وڏي وزير مراد علي شاهه سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ پهرين ڪمپيوٽر تي ٻڌل ٽيسٽنگ ليب جو افتتاح ڪيو
وڏي وزير مراد علي شاهه سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ پهرين ڪمپيوٽر تي ٻڌل ٽيسٽنگ ليب جو افتتاح ڪيو
Posted on: 18 Jul 2025 Tags:حيدرآباد (17 جولاءِ): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اربع ڏينهن سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن (SPSC) ۾ صوبي جي پهرين ڪمپيوٽر بيسڊ ٽيسٽنگ (CBT) ليب جو افتتاح ڪيو جيڪو ڀرتين جي عمل کي ڊجيٽل بڻائڻ ڏانهن هڪ اهم قدم آهي. ھي جديد ليب 500 ٽيبلٽس سان ليس آهي ۽ روزانو 2000 اميدوارن کي امتحان ڏيڻ جي سهولت مهيا ڪري ٿي. ان سسٽم جو مقصد شفافيت کي وڌائڻ، انساني غلطيون گهٽائڻ ۽ فوري نتيجا ڏيڻ آهي. تقريب جي ميزباني SPSC جي چيئرمين محمد وسيم ڪئي جڏهن ته صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ۽ جام خان شورو به شرڪت ڪئي. وڏي وزير مراد علي شاهه تختي جي نقاب ڪشي ڪئي ۽ پاڻ به هڪ نمائشي امتحان ۾ حصو ورتو جنهن ۾ هن 20 مان 18 نمبر حاصل ڪيا. شرجيل انعام ميمڻ به امتحان پاس ڪيو جنهن سان سسٽم جي ڪارڪردگي ظاهر ٿي. تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزير مراد شاهه SPSC جي شفاف ۽ ميرٽ تي ٻڌل ڀرتين لاءِ ڪوششن جي واکاڻ ڪئي. هن چيو ته ھي جديد سسٽم مثالي آهي ۽ سرڪاري ادارن جي بهتري لاءِ اهل ۽ لائق ماڻهن جي مقرري نهايت ضروري آهي. وڏي وزير امتحاني عمل جي ڊجيٽلائيزيشن کي ساراهيندي چيو ته اھو قدم ڀرتين جي نظام کي بهتر بڻائيندو ۽ ميرٽ کي يقيني بڻائيندو. ان کانپوءِ وڏي وزير تعمير ھيٺ SPSC سيڪريٽريٽ ڪمپليڪس جو دورو ڪيو جتي سيڪريٽري ورڪس نواز سوھو منصوبي تي بريفنگ ڏني. منصوبي جي ڪاٿي لاڳت 2 ارب 51 ڪروڙ 74 لک 30 هزار رپيا آهي جن مان ھاڻي تائين 2 ارب 25 ڪروڙ 72 لک 42 هزار رپيا خرچ ٿي چڪا آهن. مالي سال 2025-26 لاءِ وڌيڪ 25 ڪروڙ 84 لک رپين جي ضرورت آهي جنهن تي وڏي وزير فوري طور فنڊز جاري ڪرڻ جي هدايت ڪئي. نئين ڪمپليڪس ۾ بيسمينٽ، گرائونڊ فلور ۽ پنج اضافي ماڙون شامل آهن جن ۾ آفيسون، آڊيٽوريم، ڪتابن جي لائبريري، ڪيفيٽيريا ۽ نماز جي جاءِ سميت مختلف سهولتون موجود هونديون. ڊجيٽل لائبريري ۾ هڪ وقت ۾ 300 اميدوار ويهي سگھندا جڏهن ته ٽئين ماڙ تي واقع خاص آڊيٽوريم امتحانن، پروگرامن، ورڪشاپن ۽ تربيتي سيشنن لاءِ استعمال ٿيندو جنهن سان ٻاهرين هنڌن تي دارومدار گهٽ ٿيندو. وڏي وزير مراد علي شاهه تعميراتي ڪم تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته منصوبي کي بغير دير مڪمل ڪيو وڃي. هن زور ڏنو ته اهڙي انفراسٽرڪچر جي بهتري ادارن جي مضبوطي ۽ ڀرتين جي عمل ۾ شفافيت لاءِ ضروري آهي. افتتاح جي موقعي تي وڏي وزير کي SPSC جي ڪارڪردگي ۽ انتظامي سڌارن تي به بريفنگ ڏني وئي. ٻڌايو ويو ته موجوده حڪومت جي دور ۾ 100 کان وڌيڪ ملازمن کي ترقي ڏني وئي آهي جڏهن ته پگھار ۽ آفيس جي سجاوٽ ۾ بهتري آندي وئي آهي. وڏي وزير SPSC کي درپيش تاريخي چئلينجن جو اعتراف ڪندي چيئرمين محمد وسيم جي ايماندار قيادت ۽ اڻٿڪ محنت جي واکاڻ ڪئي. هن چيو ته مان چاهيان ٿو ته هر صوبائي کاتي ۾ بهترين آفيسر هجن ۽ اهو تڏهن ئي ممڪن آهي جڏهن ڪميشن مضبوط ۽ شفاف هجي. هن SPSC کي هدايت ڪئي ته ڊاڪٽرن، انجنيئرن ۽ ٻين پروفيشنل شعبن جا امتحان جلد کان جلد ڪرايا وڃن. وڏي وزير مراد علي شاهه آخر ۾ چيو ته ڪمپيوٽر بيسڊ ٽيسٽنگ ليب جو قيام شفافيت ۽ ڪارڪردگي ڏانهن هڪ وڏو قدم آهي ۽ پنهنجي حڪومت جي عزم کي ورجايو ته ڀرتين جو نظام بهتر بڻائينداسين.
Back