وڏي وزير مراد علي شاهه سان سعودي ٽرانسپورٽ وزير انجنيئر صالح الجاسر جي ملاقات، ٻطرفي تعاون ۽ سيڙپڪاري تي ڳالهيون

وڏي وزير مراد علي شاهه سان سعودي ٽرانسپورٽ وزير انجنيئر صالح الجاسر جي ملاقات، ٻطرفي تعاون ۽ سيڙپڪاري تي ڳالهيون

Posted on: 23 Nov 2025   Tags:

ڪراچي (3 نومبر): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان سعودي عرب جي ٽرانسپورٽ ۽ لاجسٽڪ خدمتن واري وزير انجنيئر صالح بن ناصر الجاسر جي ملاقات ٿي جيڪو هڪ اعليٰ سطحي وفد سان گڏ وزيراعليٰ هائوس آيو. ملاقات ۾ ٻطرفي لاڳاپن، سيڙپڪاري جي موقعن ۽ سنڌ ۽ سعودي عرب ۾ رابطن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ تي ڳالهيون ٿيون۔ سعودي وفد ۾ پاڪستان ۾ سعودي عرب جي سفير نواف بن سعيد المالڪي، سعودي پورٽس اٿارٽي جي ايگزيڪيوٽو هيڊ پروفيسر سليمان بن خالد المزروع، ٽرانسپورٽ وزارت جا سينيئر ايگزيڪيوٽو پروفيسر سيف بن سعد الفقير، ٽرانسپورٽ وزارت جا ايگزيڪيوٽو افئيرز آفيسر ياسر بن سعود المطاحي، سعودي ايئر لائنز جا ڊائريڪٽر پروفيسر مشاري بن محمد الموسد ۽ ڊائريڪٽر جنرل اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ ۽ ڪوآپريشن پروفيسر خالد محمد بن علي رجب شامل هئا۔ سنڌ حڪومت طرفان صوبائي وزير رٿابندي ۽ ترقيات ڄام خان شورو، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، سيڪريٽري ٽو سي ايم رحيم شيخ، ۽ ڊي جي ٽرانسپورٽ ۽ پي پي پي يونٽ اسد ضامن پڻ ملاقات ۾ شرڪت ڪئي۔ ملاقات دوران ٻنهي ڌرين ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ، حاجين جي سهولتن ۽ ٽرانسپورٽ ۽ انفراسٽرڪچر جي شعبن ۾ سعودي سيڙپڪاري کي ھٿي وٺرائڻ تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي۔ وڏي وزير مراد علي شاهه سعودي وفد کي ڀليڪار ڪندي چيو ته سنڌ ۾ ٽرانسپورٽ، لاجسٽڪس ۽ روڊ انفراسٽرڪچر جي شعبن ۾ وڏي پيماني تي سيڙپڪاري جا موقعا موجود آهن۔ هن سعودي سيڙپڪارن کي ڪراچي ۾ جاري ۽ ايندڙ ميگا ٽرانسپورٽ منصوبن، بشمول ريپڊ ٽرانزٽ ۽ لائيٽ ريل سسٽم ۾ شرڪت جي دعوت ڏني۔ وڏي وزير چيو سنڌ جا وڌندڙ شهري مرڪز ۽ رابطن جي وڌندڙ ضرورتون عوامي ۽ نجي ڀائيواري لاءِ وڏي صلاحيت رکن ٿيون۔ سنڌ حڪومت شفاف طريقيڪار ۽ سازگار ڪاروباري ماحول ذريعي پرڏيهي سيڙپڪارن کي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي۔ ملاقات ۾ ڪراچي ۽ مديني جي وچ ۾ سڌي پروازن جي امڪان تي پڻ اتفاق ڪيو ويو جيڪو واپار، سياحت ۽ عوامي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو۔ ٻنهي ڌرين سامونڊي ۽ پورٽس جي شعبي ۾ به تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو، جيئن ته ڪراچي ۽ سعودي بندرن جي وچ ۾ تاريخي سامونڊي لاڳاپن کي ٻيهر هٿي ملي۔ سعودي وزير صالح بن ناصر الجاسر سنڌ حڪومت جي انفراسٽرڪچر ۽ شهري ٽرانسپورٽ منصوبن ۾ ڪوششن جي واکاڻ ڪئي ۽ چيو ته سعودي عرب پاڪستان سان ڀائيواري کي وڌائڻ لاءِ پرعزم آهي۔ هن چيو سعودي عرب ۽ پاڪستان ڀائيواري ۽ تعاون جي نئين دور ۾ داخل ٿي رهيا آهن۔ اسان جي قيادت جي ويزن تحت ٻنهي ملڪن جي ڀائيچاري لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪنداسين۔ وڏي وزير مراد علي شاهه سعودي وزير جي دوري تي ٿورائتو اظهار ڪندي چيو ته هي دورو سنڌ ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ وڌيڪ اقتصادي تعاون ۽ گڏيل فائدي وارن منصوبن لاءِ نوان رستا کوليندو۔ هن چيو هي دورو اسان جي سعودي ڀائرن جي سنڌ جي صلاحيت تي وڌندڙ اعتماد جي علامت آهي۔ اسان گڏجي انهن ڀائيوارين کي حقيقي منصوبن ۾ تبديل ڪرڻ چاهيون ٿا جيڪي ٻنهي قومن لاءِ فائدي مند ثابت ٿين۔ ملاقات جي آخر ۾ ٻنهي ڌرين گڏيل ورڪنگ گروپ ٺاهڻ تي اتفاق ڪيو ته جيئن پاڪستان-سعودي عرب ڀائيواري جي وسيع فريم ورڪ هيٺ طئي ٿيل قدمن تي عملدرآمد ۽ نون لاڳاپن جي موقعن کي ڳولي سگهجي۔

Back