وڏي وزير پاران خيبر پختون خواه ۽ بلوچستان ۾ دھشتگردن خلاف آپريشن تي سڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش
وڏي وزير پاران خيبر پختون خواه ۽ بلوچستان ۾ دھشتگردن خلاف آپريشن تي سڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش
Posted on: 20 May 2025 Tags:ڪراچي (19 مئي 2025ع) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه بلوچستان ۾ ٻن مختلف ڪارروائين دوران ٽن دهشتگردن جي مارجڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي دل جي گهراين سان واڌايون ڏنيون آھن. هن چيو ته دهشتگرد تمام جلد پنهنجي انجام تائين پهچندا، ملڪ ۾ شرپسند عنصرن لاءِ ڪا به جاءِ ناهي. مراد علي شاهه چيو ته پاڪ فورسز جي عزم، بهادري ۽ عوام جي حمايت سان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ فتح اسان جي ٿيندي. وڏي وزير پاڪ فورسز جي وطن لاءِ ڏنل خدمتن ۽ قربانين کي ڀيٽا پيش ڪئي.
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه خيبرپختونخواهه ۾ فتنہ الخوارج خلاف سيڪيورٽي فورسز جي ڪامياب آپريشن تي پڻ خراج تحسين پيش ڪيو آهي. هن چيو ته امن جي دشمنن کي ڪڏهن به معاف نه ڪيو ويندو، فورسز جي جُرت ۽ بهادري کي سلام آهي. وڏي وزير چيو ته 9 دهشتگردن کي انجام تائين پهچائڻ وڏي ڪاميابي آهي. هن افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته ملڪ ۾ ٿيندڙ دهشتگرد ڪارروائين جي پويان ٻاھرين ملڪن، خاص طور تي ڀارت جي پراڪسيز جو هٿ آهي.
دشمن پاڪستان کي غير مستحڪم ڪرڻ جون سازشون ڪري رهيا آهن، پر اسان جون سيڪيورٽي فورسز انهن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻائي رهيون آهن. مراد علي شاهه ٻن سيڪيورٽي اهلڪارن جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪندي شهيد سپاهي فرهاد علي ۽ شهيد لانس نائيڪ صابر کي ڀيٽا پيش ڪئي. هن چيو ته قوم کي پنهنجي بهادر سپوتن تي فخر آهي، جيڪي ملڪ لاءِ جانون قربان ڪري رهيا آهن. شھداءُ اسان جا هيرو آهن ۽ انهن جون قربانيون هميشه ياد رھنديون. وڏي وزير شهيدن جي بلند درجات ۽ وارثن جي صبر لاءِ دعا ڪئي.
Back