وڏي وزير پاران محفوظ سفر ۽ انساني جانن جي تحفظ لاءِ پوليس ۽ ٽرانسپورٽ اهلڪارن کي حفاظتي اپاءَ سختي سان لاڳو ڪرڻ جو حڪم

وڏي وزير پاران محفوظ سفر ۽ انساني جانن جي تحفظ لاءِ پوليس ۽ ٽرانسپورٽ اهلڪارن کي حفاظتي اپاءَ سختي سان لاڳو ڪرڻ جو حڪم

Posted on: 10 Apr 2025   Tags:

ڪراچي (8 اپريل) ڪراچي ۾ ٽريفڪ حادثن ۾ خطرناڪ حد تائين وڌاءُ روڪڻ لاءِ وڏا فيصلا ڪيا ويا. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي زير صدارت هڪ اعليٰ سطح جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ محفوظ سفر ۽ انساني جانن جي تحفظ لاءِ پوليس ۽ ٽرانسپورٽ اهلڪارن کي حفاظتي قدم سختي سان لاڳو ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. وڏي وزير هدايت ڪئي آهي ته سڀ وڏيون، ننڍيون ۽ مسافر گاڏين ۾ ٽريڪر، ڊيش ڪيم ۽ اڳئين، ڪنارن ۽ پويئين حصي ۾ انڊر رن پروٽيڪشن ڊوائيسون لڳائڻ کي يقيني بڻايو وڃي. ان سان گڏ قانون لاڳو ڪندڙ گاڏين جي ڊرائيورن جو اوچتو منشيات ٽيسٽ به ڪندا ته جيئن محفوظ ۽ ذميواري واري ڊرائونگ کي هٿي وٺرائي سگهجي. اجلاس ۾ شرڪت: اجلاس وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيو جنهن ۾ صوبائي وزير سعيد غني، مڪيش چاولا، ضياءالحسن لنجار، مئير ڪراچي مرتضيٰ وهاب، آءِ جي پوليس غلام نبي ميمڻ، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، گهرو سيڪريٽري اقبال ميمڻ، ڪمشنر ڪراچي حسن نقوي، ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي جاويد اوڍو، سيڪريٽري ايڪسائيز ۽ ٽيڪسيشن سليم راجپوت، سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اسد ضامن، ڊي آءِ جي ڊرائونگ لائيسنس اقبال ڊارا، ڊي آءِ جي ٽريفڪ پير محمد شاهه سميت ٻين اهلڪارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وڏي وزير شهر ۾ محفوظ ۽ موثر ٽريفڪ مينجمينٽ لاءِ اهم فيصلا ڪيا. حفاظتي سامان جي لڳائڻ؛ وڏي وزير مشاهدو ڪيو ته گهڻيون وڏيون گاڏيون ٽريڪرن ۽ ڊيش ڪيمز سان لیس نه هونديون آهن. هن حڪم ڏنو ته سڀ وڏيون گاڏيون (HTV)، ننڍيون گاڏيون (LTV) ۽ مسافر گاڏيون (PSV) ۾ ٽريڪر، ڊيش ڪيم ۽ اڳيان، ڪنارن ۽ پويان انڊر رن پروٽيڪشن ڊوائيسن سان لازمي هونديون. واٽر ٽينڪرن لاءِ ضابطا: مراد علي شاهه چيو ته جيڪي ٽينڪر پاڻي پهچائيندا هجن يا جيڪي غير خانيدار (نان ڪمپارٽمينٽلائيزڊ) هجن ۽ جنهن ۾ بيفل پليٽس نه هجن تن کي روڊ تي هلڻ جي اجازت نه هوندي ته جيئن گاڏين جي خطرناڪ ليڪيج ۽ غير متوازن حرڪت کان بچيو وڃي. هن چيو ته هي فيصلو اڄ کان لاڳو ٿيڻ گهرجي ۽ وڌيڪ هدايت ڪئي ته گاڏين جي فٽنيس سان لاڳاپيل گهرجن کي به هر صورت ۾ پورو ڪيو وڃي.وڏي وزير ٽريفڪ پوليس کي هدايت ڪئي ته اهي گاڏيون فوري طور تي ضبط ڪن جن جا فٽنيس سرٽيفڪيٽ منسوخ ڪيا ويا آهن ۽ انهن کي روڊن تي واپس اچڻ جي اجازت نه ڏني وڃي جيستائين ٽرانسپورٽ کاتو انهن کي روڊ تي هلڻ لاءِ قابل قرار نه ڏئي. ڊرائيورن لاءِ منشيات جي ٽيسٽ: هڪ غير معمولي فيصلو وٺندي وڏي وزير ٽريفڪ پوليس کي هدايت ڪئي ته وڏين، ننڍين ۽ مسافر گاڏين جي ڊرائيورن جا بي ترتيب منشيات جا ٽيسٽ ڪرايا وڃن ته جيئن محفوظ ۽ ذميوار ڊرائيونگ کي يقيني بڻائي سگهجي. هن پوليس کي شهر ۾ رفتار جي حد کي سختي سان لاڳو ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي. وڏي وزير حڪم ڏنو ته ڪراچي شهر جي حدن اندر هيوي گاڏين جي وڌ ۾ وڌ رفتار 30 ڪلوميٽر في ڪلاڪ مقرر ڪئي وڃي ته جيئن موتمار حادثن جو خطرو گهٽجي سگهي. خودڪار اي-ٽڪيٽنگ سسٽم: وڏي وزير ضياء لنجار کي هدايت ڏني ته ٽريفڪ قانونن جي مؤثر نفاذ لاءِ شفاف ۽ خودڪار اي-ٽڪيٽنگ سسٽم متعارف ڪرايو وڃي. هن کاتي جي ڪوآرڊينيشن جا حڪم پڻ جاري ڪيا. وڏي وزير چيو ته ٽرانسپورٽ کاتو، ايڪسائيز کاتو، لائسنسنگ اٿارٽي، ٽريفڪ پوليس ۽ نادرا کي ڊجيٽل طور تي هڪٻئي سان ڳنڍيل هجڻ گهرجي ته جيئن بهتر رابطي ۽ قانونن جي اثرائتي عملدرآمد کي يقيني بڻائي سگهجي. ٽريفڪ انجنيئرنگ بيورو ۾ اصلاح: وڏي وزير ٽريفڪ انجنيئرنگ بيورو کي فعال ۽ اثرائتو بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ۽ ان کي ميئر ڪراچي جي انتظامي ڪنٽرول هيٺ رکيو ته جيئن رٿابندي ۽ عملدرآمد جو هڪ بهتر نظام قائم ڪري سگهجي. هن ڊرائيونگ لائسنس حاصل ڪرڻ کان اڳ تربيت کي لازمي بڻائڻ جو پڻ فيصلو ڪيو. وڏي وزير ٽرانسپورٽ ۽ پوليس کاتن کي ڊرائيونگ اڪيڊميون قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئي جنهن ۾ بين الاقوامي معيارن مطابق ٿيوري، سموليشن ۽ عملي تربيت فراهم ڪئي وڃي ۽ لائسنس ڏيڻ کان اڳ تربيت کي لازمي قرار ڏنو وڃي.ڊي-ميرٽ پوائنٽ سسٽم: وڏي وزير، ٽرانسپورٽ کاتي ۽ پوليس سان صلاح مشوري کانپوءِ هڪ نئون پوائنٽس تي ٻڌل نظام متعارف ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو جنهن تحت لائسنس هولڊرن کي بار بار خلاف ورزي ڪرڻ تي جوابده قرار ڏنو ويندو. هن پوائنٽ سسٽم جي اهم خاصيتن ۾ شامل آهي ته هر ڊرائيور کي شروع ۾ 12 پوائنٽس ڏنا ويندا ۽ هر خلاف ورزي ڪرڻ لاءِ پوائنٽس ڪٽيا ويندا جڏهن پوائنٽس ٻُڙي تي پهچندا ته لائسنس معطل ڪيو ويندو. سنگين خلاف ورزين تي وڌيڪ پوائنٽ ڪٽيا ويندا. پوائنٽس جي بحالي لاءِ هڪ مدت پڻ مقرر ڪئي وئي آهي جنهن ۾ معمولي ڀڃڪڙين لاءِ 2 سالن کانپوءِ ۽ سنگين خلاف ورزين لاءِ 3 سالن کانپوءِ پوائنٽس بحال ڪيا ويندا. پوائنٽ گھٽائڻ جو ڍانچو: پوائنٽس ڪٽوتي جو ڍانچو اهڙو هوندو جو تيز رفتاري، هيلمٽ کان سواءِ گاڏي هلائڻ ۽ سيٽ بيلٽ نه پائڻ تي ٻه پوائنٽس ڪٽيا ويندا. غير محفوظ اوورٽيڪنگ، ڳاڙهي بتين تي گاڏيون هلائڻ ۽ اسٽاپ لائن پار ڪرڻ تي ٽي پوائنٽ ڪٽيا ويندا. لاپرواهي سان ڊرائيونگ يا هڪ پاسي خلاف ورزي تي پنج پوائنٽ ڪٽيا ويندا. نشي ۾ گاڏي هلائڻ ۽ هٽ اينڊ رن لاءِ ڇهه پوائنٽ ڪٽيا ويندا ۽ لائسنس فوري طور تي معطل ڪيو ويندو. وڏي وزير گهرو ۽ قانون واري وزير ضيا لنجار کي هدايت ڪئي ته جيڪڏهن ضرورت هجي ته ٽريفڪ قانونن ۾ ضروري ترميمون ڪيون وڃن. وڏي وزير مراد علي شاهه ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن کاتي ۽ پوليس کي هدايت ڪئي ته گاڏين ۾ غير قانوني ترميمن ۽ قانونن جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو وڃي. هن چيو ته مهانگي نمبر پليٽن، رنگين شيشن، غير مجاز ايمرجنسي لوازماتن ۽ ٽرئفڪ جي خلاف ورزين جهڙوڪ لائسنس کان سواءِ گاڏي هلائڻ، هيلمٽ کانسواءِ سواري ڪرڻ، موٽرسائيڪلن تي ٽن ماڻهن جي سواري ڪرڻ ۽ ضروري حفاظتي جزا (هيڊ لائيٽس، ٽيل لائيٽس، ايمرجنسي لائيٽس، چين ڪَورز، ۽ ريئر ويو مرر) نه هجڻ خلاف ڪريڪ ڊائون لاءِ جاري آپريشن کي تيز ڪيو وڃي. نفاذ ڪاميٽي: وڏي وزير سيڪريٽري ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن، سيڪريٽري ٽرانسپورٽ، ڊي آءِ جي ڊرائيونگ لائسنس ۽ ڊي آءِ جي ٽريفڪ پوليس تي ٻڌل هڪ ڪميٽي پڻ ٺاهي ته جيئن ايگزيڪيوٽو آرڊرز، ايس او پيز ۽ قانوني ترميمن ذريعي انهن قدمن تي فوري طور تي عمل درآمد کي يقيني بڻائي سگهجي. وڏي وزير مراد علي شاهه زور ڏنو ته انهن قدمن جو مقصد شهرين جي زندگين کي بچائڻ ۽ ڪراچي جي روڊن کي سڀني شهرين لاءِ محفوظ بڻائڻ آهي. هن چيو ته اسان کي فيصلائتا قدم کڻڻا پوندا. اسان جي شهرين جون قيمتي زندگيون انتهائي قيمتي آهن، انهن کي لاپرواهي ۽ قانونن جي خرابين سبب ضايع ٿيڻ نه ڏنو ويندو.

Back