وڏي وزير نيو لنڪ روڊ، شاهراهه ڀٽو ۽ ڪورنگي ڪاز وي پل رٿائن تي اهم اڳڀرائي جو جائزو ورتو

وڏي وزير نيو لنڪ روڊ، شاهراهه ڀٽو ۽ ڪورنگي ڪاز وي پل رٿائن تي اهم اڳڀرائي جو جائزو ورتو

Posted on: 15 Jul 2025   Tags:

ڪراچي (14 جولاءِ): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه نيو لنڪ روڊ، شاهراهه ڀُٽو ايڪسپريس وي ۽ ڪورنگي ڪازوي پل سميت ڪراچي ۾ جاري اهم انفراسٽرڪچر منصوبن جو تفصيلي جائزو ورتو. وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيل اجلاس دوران وڏي وزير پي پي پي يونٽ کي هدايت ڪئي ته نيو لنڪ روڊ کي 25 جولاءِ 2025 تائين ۽ شاهراهه ڀٽو ايڪسپريس وي کي ڊسمبر 2025 تائين مڪمل ڪري عوام لاءِ کوليو وڃي. اجلاس ۾ صوبائي وزير شرجيل ميمڻ، ناصر شاهه، سعيد غني، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، سيڪريٽري ناڻو فياض جتوئي، سيڪريٽري بلديات وسيم شمشاد، سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اسد ضامن، پروجيڪٽ ڊائريڪٽر شاهراهه ڀٽو نياز سومرو، انجنيئر خالد مسرور ۽ ٻيا لاڳاپيل عملدار شامل هئا. نيو لنڪ روڊ: هي منصوبو نئين قومي شاهراهه (N-5) کي موٽروي (M-9) سان ڳنڍڻ لاءِ تيار ڪيو پيو وڃي جنهن جو وڏو حصو مڪمل ٿي چڪو آهي. وڏي وزير چيو ته "هي منصوبو پورٽ قاسم، ڪراچي جي صنعتي علائقن ۽ قومي شاهراهن جي ڄار ۾ مال ۽ مسافر ٽريفڪ لاءِ انقلابي لاڳاپو فراهم ڪندو." روڊ 22 ڪلوميٽر ڊگهو آهي جيڪو چار لين واري ڊبل ڪيريجي وي ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي. ھي منصوبو 3.53 ارب رپين جي لاڳت سان نيشنل هاءِ وي اٿارٽي (NHA) ۽ ان جي ڪنسيشنير ايف ڊبليو او (FWO) جي سهڪار سان مڪمل ڪيو ويندو. موٽروي M-9 تي انٽرچينج (ڪلو ميٽر 34+740) کي ٽن حصن ۾ ورهايو ويو آهي جنھن ۾ ساؤتھ بائونڊ ، موٽروي تي پل ۽ نارٿ بائونڊ شامل آھن. ساؤتھ بائونڊ جو ڪم جاري آهي جيڪو اڳين مهيني تائين مڪمل ٿي ويندو. وڏي وزير هدايت ڪئي ته 25 جولاءِ تي روڊ کولڻ لاءِ سمورا ڪم مڪمل ڪيا وڃن. روڊ جي افتتاح کانپوءِ پراڻي لنڪ روڊ بند ڪئي ويندي. پل ۽ نارٿ بائونڊ تي ڪم 24 اپريل 2025 کان شروع ٿيو ۽ اڳڀرائي اطمينان جوڳي آهي. انٽرچينج آڪٽوبر 2025 جي آخر تائين مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڏني وئي. شاهراهه ڀٽو ايڪسپريس وي: 39 ڪلوميٽر ڊگهو جديد سھولتن سان آراستہ3x3 لين، هاءِ اسپيڊ، ايڪسس ڪنٽرولڊ شاھراھ ڀٽو ايڪسپريس وي جو ڪم 82 سيڪڙو مڪمل ٿي چڪو آھي. هي شاهراهه DHA ڪورنگي کي موٽروي M-9 (ڪاٺوڙ وٽ) سان ڳنڍي ٿي. منصوبي ۾ 6 انٽرچينجز، ٽول پلازا ۽ جديد سهولتون شامل آهن. پهرين سيڪشن (قيوم آباد کان قائد آباد): 99 سيڪڙو مڪمل ٿي چڪو ۽ ٻيو سيڪشن (قائد آباد کان ڪاٺوڙ) 65 سيڪڙو مڪمل مڪمل ٿي چڪو آھي. اهم انٽرچينجز EBM، شاهه فيصل ۽ قائد آباد مڪمل ٿي چڪا آهن جڏهن ته جام صادق ۽ ميمن ڳوٺ انٽرچينج تي ڪم تيزي سان جاري آهي جيتوڻيڪ يوٽيلٽي سروسز جي منتقلي ۽ ييلو لائن ڪوريڊور جي گڏيل ڪم سبب ٿوري دير ٿي آهي. سما ڳوٺ ايليويٽيڊ اسٽرڪچر، جيڪو ملير ندي تي 4 ڪلوميٽر ڊگهو آهي، مقامي ڳوٺن جي بچاءُ لاءِ تعمير ٿي رهيو آهي ۽ ان جي 48 سيڪڙو فزيڪل ڪم آگسٽ 2024 کان مڪمل ٿي چڪو آهي. ڪاٺوڙ انٽرچينج (M9) لاءِ تياريون هلي رهيون آهن ۽ ناڻي کاتي وقت سر مڪمل ڪرڻ لاءِ مسابقتي بولي (Competitive Bidding) جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ڪورنگي ڪازوي پل: ڪورنگي ڪازوي پل منصوبو تيزي سان مڪمل ٿيڻ واري مرحلي ۾ آهي جنهن جو 80 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي۔ هي منصوبو 6.1 ارب رپين جي لاڳت سان تعمير ڪيو پيو وڃي جنهن ۾ 26 ميٽر ويڪرو پل شامل آهي ۽ ان کي نومبر 2025 تائين مڪمل ڪرڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي۔ شاهراهه ڀٽو ۽ ڪورنگي ڪازوي جي جنڪشن لاءِ انتظامي منظوري ملي وئي آهي جڏهن ته ٽينڊرنگ جو عمل جاري آهي ۽ اميد آهي ته اگسٽ 2025 جي وچ ڌاري تعميراتي ڪم شروع ڪيو ويندو، جيئن ئي ڪورنگي ڪازوي پل ڪم ڪرڻ شروع ڪندو موجوده ڪازوي روڊ کي بند ڪيو ويندو. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه انهن منصوبن جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته "اهي سڀ منصوبا ڪراچي جي بنيادي اسٽرڪچر کي بهتر بڻائڻ، ٽرئفڪ جي مسئلن کي گهٽائڻ ۽ بھتر رابطن ذريعي معاشي واڌاري کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن۔" هن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت انهن اهم منصوبن کي وقت سر مڪمل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي ته جيئن پائيدار شهري ترقي کي هٿي ملي ۽ پبلڪ-پرائيويٽ پارٽنرشپ کي وڌيڪ مضبوط بڻائي سگهجي۔

Back