وڏي وزير پاران شاهراهه ڀٽو جو دورو، ترقياتي منصوبن جو جائزو

وڏي وزير پاران شاهراهه ڀٽو جو دورو، ترقياتي منصوبن جو جائزو

Posted on: 07 Apr 2025   Tags:

ڪراچي (3 اپريل)؛ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاہ جمعرات تي شاهراهه ڀٽو جو دورو ڪيو ۽ ڪراچي ۾ جاري وڏن ترقياني منصوبن جو جائزو ورتو. هن جام صادق انٽرچينج، قائدآباد انٽرچينج ۽ شاهراهه ڀٽو واري منصوبي جو معائنو ڪيو ۽ انهن جي وقت سر مڪمل ڪرڻ تي زور ڏنو. وڏي وزير سان گڏ سينيئر وزير شيرجيل ميمڻ، وزير بلديات سعيد غني ۽ مئير ڪراچي مرتضي وهاب پڻ موجود هئا. معائني دوران وڏي وزير منصوبي جي ڊائريڪٽر کي هدايت ڏني ته ڪم جي رفتار تيز ڪجي ته جيئن منصوبا وقت تي مڪمل ٿي سگهن. هن منصوبي جي ٽيم کي چيو ته عيد جون موڪلون ختم ٿي چڪيون آهن هاڻي ڪم کي مڪمل رفتار سان اڳتي وڌائڻ جو وقت آهي. جام صادق انٽرچينج: وڏي وزير جي دوري جو هڪ اهم مقصد جام صادق انٽرچينج جو معائنو هو جيڪو ٽريفڪ لاءِ هڪ اهم لنگهه آهي. شروع ۾ هن منصوبي جي مڪمل ڪرڻ لاءِ ٽن مهينن جو ڪاٿو لڳايو ويو هو پر وڏي وزير انکي ٻن مهينن ۾ مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڏني. هن علائقي ۾ ٽريفڪ دٻاءُ گهٽائڻ جي اھميت تي زور ڏنو. وڏي وزير مراد علي شاہ شاهراهه ڀٽو تي ڪازوي جي ويجھو تعمير هيٺ چوراهي جو پڻ جائزو ورتو ۽ انکي جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڏني. هن لاڳاپيل آفيسرن کي چيو ته ڊيفنس ۽ عائشه مسجد پاران ٽريفڪ جي رواني کي بهتر بنائڻ لاءِ مؤثر حل ڳولجن ته جيئن شهرين ۽ مسافرن کي ڪا به پريشاني نه ٿئي. شاهراهه ڀٽو جو اضافي ڪم: هڪ اهم اڳڀرائي تحت وزيراعلي وڏي وزير شاهراهه ڀٽو کي ايندڙ ٽن سالن ۾ ڪراچي سي پورٽ سان ڳنڍڻ جو منصوبو پيش ڪيو. هن وضاحت ڏني ته هي منصوبو ملڪ ۾ سامان جي مؤثر ٽرانسپورت کي يقيني بڻائيندي اهم ڪردار ادا ڪندو. هن منصوبي جو مقصد ڪراچي پورٽ ٽرسٽ کي شاهراهه ڀٽو سان ڳنڍڻ آهي جنهن سان لاجسٽڪس نظام ۾ بهتري ايندي ۽ شهر ۾ ٽريفڪ جو دٻاءُ گهٽجندو. مراد علي شاہ ييلو لائن جام صادق پل جو دورو ڪيو ۽ وزير اطلاعات ۽ ٽرانسپورٽ شرجيل ميمڻ کي هدايت ڏني ته هن منصوبي کي ايندڙ ٻن مهينن ۾ مڪمل ڪيو وڃي. هن عملدارن کي چيو ته ڄاڻايل ٽريفڪ مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ تفصيلي نقشا تيار ڪجن جيڪي ايندڙ اربع يا خميس تي ٿيندڙ اجلاس ۾ بحث لاءِ پيش ڪيا وڃن . قائدآباد انٽرچينج: قائدآباد انٽرچينج جي دوري کان اڳ وڏي وزير شاهراهه ڀٽو ٽول پلازہ تي پاڻ ٽول ٽيڪس ادا ڪري قانون جي پابندي جي مثال قائم ڪئي. قائدآباد انٽرچينج جي دوري دوران وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته انٽرچينج جي اچ ۽ وڃ جا ريمپس مڪمل ٿي چڪا آهن ۽ اپريل جي آخر يا مئي جي پهرين هفتي تائين آپريشنل ٿيڻ جو امڪان آهي. انهن مسافران جي سهولت لاءِ انٽرچينج کي جلد از جلد ٽريفڪ لاءِ کولڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. وڏي وزير قائدآباد کان سمون ڳوٺ تائين چار ڪلوميٽر ڊگهي ايليويٽڊ روڊ جي تعمير ۾ تيزي آڻڻ جي هدايت به ڏني جيڪا سمون ڳوٺ ۾ انساني آبادگي جي تحفظ لاءِ ضروري آهي. ڪراچي جي شهري انفراسٽرڪچر ۾ تبديلي جي دوران وڏي وزير جو دورو سنڌ حڪومت جي ان عزم کي اجاڳر ڪري ٿو ته هو پاڪستان جي وڏي شهر ۾ ٽريفڪ جي رواني ۽ روڊن کي ڳنڍڻ کي بهتر بنائڻ لاءِ انهن اهم منصوبن کي مڪمل ڪرڻ ۾ تيزي آڻيندا.

Back