وڏي وزير مراد علي شاهه شهيدن جي ڏهاڙي تي سنڌ پوليس کي خراج تحسين پيش

وڏي وزير مراد علي شاهه شهيدن جي ڏهاڙي تي سنڌ پوليس کي خراج تحسين پيش

Posted on: 08 Aug 2025   Tags:

ڪراچي (4 آگسٽ): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪراچي جي پي اي ايف آڊيٽوريم ۾ پوليس شهيدن جي ڏھاڙي واري تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته وسيلن جي کوٽ باوجود سنڌ حڪومت پنهنجي بهادر پوليس فورس سان مضبوط ساٿ سان بيٺل آهي. هن چيو "اسان پنهنجي شهيدن کي رڳو لفظن سان نه پر سندن خاندانن جي فلاح، عزت ۽ پاليسين جي ذريعي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا." وڏي وزير سنڌ پوليس جي انهن بهادر جوانن کي ڀيٽا پيش ڪئي جن ملڪ ۽ قوم جي خدمت ۾ پنهنجي جانيون قربان ڪيون. تقريب ۾ صوبائي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار، آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ، اڳوڻا آءِ جي، شهيدن جا خاندان ۽ شهري سماج جا نمائندا شريڪ ٿيا. وڏي وزير چيو ته 4 آگسٽ هر سال پوليس شهيدن جي ڏينهن طور ملهايو ويندو آهي ته جيئن انهن عظيم قربانين کي ياد رکيو وڃي جيڪي پوليس آفيسرن عوام جي جان و مال جي تحفظ لاءِ ڏنيون. هن شهيدن جي خاندانن کي خاطري ڏني ته سنڌ حڪومت ۽ سنڌ جا ماڻهو سندن قربانين کي ڪڏهن به نہ وساريندا. وڏي وزير چيو سنڌ پوليس هڪ ادارو نه پر بهادري، قرباني ۽ عوامي تحفظ جي علامت آهي.

پوليس سڌارا:

مراد علي شاهه پوليس جي مضبوط ڪرڻ لاءِ انتظامي ۽ مالي خودمختياري جي اهميت تي زور ڏنو. هن ٻڌايو ته مالي سال 2025-26 لاءِ پوليس اسٽيشنن جي آپريشنل ضرورتن لاءِ 3.74 ارب رپيا رکيا ويا آهن. ايس ايڇ اوز کي ڊرانگ اينڊ ڊسبرسنگ آفيسر (DDO) جا اختيار ڏنا ويا آهن ته جيئن ڪارڪردگي ۽ شفافيت وڌائي سگهجي. وڏي وزير چيو ته ڪراچي ۾ ڪار چوري 67 سيڪڙو ۽ اسٽريٽ ڪرائيم 54 سيڪڙو گهٽيا آهن جيڪو جديد نگراني ۽ مؤثر حڪمت عملين جو نتيجو آهي. سيِف سٽي پراجيڪٽ تحت 350 کان وڌيڪ جديد AI ڪيمرائون لڳائي ويون آهن جيڪي سال جي آخر تائين 1300 ٿي وينديون.

صحت، ڀلائي ۽ ٻيا قدم:

وڏي وزير پوليس لاءِ 4.96 ارب رپين جي هيلٿ انشورنس اسڪيم جو اعلان ڪيو جنهن مان 15000 کان وڌيڪ اهلڪار فائدو وٺي چڪا آهن. پوليس ٿاڻن کي جديد بڻايو پيو وڃي، بلٽ پروف گاڏيون ڏنيون پيون وڃن، خاص طور ڪچي جي علائقن لاءِ حفاظتي انتظام سخت ڪيا ويا آهن. مالي چئلينجن باوجود 1900 نوان پوليس اهلڪار ڀرتي ڪيا ويا آهن.

شهيدن لاءِ امدادي پيڪيج:

وڏي وزير ٻڌايو ته 1971 کان وٺي هيل تائين سنڌ پوليس جا 2549 اهلڪار شهيد ٿيا جن ۾ 4 ايس ايس پي، 1 اي ايس پي ۽ 22 ڊي ايس پي شامل آهن. وڏي وزير چيو انهن جو رت اسان جي سلامتي جو ضامن بڻيو. هن ٻڌايو ته دهشتگردي جي واقعن ۾ شهيدن جي خاندانن کي 2.35 ڪروڙ رپين کان 7 ڪروڙ رپين تائين، ۽ مقابلي يا ٽارگيٽ ڪلنگ جي واقعن لاءِ 2.35 ڪروڙ کان 6 ڪروڙ تائين امداد ڏني ويندي آهي. شهيدن جي خاندانن کي سندن امڪاني رٽائرمينٽ عمر تائين پگهار، 10 لک رپين جي صحت انشورنس، ۽ رهائشي سهولتون مهيا ڪيون وڃن ٿيون. بيواهن کي ماهوار وظيفا، ٻارن جي شادي، تعليم، ۽ داخلا لاءِ مخصوص سيٽن جي سهولت ڏني وڃي ٿي.

معذوري جي صورت ۾ امداد:

مستقل معذوري لاءِ سڀني رئنڪ جي اهلڪارن کي ھڪ ڪروڙ رپيا، جڏهن ته عارضي معذوري جي صورت ۾ 25 لک رپيا ڏنا وڃن ٿا. بيماري يا حادثي سبب سروس دوران فوت ٿيڻ تي 6 لک رپين کان 30 لک رپين تائين امداد ڏني وڃي ٿي (رئنڪ مطابق). مراد علي شاهه چيو ته پوليس جي ڀلائي لاءِ تربيت، ٽيڪنالاجي ۽ انفراسٽرڪچر تي سيڙپڪاري جاري رهندي. آخر ۾ هن هڪ ڀيرو ٻيهر شهيد پوليس اهلڪارن کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو اسان کي انهن جي ياد کي لفظن سان نه پر عملن سان زنده رکڻو پوندو.

Back