وڏي وزير سید مراد علی شاہ جي صدارت ھيٺ بلدیات کاتی ترقیاتی پورٹ فولیو جو اجلاس
وڏي وزير سید مراد علی شاہ جي صدارت ھيٺ بلدیات کاتی ترقیاتی پورٹ فولیو جو اجلاس
Posted on: 21 Aug 2025 Tags:ڪراچي (18 آگسٽ): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه مالي سال 2025-26 لاءِ بلديات کاتي جي ترقياتي پورٽ فوليو جو جائزو اجلاس صدارت ڪئي. هن پورٽ فوليو جي مجموعي ماليت 78.087 ارب رپيا آهي. وڏي وزير ٻڌايو ته 78.087 ارب رپين جي لاڳت سان 765 ترقياتي اسڪيمون شامل ڪيون ويون آهن جن ۾ 696 جاري اسڪيمون ۽ 60 نيون اسڪيمون آهن، جن مان 16 ڪيري فارورڊ ۽ 44 مڪمل نيون آهن. ان کان علاوه ڪراچي جي ميگا پروجيڪٽس لاءِ 8288.680 ملين رپيا رکيا ويا آهن. اجلاس ۾ ڪراچي ۽ حيدرآباد جي ميگا ترقياتي منصوبن جو به جائزو ورتو ويو. اجلاس وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيو جنهن ۾ وزير بلديات سعيد غني، ميئر ڪراچي بئرسٽر مرتضيٰ وهاب، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، چيئرمين پي اينڊ ڊي نجم شاهه، سيڪريٽري ناڻو فياض جتوئي، سيڪريٽري بلديات وسيم شمشاد ۽ ٻيا اعليٰ آفيسر موجود هئا. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته جاري مالي سال لاءِ 86375.6 ملين رپيا رکيا ويا آهن جن مان 23390.821 ملين رپيا جاري ٿي چڪا آهن جڏهن ته 1412.293 ملين رپيا خرچ ڪيا ويا آهن. جاري اسڪيمون مجموعي طور 7 سيڪڙو اڳتي وڌيون آهن جڏهن ته نيون اسڪيمون تازو ئي پي اينڊ ڊي منظور ڪيون آهن.
ڪراچي جا ترقياتي منصوبا:
وڏي وزير کي بريفنگ ڏني ويئي ته ڪراچي ۾ 8.2 ارب رپين جي لاڳت سان ڇهه وڏا منصوبا شامل آهن. انهن ۾ ايف بي ايريا ۾ علامه اقبال پارڪ جو قيام، ڊسٽرڪٽ سائوٿ ۾ نهرِ خيام جي بحالي، ڊسٽرڪٽ سينٽرل ۾ اسپورٽس ڪمپليڪس جي تعمير، ڪورنگي ڪاز وي جي ٻيهر تعمير، سچل ڳوٺ ۾ روڊن جي تعمير شامل آهن. ان کان علاوه منظور ڪالوني جي ڊرينيج سسٽم جي بحالي، ٿڌو نالي، مهراڻ ڊرين، نئشنل هاءِ وي (N-5) مرغي خانو وٽ ملير ندي ۽ ڪورنگي ڪاز وي تي شاهراههِ ڀٽو جي مقام تي جنڪشن جا ڪم پڻ جاري آهن. وڏي وزير بلديات کاتي کي هدايت ڪئي ته انهن ميگا اسڪيمون جي رفتار تيزي سان وڌائي وڃي ۽ اعلان ڪيو ته هو پاڻ انهن منصوبن جو دورو ڪندو. هن چيو ته ڪراچي جي ترقياتي منصوبن تي عملدرآمد ۾ تيزي آڻڻ لازمي آهي. مزید ٻڌايو ويو ته مالي سال 2025-26 لاءِ ڪراچي ۾ 13 نيون اسڪيمون به شامل ڪيون ويون آهن جن ۾ پراڻي شهر ۽ واپاري علائقن جي ترقي، ڪي ايم سي جي پراڻين مارڪيٽن جي بحالي، چيڪ پوسٽ 4 (ملير ڪينٽ) کان موٽر وي M-9 تائين روڊ جي تعمير، چيڪ پوسٽ 3 کان شاهراهه ڀٽو تائين روڊ جي تعمير، آءِ بي سومرو ايونيو ۽ ميمن مامڙ روڊن جي ترقي، شاهه فيصل ڪالوني ۾ روڊن جي تعمير، برساتي نالن جي بحالي، شاهراهه ڀٽو جا لنڪ روڊ، گلشن حدید موڙ کان الله ولي چوڪ تائين نئون روڊ، حب ريوَر روڊ (توري بنگش) کان اتحاد ٽائون تائين روڊ، ڪراچي ٽريفڪ ڪوريڊور منصوبو، گجر نالي تي فلاءِ اوور، سر شاهه سليمان روڊ تي تعميرات، برڊ اييوري سائيٽ تي ڪڊني هِل پارڪ، گٽر باغيچي کي پبلڪ پارڪ ۾ تبديل ڪرڻ، مختلف قبرستانن جي اپ گريڊيشن ۽ ناظم آباد ۾ ضياءُ الدين اسپتال ڀرسان هاڪي گرائونڊ جي تعمير شامل آهن.
حيدرآباد جا ترقياتي منصوبا:
وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته حيدرآباد لاءِ 2025-26 ۾ 4.4 ارب رپين جي لاڳت سان ٽي نيون اسڪيمون شامل ڪيون ويون آهن. انهن ۾ 23 انچ قطر جي پاڻي سپلائي اسڪيم، جيڪا ڪمبائينڊ چينل کي لطيف آباد يونٽ 4 جي 6 ايم جي ڊي فلٽريشن پلانٽ سان ڳنڍيندي، شامل آهي جنهن تي 1.2 ارب رپيا لاڳت ايندي. ان کان علاوه 2 ارب رپين جي لاڳت سان قاسم آباد، مسري ڳوٺ ۾ 6 ايم جي ڊي ريپڊ گريوٽي واٽر ٽريٽمينٽ پلانٽ ۽ خانپوتا ۾ 6 ايم جي ڊي فلٽريشن پلانٽ قائم ڪيو ويندو. وڏي وزير آفيسرن کي هدايت ڪئي ته انهن منصوبن تي فوري ڪم شروع ڪيو وڃي. هن چيو ته حيدرآباد ۾ روڊن جو بنيادي ڍانچو اڳ ئي بهتر ٿي چڪو آهي ۽ انهن واٽر سپلائي ۽ فلٽريشن منصوبن جي مڪمل ٿيڻ سان شهر جا ديرينه مسئلا حل ٿي ويندا.
Back