وڏي وزير مراد علي شاهه سان وفاقي وزير سمندر پار پاڪستاني چوڌري سالڪ حسين جي ملاقات
وڏي وزير مراد علي شاهه سان وفاقي وزير سمندر پار پاڪستاني چوڌري سالڪ حسين جي ملاقات
Posted on: 15 Feb 2026 Tags:ڪراچي (16 جنوري 2026): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سمنڊ پار پاڪستانين ۽ انساني وسيلن جي ترقي بابت وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين سان ملاقات ڪئي جنهن دوران سمندر پار پاڪستانين، محنت ڪشن جي فلاح و بہبود ۽ انساني وسيلن جي ترقي بابت معاملن تي خيال ونڊيا ويا۔ وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيل هن ملاقات ۾ صوبائي وزير محنت سعيد غني ۽ چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه سان گڏ موجود هئا جڏهن ته وفاقي وفد ۾ سمنڊ پار وفاقي سيڪريٽري نديم اسلم چوڌري، آصف جمال، طارق حسن ۽ عمر مشتاق شامل هئا۔ ملاقات ۾ سمنڊ پار پاڪستانين، محنت ڪشن جي فلاح و بہبود ۽ انساني وسيلن جي ترقي سان لاڳاپيل معاملن تي غور ڪيو ويو۔ ملاقات دوران ايمپلائيز اولڊ ايج بينيفٽس انسٽيٽيوشن (EOBI) ۽ ورڪرز ويلفيئر فنڊ (WWF) کي صوبن حوالي ڪرڻ واري معاملي تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي۔ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته EOBI ۽ WWF کي صوبن حوالي ڪرڻ سان محنت ڪشن کي نمايان فائدا ملندا ۽ خدمتن جي فراهمي کي وڌيڪ بهتر بڻائي سگهجي ٿو۔ وڏي وزير نشاندهي ڪئي ته جاري قانوني تڪرارن سبب اهي فنڊ هن وقت اثرائتي نموني استعمال نٿا ٿي سگهن ڇوته نه وفاقي حڪومت ۽ نه ئي صوبائي حڪومتون انهن کي مڪمل طور استعمال ڪرڻ جي حيثيت ۾ آهن۔ هن زور ڏنو ته محنت ڪشن جي حقن جو تحفظ وفاق ۽ صوبن جي گڏيل ذميواري آهي۔ وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين يقين ڏياريو ته سڀئي مسئلا باهمي صلاح مشوري ۽ اتفاقِ راءِ سان حل ڪيا ويندا۔ هن محنت ڪشن جي فلاح و بہبود بابت معاملن کي اثرائتي نموني نبيرڻ لاءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن وچ ۾ لڳاتار رابطي جي اهميت تي زور ڏنو۔ ملاقات ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته وفاقي حڪومت ۽ سنڌ حڪومت وچ ۾ صلاح مشوري جو عمل جاري رکيو ويندو۔ وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين ۽ صوبائي وزير محنت سعيد غني پنهنجي پنهنجي ٽيم سان گڏ ايندڙ اجلاس منعقد ڪندا جن ۾ EOBI ۽ ورڪرز ويلفيئر فنڊ سان لاڳاپيل معاملن تي وڌيڪ غور ڪري قابلِ عمل سفارشون تيار ڪيون وينديون۔ ٻنهي ڌرين ان ڳالهه تي پڻ اتفاق ڪيو ته محنت ڪشن جا مسئلا ڳالهه ٻولهه ۽ ڳالهين ذريعي حل ڪيا وڃن ۽ EOBI سميت محنت ڪشن جي فلاح و بہبود سان لاڳاپيل ادارن ۾ سڌارن لاءِ گڏيل حڪمتِ عملي اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي۔ ملاقات ۾ اهو عزم به ظاهر ڪيو ويو ته محنت ڪشن جي فلاح و بہبود بابت معاملن کي جلد از جلد منطقي انجام تائين پهچايو ويندو۔ شرڪت ڪندڙن محنت ڪشن جي حقن جي تحفظ ۽ فلاح و بہبود سان لاڳاپيل سڌارن جي اثرائتي نفاذ لاءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن وچ ۾ رابطي ۽ هم آهنگي کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو۔