وڏي وزير سان لياريءَ جي باڪسنگ چيمپئن عاليا سومرو جي ملاقات

وڏي وزير سان لياريءَ جي باڪسنگ چيمپئن عاليا سومرو جي ملاقات

Posted on: 09 May 2025   Tags:

ڪراچي (8 مئي)، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ لياري جي 19 سالن جي باڪسنگ چيمپئن عاليا سومرو سان ملاقات ڪئي، ان کي 10 لک روپيا نقد انعام ڏنو ۽ حڪومت طرفان هر ممڪن سهڪار جي آڇ ڪئي جنهن ۾ ضرورت پوڻ تي پروفيشنل ڪوچ پڻ فراهم ڪيو ويندو. هي ملاقات وزيرِاعليٰ هائوس ۾ ٿي جنهن ۾ صوبائي وزير علي حسن زرداري، ميئر ڪراچي مرتضىٰ وهاب، پرنسپل سيڪريٽري آغا وسيف ۽ صوبائي اسيمبلي جا ميمبر شازيه ڪريم ۽ محمد يوسف شرڪت ڪئي. عاليه سومرو حال ۾ تاريخ رقم ڪئي آهي جڏهن هن عالمي باڪسنگ ٽائٽل کٽي پاڪستان جي پهرين عورت بڻجي وئي آهي. هن وقت هو ٿائيلينڊ ۾ سکيا حاصل ڪري رهي آهي ۽ ٻن مهينن کانپوءِ دبئي ۾ هڪ ڀارتي باڪسر سان مقابلو ڪندي. وڏي وزير مراد علي شاھ عاليه جي هن ڪاميابي جي واکاڻ ڪئي ۽ ان کي ايشيئن گيمز جي تياري شروع ڪرڻ جي هدايت ڏني ۽ مڪمل تعاون جو يقين ڏياريو. هن چيو ته محنت ڪيو؛ سنڌ حڪومت توهان سان گڏ آهي.

Back