وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ سان يونيسيف جي ملاقات
وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ سان يونيسيف جي ملاقات
Posted on: 15 May 2025 Tags:ڪراچي (14 مئي): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاڪستان ۾ يونيسف جي نمائندن جناب عبداللہ اي فاضل ۽ ان جي وفد سان ملاقات ڪئي. ان دوران ٻنهي ڌرين پاران سنڌ حڪومت ۽ يونيسف ۾ جاري مضبوط ڀاڱي ڀائيواري تي زور ڏنو ويو. وڏي وزير ۽ وفد موجوده ٻن سالن جي رولنگ ورڪ پلان (2023–2024) تي ڳالهايو. گڏيل طور تي تيار ۽ منظوري ڏنل ورڪ پلانز صحت، غذائيت، تعليم، ٻار جي حفاظت، پاڻي، صفائي ۽ صحت جي سنڀال (WASH) سان گڏ منصوبابندي ۽ ترقي، سماجي ڀلائي، مقامي حڪومت ۽ محنت ۽ انساني وسيلن سميت اهم شعبن تي مشتمل آهن. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته يونيسف جو اسٽرٽيجڪ سهڪار سنڌ حڪومت جي بنيادي هدفن سان هم آهنگ آهي جنهن جو مقصد صوبي ۾ جامع، مضبوط ۽ صنفي حساس ترقي کي فروغ ڏيڻ آهي. هن ٻڌايو ته ملٽي سيڪٽرل ورڪ پلان جا اهم قدم مشاهدي لائق نتيجا ڏئي رهيا آهن. صحت: يونيسف جي 5.5 ملين ڊالر جي صحت منصوبي سان سنڌ جي صحت جي انفراسٽرڪچر کي بهتر بڻائي رهيا آهيون خاص طور تي ماءُ، ڄاول ٻار، ۽ ٻار جي صحت جون خدمتون مضبوط ڪيون پيون وڃن ۽ Expanded Programme on Immunisation (EPI) کي مضبوط ڪيو پيو وڃي. مراد علي شاهه چيو ته حڪومت جو ڌيان مساوي رسائي ۽ سنڌ ڀر ۾ مڪمل ويڪسينيشن جي حصول تي آهي. غذائيت (17.5 ملين ڊالر): هن منصوبي جو مقصد ماءُ ۽ ٻارن جي غذائيت کي بهتر بڻائڻ، نوجوانن جي صحت جو خيال رکڻ، ۽ ننڍن ٻارن جي ترقي ڏيڻ آهي. پوليو کي ختم ڪرڻ لاءِ يونيسف ٽيڪنيڪل، انساني وسيلن ۽ ڪميونيڪيشن سپورٽ فراهم ڪري رهيو آهي ته جيئن ايمرجنسي آپريشن سينٽر کي فعال رکيو وڃي. ٻارن جي حفاظت: 3.2 ملين ڊالر جي هن پروگرام تحت ٻار جي حفاظت جو نظام مضبوط ڪرڻ لاءِ اهم پاليسي اصلاحات، آگاھي مهمون، ڄمڻ جي رجسٽريشن قانونن جو نفاذ، ۽ ٻار سان لاڳاپيل پراڻي رواجن کي روڪڻ جا قدامن کنيا پيا وڃن. ان ۾ صلاحيت وڌائڻ جون سرگرميون ۽ هڪ جامع ٻار جي حفاظت جو نظام شامل آهي. تعليم: هن منصوبي جي قيمت 7 ملين ڊالر آهي جنهن جو مقصد اسڪول کان ٻاهر ٻارن جي انگ گهٽائڻ، ابتدائي تعليم جا موقعا مهيا ڪرڻ، تعليمي ڊيٽا مينيجمينٽ کي بهتر بڻائڻ ۽ استادن جي پروفيشنل مهارتن ۾ واڌارو ڪرڻ آهي. مراد علي شاهه چيو ته خاص طور تي نياڻين لاءِ هُنر مندي جا موقعا فراهم ڪرڻ ۽ نوجوانن جي تعليم تي ڌيان ڏنو پيو وڃي. WASH (پاڻي، صفائي ۽ صحت): هن شعبي ۾ 16.8 ملين ڊالر جي منصوبي جو مقصد موسمياتي تبديلي سان مطابقت رکندڙ پاڻي ۽ صفائي جي انفراسٽرڪچر جي ترقي، پاليسي ۾ مدد ۽ مقامي صلاحيتن کي بهتر بڻائڻ آهي. وڏي وزير چيو ته ڪميونٽي جي شرڪت انهن ضروري خدمتن جي پائيداري لاءِ مرڪزي ستون آهي. هن چيو ته انهن اهم قدمن جي نگراني چيف سيڪريٽري جي نگراني ۾ هڪ اعلي سطحي اسٽيئرنگ ڪميٽي ڪري ٿي. مراد علي شاهه يونيسف جي مستقل ٽيڪنيڪل ۽ مالي مدد لاءِ دل جي گهراين سان شڪريو ادا ڪيو ۽ سنڌ حڪومت جو عزم ورجايو ته هو يونيسف سان تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻايو ويندو ته جيئن ٻارن ۽ پٺتي پيل طبقن لاءِ پائيدار ترقياتي اثرائي بڻجي سگهي.
Back