وڏي وزير پاران ٽي پي لنڪ ڪينال کولڻ تي پنجاب تي سخت تنقيد

وڏي وزير پاران ٽي پي لنڪ ڪينال کولڻ تي پنجاب تي سخت تنقيد

Posted on: 17 Apr 2025   Tags:

ڪراچي (16 اپريل): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ٽي پي لنڪ ڪينال کولڻ واري فيصلي تي پنجاب حڪومت کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو، جنهن تي سنڌ اڳ ئي اعتراض ڪري چڪو آهي. هن چيو ته اسان هن وقت پاڻي جي 50 سيڪڙو کوٽ کي منهن ڏئي رهيا آهيون، ان صورتحال ۾ ٽي پي لنڪ ڪينال کولڻ هڪ غير ذميواراڻو قدم آهي. مراد علي شاهه چيو ته پنجاب پنهنجي پوزيشن کي ڪمزور پئي ڪري جڏهن ته سنڌ جو ڪيس مضبوط ٿي رهيو آهي. اسان تيستائين خاموش نه ويهنداسين جيستائين ڪينال منصوبو بند ڪرڻ جو باقاعده اعلان نٿو ڪيو وڃي. هن اها ڳالهه ڊائو يونيورسٽي آف هيلٿ سائنسز ۾  ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪئي جتي هن  ڪمپريهينسو  ڪينسر سينٽر ۽ گرلز هاسٽل جو افتتاح ڪيو . تقريب ۾ چيئرمين ايڇ اي سي سنڌ پروفيسر طارق رفيع، ڊائو يونيورسٽي جو وي سي ڊاڪٽر سعيد قريشي، طبي ماهرن، صوبائي سيڪريٽرين، سرڪاري اهلڪارن ۽ ٻين شرڪت ڪئي. هن چيو ته اڄ سنڌ جي ماڻهن لاءِ هڪ تاريخي ڏينهن آهي. هي ڪينسر سينٽر ان مريضن لاءِ وڏي مدد فراهم ڪندو جيڪي هن جان ليوا بيماري سان وڙهي رهيا آهن. وڏي وزير سهولت ۾ وڌيڪ ٽي جديد مشينن لڳائڻ جو اعلان ڪيو ۽ خيرخواهن ۽ خانگي شعبي کي اپيل ڪئي ته هو اڳيان اچن ۽ هن نيڪ مقصد ۾ پنهنجو حصو وجهن. وڏي وزير چيو ته هي مرڪز صوبي ۾ ڪينسر جي سنڀال ۾ انقلاب آڻڻ لاءِ تيار آهي جيڪو سڄي ريجن جي مريضن کي جديد ۽ سستو علاج فراهم ڪندو. وڏي وزير ڪينسر سينٽر جي افتتاح کي سنڌ جي ماڻهن لاءِ هڪ تاريخي گهڙيءَ قرار ڏيندي زور ڏئي چيو ته هي نئين سهولت رڳو هڪ طبي ادارو ناهي پر اميد، جدت ۽ مضبوطي جي علامت آهي. وڏي وزير چيو ته هي مرڪز ڪينسر سان وڙهندڙ خاندانن لاءِ هڪ چراغ آهي. هن وڌيڪ چيو ته هي اسان جي عزم جي علامت آهي ته اسان عالمي معيار جي صحت کي سڀني لاءِ خاص طور تي ڪمزور طبقن لاءِ دستياب بڻائينداسين. هي قدم 2021 ۾ پاڪستان جو پهريون عوامي شعبي جو گاما نائف ريڊيولوجي يونٽ قائم ٿيڻ سان شروع ٿيو. ڪينسر سينٽر جي بنياد 2022 ۾ رکي وئي ۽ ٿوري وقت ۾ هن ويژن کي عملي جامو پهرايو ويو. هي مرڪز ريڊيشن آنڪولوجي، ميڊيڪل آنڪولوجي، ۽ نيوڪليئر ميڊيسن ٿيرانوستڪس جي جديد شعبن سان ليس آهي ۽ ان سان گڏ جديد تحقيق ۽ تدريس جي سهولتون پڻ موجود آهن. علاج، تعلیم اور تحقيق جو هي جوڙ ملڪ جي سڀ کان جامع ڪينسر ادارن ۾ شامل ڪري ٿو. مراد علي شاهه پروفيسر ڊاڪٽر سعيد قريشي، وي سي ڊي يو ايڇ ايس ۽ سندس محنتي ٽيم جي اڻٿڪ ڪوششن کي خراج تحسین پيش ڪيو. هن چيو ته هي ڪاميابي ان ڳالهه جي گواهي آهي ته قيادت، مهارت، ۽ ويزن جي گڏ ٿيڻ سان ڇا حاصل ٿي سگهي ٿو. ڪينسر سينٽر جو مقصد نه رڳو جان بچائيندڙ علاج فراهم ڪرڻ آهي پر پائيدار آگاهي ۽ تعليم جي پروگرامن ذريعي ابتدائي تشخيص کي پڻ هٿي وٺرائڻ آهي. تقريب جي پڄاڻي وڏي وزير سرڪاري طور تي مرڪز جو افتتاح ڪيو ۽ سڀني فريقن کي اپيل ڪئي ته هو سنڌ جي ماڻهن لاءِ صحت مند ۽ روشن مستقبل کي يقيني بڻائڻ جي جاري مشن ۾ تعاون ڪن.

Back