهن کان پوءِ مشعل جو تاريخي سفر شروع ٿيو۔ مشعل ڪراچي جي اهم رستن تان گذرندي سمنڊ تائين ويندي ۽ پهريون ڀيرو عربي سمنڊ ۾ بحري جهاز ذريعي سفر ڪندي جنهن کان پوءِ اها ملڪ جي ٻين صوبن ۽ آخر ۾ خيبر پختونخوا پهچندي۔ 35هين نيشمل گيمز جو رنگين لوگو لانچ: وڏي وزير 1948ع واري تاريخي رڪارڊ کي اجاگر ڪندي گيمز جو رنگا رنگ لوگو پڻ لانچ ڪيو، اها سال جڏهن پهريون نيشمل گيمز پاڪستان ۾ آزاد ٿيڻ کان پوءِ ڪراچي ۾ ٿيا هئا۔ ميگا ايونٽ جي جھلڪيون: تقريباً 11000 ايٿليٽ ۽ آفيسر سڄي ملڪ مان شرڪت ڪندا جن ۾ فوج، نيوي، ايئر فورس، واپڊا، پوليس ۽ ايچ اي سي سميت سڀئي صوبائي ۽ وفاقي ادارا شامل آهن۔ 34 راندين، اولمپڪ ۽ نان اولمپڪ ۾ آرچري، ايٿليٽڪس، رويئنگ، رگبي ۽ ٻيا ڪيترائي مقابلا شامل هوندا۔ سنڌ حڪومت عالمي معيار مطابق لاجسٽڪس، رهائش، اينٽي هراسمنٽ ۽ ميڊيا ڪوريج لاءِ مڪمل ڪميٽيون قائم ڪري ڇڏيون آهن۔ گرينڊ فنالي، مشعل جي واپسي: ملڪ جو سفر مڪمل ڪرڻ کانپوءِ مشعل 6 ڊسمبر تي نئشنل اسٽيڊيم ڪراچي واپس ايندي جتي شاندار اوپننگ تقريب ٿيندي جنهن جي صدارت صدرِ پاڪستان آصف علي زرداري ڪندا۔ 13 ڊسمبر جي اختتامي تقريب ۾ وزيراعظم شهباز شريف خاص مهمان هوندا۔ وڏي وزير چيو ته ٽارچ ريلي ڪا رڳو رسمي تقريب نه آهي پر قومي ٻڌيءَ، ڀائپي ۽ اسپورٽس جي روح جو جشن آهي۔ ڪراچي هن وڏن راندين جي ميلو کي ليڊ ڪرڻ لاءِ مڪمل تيار آهي۔ آخر ۾ وڏي وزير اعلان ڪيو ته سنڌ اسپورٽس ڊپارٽمينٽ هر ٻن سالن کانپوءِ يوتھ اولمپڪس جو انعقاد ڪندو۔ تقريب ۾ صوبائي وزير سردار محمد بخش خان مھر، پاڪستان اولمپڪ ايسوسيئيشن جا صدر، سيڪريٽري اسپورٽس منور مهيسر ۽ ٻيا عملدار پڻ موجود هئا۔
Back