وڏي وزير مراد علي شاهه سالڊ ويسٽ ايمرجنسي ۽ ايفيشنسي پروجيڪٽ کي تيز ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي
وڏي وزير مراد علي شاهه سالڊ ويسٽ ايمرجنسي ۽ ايفيشنسي پروجيڪٽ کي تيز ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي
Posted on: 20 Feb 2026 Tags:ڪراچي (19 فيبروري): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سالڊ ويسٽ ايمرجنسي اينڊ ايفيشنسي پروجيڪٽ (SWEEP) جي رفتار تيز ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي جيڪو ڪراچي جي ويسٽ مينيجمينٽ سسٽم کي جديد، ماحولياتي تقاضائن سان هم آهنگ ۽ موسمياتي طور پائيدار نظام ۾ تبديل ڪرڻ جو هڪ اهم منصوبو آهي۔ وزيراعليٰ هائوس ۾ اجلاس جي صدارت ڪندي وڏي وزير چيو ته سويپ، حڪومت سنڌ ۽ عالمي بئنڪ جو گڏيل منصوبو آهي ۽ ڪراچي کي صاف، سرسبز ۽ رهڻ جهڙو شهر بڻائڻ جي ويزن جو مرڪزي حصو آهي۔ اجلاس ۾ وزير بلديات ناصر شاهه، ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، سيڪريٽري بلديات وسيم شمشاد ۽ پروجيڪٽ ڊائريڪٽر سويپ انور شر شرڪت ڪئي۔ پائيدار ڪراچي: وڏي وزير چيو ته سويپ جو بنيادي مقصد ڪراچي جي ڪاربان فُٽ پرنٽ ۾ گهٽتائي آڻڻ ۽ قومي ۽ بين الاقوامي ماحولياتي معيار تي عملدرآمد يقيني بڻائڻ آهي۔ هن چيو ته منصوبو نه رڳو ڪچرو کڻڻ ۽ ان کي ٺڪاڻي لڳائڻ جي نظام کي جديد بڻائيندو پر ڊمپ سائيٽن تي حفاظتي قدمن کي بهتر ڪندو، استعمال ٿيل هنڌن جي بحالي ڪندو ۽ ويجهن علائقن ۾ رهندڙ ڪچرو چونڊيندڙن جي حالتن زندگي ۽ روزگار جي موقعن ۾ بهتري آڻيندو۔ هن چيو ته مربوط سالڊ ويسٽ مينيجمينٽ نظام عوامي صحت، ماحولياتي تحفظ ۽ موسمياتي پائيداري لاءِ ناگزير آهي ۽ لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي ته ماحولياتي حفاظتي قدمن تي سختي سان عملدرآمد ۽ منصوبي جي سمورن جزن جي بروقت تڪميل يقيني بڻائي وڃي۔ سويپ تحت انفراسٽرڪچر: سويپ تحت فوري ضرورت جي انفراسٽرڪچر جي ترقي تي ڌيان ڏنو پيو وڃي جن ۾ جديد گاربيج ٽرانسفر اسٽيشنز (JTS) ۽ سينيٽري انجنيئرڊ لينڊ فل سائيٽس (LFS) شامل آهن ته جيئن ميونسپل سالڊ ويسٽ مينيجمينٽ نظام کي مضبوط بڻائي سگهجي۔ گاربيج ٽرانسفر اسٽيشنز کي منظم طريقي سان ڪچرو کڻڻ، ڇنڊڇاڻ ۽ وڏي مقدار ۾ منتقلي لاءِ ڊزائين ڪيو ويو آهي، جنهن سان ماحولياتي ۽ صحت عامه جي خطرن ۾ گهٽتائي ايندي۔ لينڊ فل سائيٽ بقيا ڪچري جي انجنيئرڊ ۽ ماحولياتي تقاضائن مطابق تلفي فراهم ڪندي جنهن ۾ ليچيٽ مينيجمينٽ سسٽم ۽ گيس ويلز شامل هوندا۔ وڏي وزير ٻه وڏا پيڪيجز تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو پيڪيج ون: گاربيج ٽرانسفر اسٽيشنز (جي ٽي ايس): چار هنڌن تان شرافی ڳوٺ، ڊنگا موڙ، امتياز ۽ گٽر باغيچا تي تعميراتي ڪم جاري آهي۔ فيبروري 2026 تائين شرافی ڳوٺ جي ٽي ايس تي 52 سيڪڙو کان وڌيڪ فزيڪل اڳڀرائي ٿي چڪي آهي جڏهن ته ٻين هنڌن تي ڪم مختلف مرحلن ۾ جاري آهي۔ ڪيترين ئي سهولتن جي تڪميل آگسٽ 2026 تائين متوقع آهي۔ پيڪيج ٽو: جام چاڪرو لينڊ فل سائيٽ (ايل ايف ايس): 485 ايڪڙ تي مشتمل جام چاڪرو سائيٽ تي پنج لينڊ فل فيزز ۾ ترقياتي ڪم جاري آهي جنهن جي متوقع استعمال مدت 6.5 سال آهي۔ مجموعي فزيڪل اڳڀرائي لڳ ڀڳ 41 سيڪڙو آهي جنهن ۾ ليچيٽ ٽينڪس، گيس ويلز، ويسٽ ريسيپشن ايرياز، اندروني روڊن ۽ عمارتن جي تعمير شامل آهي۔ هي سائيٽ روزانو 7 هزار ٽن تائين ڪچري کي ماحولياتي طور محفوظ انداز ۾ تلف ڪرڻ لاءِ ڊزائين ڪئي وئي آهي۔ وڏي وزير چيو ته سويپ پاڪستان ويزن 2025 سان هم آهنگ آهي جنهن ۾ شهري آلودگي ۾ گهٽتائي، ويسٽ ٽرانسفر سسٽمز جي جديدڪاري ۽ پائيدار شهرن جي فروغ تي زور ڏنو ويو آهي۔ هن پروجيڪٽ ٽيم کي هدايت ڪئي ته موجوده تاخير کي ختم ڪيو وڃي ڪارڪردگي جي فرق کي ختم ڪيو وڃي ۽ منصوبي جي رفتار برقرار رکندي ڪراچي جي شهرين لاءِ عملي بهتري يقيني بڻائي وڃي۔ وڏي وزير چيو ته حڪومت مربوط ۽ جامع سالڊ ويسٽ مينيجمينٽ نظام ذريعي پائيدار ۽ رهڻ جهڙو ماحول فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي ۽ شهر جي ماحول جي تحفظ سان گڏ جامع شهري ترقي کي فروغ ڏنو ويندو۔
Back