وڏي وزير سان لاڙڪاڻي ۽ سکر ڊويزن جي هندو برادري جي اڳواڻن جي ملاقات
وڏي وزير سان لاڙڪاڻي ۽ سکر ڊويزن جي هندو برادري جي اڳواڻن جي ملاقات
Posted on: 10 Apr 2025 Tags:ڪراچي (9 اپريل): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ لاڙڪاڻي ۽ سکر ڊويزن جي هندو برادري جي اڳواڻن سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ هن اعلان ڪيو ته سندس حڪومت ڪولهي، ڀيل ۽ ميگهواڙ برادريءَ جي فردن کي سنڌ پوليس ۾ شامل ڪيو آهي جيڪو هڪ جامع ڀرتي پاليسي جو حصو آهي. هن اغوا جي واقعن ۾ هندئن کي خاص طور تي نشانو بڻائڻ جي غلط تصور کي رد ڪندي چيو ته 2024-25 ۾ 310 رپورٽ ٿيل اغوا جي واقعن ۾ رڳو اٺ متاثرين هندو هئا جنهن مان ستن کي واپس ڪرايو ويو آهي جڏهن ته رڳو هڪ هندو راجيش جو معامرو التوا هيٺ آهي. هن چيو ته هندن کانسواءِ پنج مسلمان به موجوده ڪيسن ۾ لاپتا آهن پر حڪومت ڀنگ عيوض اغوا جي واقعن تي گهڻي حد تائين ضابطو آندو آهي. ملاقات ۾ صوبائي وزيرن شرجيل انعام ميمڻ، ضياءالحسن لنجار، مڪيش ڪمار چاوله، ايم پي اي جميل سومرو، راجوير سنگهه، لال چند اڪراڻي، ويرجي ڪولهي، سکديو آسرداس، چيف سيڪريٽري، گهرو سيڪريٽري، آءِ جي پوليس ۽ ٻيا لاڳاپيل عملدار شامل هئا. وڏي وزير هندو برادري کي سنڌ جي اصل رهاڪن طور تسليم ڪيو ۽ سندن واپار، ڪاروبار، تعليم، صحت ۽ ٻين شعبن ۾ صوبي جي ترقي ۾ اهم ڪردار کي ساراهيو. هن زور ڏئي چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري واضح ڪري چڪو آهي ته اقليتن خلاف ڪنهن به ناانصافي کي برداشت نه ڪيو ويندو ۽ سنڌ حڪومت هندو برادري جي مسئلن جي حل کي ترجيح ڏيڻ لاءِ پرعزم آهي. وڏي وزر ڪشمور ۽ ڪنڌڪوٽ جهڙن ڊويزنن ۾ قانون ۽ صورتحال جو جائزو ورتو جتي عدم تحفظ جون خبرون آهن. هن چيو ته جيتوڻيڪ شڪارپور ۽ لاڙڪاڻي ۾ صورتحال بهتر ٿي آهي پر اڃا به وڌيڪ ڪوششن جي ضرورت آهي. رپورٽن ۾ لاڙڪاڻي ۾ موٽرسائيڪل ۽ گاڏين جي چوري ۾ واڌ جي پڻ نشاندهي ڪئي وئي. هندو برادري جي ميمبرن مندرن جي زمينن تي غيرقانوني قبضي، اغوا جي واقعن ۽ زمينن جي بي دخلي جي معاملن تي ڳڻتي ظاهر ڪئي. هن ٻڌايو ته راجيش پنج مهينن کان گم آهي جنهن تي وڏي وزير آءِ جي پوليس کي هدايت ڏني ته ان کي واپس ڪرائڻ کي ترجيح ڏني وڃي. گهرو وزير ۽ آءِ جي پوليس وڏي وزير کي ڪچي جي علائقن ۾ ڏوهارين ۽ ڌاڙيلن خلاف جاري ڪارواين بابت بريف ڏيندي ٻڌايو ته آپريشنن ۾ 152 ڌاڙيلن کي نشانو بڻايو ويو جن ۾ 20 پوليس آفيسر شهيد ٿيا آهن جيڪو پوليس جي عهد جي پاسداري کي ظاهر ڪري ٿو. وڏي وزير چيو ته 25-2024 ۾ ٽوٽل 310 اغوا جا واقعا ٿيا جن ۾ رڳو اٺ هندو متاثرين هئا جن مان ست کي اڳ ۾ ئي واپس ڪرايو ويو آهي. هن يقين ڏنو ته راجيش کي جلد واپس ڪرائڻ لاءِ سخت قدم کنيا ويندا. هن چيو ته سنڌ پنهنجي اقليتن کي ڪنهن به ٻئي صوبي کان وڌيڪ تحفظ فراهم ڪري ٿو. وڌيڪ چيو ته پيپلزپارٽي ڪڏهن به پنهنجي اقليتي برادرين کي اڪيلو نه ڇڏيو آهي ۽ نه ئي ڪڏهن ڇڏيندي. مسئلن جي بهتر ۽ فوري حل لاءِ وڏي وزير هر ڊويزن ۾ ڪاميٽيون جوڙڻ جو اعلان ڪيو جن ۾ هندو پنچايت، ڪمشنرن ۽ ڊي آءِ جيز جا نمائندا شامل هوندا ته جيئن برادري جي مسئلا حل ڪري سگهجن. هن اهو پڻ ٻڌايو ته اقليتي برادرين سميت ڪولهي، ڀيل ۽ ميگهواڙ جي ميمبرن کي سنڌ پوليس ۾ شامل ڪيو ويو آهي. هن چيو ته جيڪڏهن هندو برادري چاهي ٿي ته هو انهن جي مقدس مقامن جي حفاظت لاءِ هندو پوليس اهلڪار تعينات ڪرائيندي. وڏي وزير پوليس کي هدايت ڪئي ته سڀ وڏن شهرن ۾ اسٽريٽ ڪرائم خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ حڪومت جي موقف کي ٻيهر ورجايو ته اسان ڏوهارين کي ختم ڪنداسين انهن سان ڪو به سهڪار نه ڪنداسين.
Back