وڏي وزير نون چونڊيل سي پي اين اي عهديدارن کي مبارڪباد ڏني
وڏي وزير نون چونڊيل سي پي اين اي عهديدارن کي مبارڪباد ڏني
Posted on: 06 May 2025 Tags:ڪراچي (3 مئي): وڏي وزير سيد مراد علي شاھ ڪائونسل آف پاڪستان نيوز پيپر ايڊيٽرز (CPNE) جي نون چونڊيل نمائندن کي سالياني چونڊن ۾ سندن ڪاميابي تي مبارڪباد ڏني. وڏي وزير سنڌ قاسم خان (صدر)، اياز خان (سينئر نائب صدر)، غلام نبي چانڊيو (سيڪريٽري جنرل)، ۽ تنوير شوڪت (ڊپٽي سيڪريٽري) کي مبارڪباد ڏني. هن حميد حسين عابدي (سيڪريٽري ناڻو)، ضيا تنولي (سيڪريٽري اطلاعات) ۽ نائب صدر قاضي اسد عابد، عدنان ظفر، ميان حسن احمد، ۽ منير احمد بلوچ کي به مبارڪباد ڏني جڏهن ته جوائنٽ سيڪريٽرين طاهر فاروق، منزه سيهام، رفيع نيازي، عارف بلوچ، ۽ وقاص طارق فاروق لاءِ پڻ سندن نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.. وڏي وزير سي پي اين اي اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ مقرر ڪيل ميمبرن کي به مبارڪباد ڏني جنهن ۾ ڊاڪٽر جبار خٽڪ، مقصود يوسفي، شير محمد کهاوڙ، سردار سراج، مدثر اقبال، محمد اویس راضي، شهزاد امين، عرفان اطهر، شڪيل احمد ترابي، تزين اختر، انور ساجدي، ممتاز احمد صادق، فقير منٺار منڱريو، عبدالرحمن منڱريو، ڊاڪٽر زبير محمود، مسعود خان، فضل حق، ذوالفقار احمد راحت، علي احمد ڍلون، عامر محمود، سيد انتظار حسين زنجاني، اسلم ميان، حمزه علي افغان، اياز ميمڻ، مدثر عالم، ۽ محمود عالم خالد شامل آهن. وڏي وزير چيو ته سي پي اين اي پنهنجي قيام کان ئي آزادي صحافت جي مقصد کي برقرار رکيو آهي. هن تسليم ڪيو ته 3 مئي ورلڊ پريس فريڊم ڊي آهي. هن چيو ته "آزاد ۽ منصفاڻي چونڊون جمہوريت جي خوبصورتي ۽ بهتري ڏانهن هڪ سفر آهن." هن آزادي صحافت جي دفاع ۾ سي پي اين اي جي ڪردار جي تعريف ڪئي.
Back