وڏي وزير پاران شڪارپور ۾ ڌاڙيلن خلاف ڪارروائي تيز ڪرڻ جو حڪم
وڏي وزير پاران شڪارپور ۾ ڌاڙيلن خلاف ڪارروائي تيز ڪرڻ جو حڪم
Posted on: 19 Dec 2025 Tags:ڪراچي (9 ڊسمبر): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه شڪارپور ۾ ڏوهارين خلاف آپريشن دوران زخمي ٿيندڙ پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن جي بهادري کي ڀيٽا پيش ڪئي. هن پوليس کي هدايت ڪئي ته ڏوهارين خلاف ڪارروايون وڌيڪ تيز ڪيون وڃن ۽ ضلعي ۾ مڪمل امن امان جي بحالي يقيني بڻائي وڃي. وزيراعلیٰ هائوس مان جاري بيان موجب وزيراعلیٰ ڊي ايس پي سٽي شڪارپور پارس بکراني، ڊي ايس پي ڳڙهي ياسين ظہور سومرو ۽ چار زخمي اهلڪارن سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو ۽ سندن جلد صحتيابي لاءِ دعا گهري. وزيراعلیٰ سکر ضلعي ڪائونسل جي چيئرمين سيد ڪميل شاهه کي هدايت ڪئي ته ضرورت پوڻ تي زخمي آفيسرن لاءِ ايئر ايمبولينس جو بندوبست ڪيو وڃي ته جيئن کين بهترين طبي سهولتون فراهم ڪيون وڃن. وزيراعلیٰ خبردار ڪيو ته جيڪي ڏوهاري سرينڊر نه ڪندا، انهن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. مراد علي شاهه زور ڏنو ته پوليس کي شڪارپور ۾ رياستي رِٽ قائم رکڻ لاءِ واضح هدايتون ڏنيون ويون آهن. هن چيو ته ڪنهن به قسم جي نرمي برداشت نه ڪئي ويندي. ڏوهارين جو مڪمل خاتمو ۽ شڪارپور ۾ امن جي بحالي ضروري آهي. آءِ جي پاران شڪارپور آپريشن بابت وزيراعلیٰ کي بريفنگ: انسپيڪٽر جنرل پوليس غلام نبي ميمڻ وزيراعلیٰ کي منڇر شاهه، شڪارپور ۾ ٿيل تازي ڪارروائي بابت بريفنگ ڏني. هن ٻڌايو ته ڊي ايس پي پارس بکراني، ڊي ايس پي ظہور سومرو ۽ ٻه اهلڪار هٿياربندن جي حملي ۾ زخمي ٿيا جن کي فوري طور اسپتال منتقل ڪيو ويو. آءِ جي وڌيڪ ٻڌايو ته مقابلي ۾ 9 ڏوهاري مارجي ويا جن ۾ گروهه جا سرغنه به شامل هئا. اهي ڏوهاري تاوان لاءِ اغوا ۽ ٻين سنگين ڏوهن ۾ ملوث هئا. آپريشن دوران پوليس بڪتر بند گاڏيون ۽ ڊرون ٽيڪنالاجي استعمال ڪئي، جنهن سان ڪارروائي جي حفاظت ۽ درستگي ۾ وڌيڪ بهتري آئي. وزيراعلیٰ پوليس کي هدايت ڪئي ته شڪارپور ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ آپريشن کي وڌيڪ تيز ڪيو وڃي ته جيئن باقي بچيل ڏوهاري نيٽ ورڪ جو به مڪمل خاتمو ٿي سگهي. هن چيو ته آپريشن پوري قوت سان جاري رهن. جيڪو به امن خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو ان سان سختي سان منهن ڏنو ويندو. وزيراعلیٰ شڪارپور ۾ ڊگهي مدي واري امن جي بحالي لاءِ حڪومت جي عزم کي ورجائيندي، ضلعي ۾ پوليس آپريشنز لاءِ مڪمل سهڪار جي به يقين ڏياريو.
Back