وڏي وزير پاران فتح ميزائل جو ڪامياب تجربو ڌرتيءَ جي دفاع ۾ سنگ ميل قرار

وڏي وزير پاران فتح ميزائل جو ڪامياب تجربو ڌرتيءَ جي دفاع ۾ سنگ ميل قرار

Posted on: 06 May 2025   Tags:

وڏي وزير پاران فتح ميزائل جو ڪامياب تجربو ڌرتيءَ جي دفاع ۾ سنگ ميل قرار  

قوم کي سندس فوج ۽ سائنسدانن تي فخر آهي، سيد مراد علي شاهه

اسان دشمن کي مؤثر جواب ڏيڻ جي مڪمل صلاحيت رکون ٿا، وڏو وزير

 

ڪراچي (5 مئي 2025ع) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه فتح سيريز جي زمين کان زمين تائين مار ڪندڙ ميزائل جي ڪامياب تجربو تي قوم کي واڌايون ڏيندي چيو آھي تھ هيءَ ڪاميابي پاڪستان جي دفاعي تياري، ٽيڪنالاجيءَ ۾ خود انحصاري ۽ قومي سلامتي جي عزم جي عڪاسي ڪري ٿي. وڏي وزير چيو ته فتح ميزائل جو ڪامياب تجربو دشمن لاءِ هڪ واضح پيغام آهي ته پاڪستان پنهنجي ڌرتيءَ جي بچاءَ لاءِ هر وقت تيار آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسان جي فوج جي پيشه ورانه مهارت ۽ اسانجي سائنسدانن ۽ انجنيئرن جي انتھڪ محنت هيءَ ڪاميابي ممڪن بڻائي آهي. سيد مراد علي شاهه چيو ته جديد نيويگيشن سسٽم سان ليس فتح ميزائل قومي دفاعي نظام ۾ هڪ مضبوط اضافو آهي. ھن چيو تھ ھن تجربي دشمن جي جارحيت خلاف موثر جواب کي پاڪستان جي صلاحيت جي تصديق ڪئي آهي. وڏي وزير پاڪ فوج، هن تجربو ۾ شامل سمورن آفيسرن، سائنسدانن ۽ انجنيئرن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته قوم کي پنهنجي بهادر سپاهين، سائنسدانن ۽ اسٽريٽجڪ ادارن تي فخر آهي ۽ سنڌ حڪومت وطن جي دفاع جي هر محاذ تي پاڪ فوج سان ڪلهي سان ڪلهو ملائي بيٺل آهي.

Back