وڏي وزير سنڌو درياهه تي 6 نوان ڪينال اڏڻ واري رٿا کي رد ڪري ڇڏيو
وڏي وزير سنڌو درياهه تي 6 نوان ڪينال اڏڻ واري رٿا کي رد ڪري ڇڏيو
Posted on: 07 Apr 2025 Tags:سکر (4 اپريل) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 46 هين ورسي تي کين خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ پنجاب حڪومت جي درياء سنڌ تي ڇهه نوان ڪينال ٺاهڻ جي منصوبي جي سخت مخالفت ڪئي. ميڊيا سان ڳالهائيندي هنن ان منصوبي کي هڪ پاسائو فيصلو قرار ڏنو. سکر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سيد مراد علي شاهه پاڪستان پيپلز پارٽي پاران منصوبي جي سخت مخالفت کي اجاڳر ڪيو ۽ زور ڏنو ته هي پنجاب حڪومت جو هڪ طرفه فيصلو آهي جيڪو آئيني ضابطن جي ڀڃڪڙي آهي. وڏي وزير چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي ان غير قانوني ڪينالن جي تعمير جي اجازت نه ڏيندي. هنن وڌيڪ چيو ته ڪوبه صوبو گڏيل مفادن جي ڪائونسل (سي سي آء) ۾ سڀني صوبن جي اتفاق کانسواءِ پاڻي جو منصوبو پاڻ ئي شروع نٿو ڪري سگهي. وڏي وزير انڊس ريور سسٽم اتارٽي (IRSA) کي به تنقيد جو نشانو بڻايو ته هن 17 جنوري 2024 تي پاڻي جي دستيابي بابت هڪ گمراھ ڪندڙ سرٽيفڪيٽ جاري ڪيو هو. هن چيو ته هي سرٽيفڪيٽ غلط ۽ غير ذميواراڻو هو، پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي آبي حقن جي تحفظ لاءِ انکي چيلينج ڪيو آهي. وڏي وزير موجوده پاڻي جي کوٽ بابت انگ اکر پيش ڪندي چيو ته سنڌ ۾ 11 ايم اي ايف پاڻي جي گهٽتائي آهي. هنن سوال اٿاريو ته سال 1999ء کان 2024ء تائين رڳو 4 سال پاڻي سمنڊ تائين پهتو. اهڙين حالتن ۾ نوان ڪينال ٺاهڻ جو ڪهڙو جواز پيش ڪري سگهجي ٿو؟ هنن وڌيڪ چيو ته نگران حڪومت به هن ڪينال منصوبي کي رد ڪري ڇڏيو هو ۽ صدر آصف علي زرداري هن سان لاڳاپيل ڪنهن به سمري جي منظوري نه ڏني آهي. هن ياد ڏيارايو ته سنڌ حڪومت جون مهيني ۾ سي سي آء ۾ هن منصوبي تي پنهنجا تحفظات ظاهر ڪيا هئا. امن ۽ امان بابت ڳالهائيندي مراد علي شاهه عوام کي خاطري ڪرائي ته شڪارپور ۽ ڪشمور جي ڪچي وارن علاقن ۾ پوليس آپريشن جاري آهي. هنن صحافي جان محمد مهر جي قاتلن کي انصاف جي ڪٽهرين ۾ آڻڻ جو عزم ظاهر ڪيو. سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ جي عوام پيپلز پارٽي کي صوبي جي تحفظ جو ذمو ڏنو آهي ۽ اسين هر چيلنج ۾ انهن سان گڏ بيٺا رهنداسين. سيد مراد علي شاهه پيپلز پارٽي جي صوبي سان وابستگي جو اعادو ڪيو.
Back