وڏي وزير سيد مراد علي شاه پاران ٽي ايم سيز جي روڊن جي بحالي لاءِ 21.53 ارب رپين جي جامع پيڪيج جي منظوري

وڏي وزير سيد مراد علي شاه پاران ٽي ايم سيز جي روڊن جي بحالي لاءِ 21.53 ارب رپين جي جامع پيڪيج جي منظوري

Posted on: 18 Feb 2026   Tags:
ڪراچي (23 جنوري): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاه ٽائون ميونسپل ڪارپوريشنز (ٽي ايم سيز) جي روڊن جي بحالي ۽ بهتري لاءِ 21.53 ارب رپين جي جامع پيڪيج جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي جنهن ۾ 13 ارب رپين جي گرانٽ اِن ايڊ شامل آهي. هن منصوبي جو مقصد ٽريفڪ جي دٻاءَ ۾ گهٽتائي، عوامي تحفظ کي بهتر بڻائڻ ۽ صوبي جي گادي واري شهر ۾ معاشي سرگرمين کي هٿي ڏيڻ آهي. هي فيصلو وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيل اجلاس دوران ڪيو ويو جنهن ۾ وزير بلديات سيد ناصر حسين شاه، ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاه، ڪمشنر ڪراچي حسن نقوي، سيڪريٽري ناڻو فياض جتوئي، وڏي وزير جو سيڪريٽري رحيم شيخ ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. وزير بلديات سيد ناصر شاه اجلاس کي آگاهه ڪيو ته ڪراچي جي 24 ٽي ايم سيز انتهائي خستہ حال روڊن ۽ گهٽين جي مرمت لاءِ فنڊز جي گهر ڪئي آهي پر مالي وسيلن جي کوٽ سبب اهي ٽي ايم سيز پاڻ مرادو اهي ڪم ڪرائڻ جي سگهه نٿيون رکن. ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب ٻڌايو ته شهر جي ستن ضلعن ۾ 409 روڊن جي بحالي جي ضرورت آهي، جن مان 400 روڊن تي پيچ ورڪ جڏهن ته 9 روڊن جي مڪمل نئين سر تعمير ضروري آهي. ناصر شاه پاران پيش ڪيل تفصيلن موجب انهن 409 روڊن جي بحالي تي 10.93 ارب رپيا خرچ ايندو. ان کان علاوه سيوريج ۽ پاڻي جي فراهمي جي منصوبن لاءِ 15 سيڪڙو اضافي رقم (1.64 ارب رپيا) گهربل آهي جنهن کان پوءِ هن حصي جي مجموعي لاڳت 12.57 ارب رپيا ٿي وڃي ٿي. ضلع وار انگن اکرن موجب ملير ۾ سڀ کان وڌيڪ 98 روڊ مرمت لاءِ سڃاتا ويا آهن ان کان پوءِ ويسٽ (81)، سينٽرل (53)، سائوٿ (50)، ايسٽ (49)، ڪورنگي (39) ۽ ڪيماڙي (39) شامل آهن. خرچ جي لحاظ کان ڪيماڙي ضلعي لاءِ سڀ کان وڌيڪ 2.32 ارب رپيا جڏهن ته ويسٽ (2.31 ارب رپيا) ۽ ايسٽ (1.85 ارب رپيا) جو اندازو لڳايو ويو آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته 24 ٽي ايم سيز پنهنجي پنهنجي حدن اندر اندروني روڊن جي بحالي جا منصوبا لاڳو ڪنديون. اهم الاٽمينٽن ۾ ٽي ايم سي منگهوپير (1.75 ارب رپيا)، ٽي ايم سي گڏاپ (960 ملين رپيا)، ٽي ايم سي بلديه (944 ملين رپيا) ۽ ٽي ايم سي ماري پور (858 ملين رپيا) شامل آهن. گهڻن منصوبن ۾ پيچ ورڪ شامل آهي، جڏهن ته گلبرگ، گلشن، جناح، سهراب گوٺ، اورنگي، منگهوپير، صدر ۽ لانڍي ۾ چونڊ روڊن جي مڪمل بحالي ڪئي ويندي. وڏي وزير کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته اهي قدم شهري آمد و رفت، عوامي تحفظ ۽ ڪراچي جي مجموعي روڊ انفرااسٽرڪچر جي بهتري لاءِ انتهائي اهم آهن. وڏي وزير 7 جنوري واري اجلاس کي ياد ڪندي چيو ته هن اڳ ئي ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن (ڪي ايم سي) کي 26 وڏن روڊن جي بحالي جي هدايت جاري ڪئي هئي. ميئر ڪراچي موجب ڪي ايم سي جي جائزي تحت خرچن جو اندازو 8.53 ارب رپيا لڳايو ويو آهي جنهن ۾ 5.53 ارب رپيا روڊن جي تعمير ۽ ريسر فيسنگ، 1 ارب رپيا هنگامي پاڻي ۽ سيوريج مرمت (ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن ذريعي)، 1 ارب رپيا برساتي نالن جي حفاظتي ديوارن جي تعمير ۽ مضبوط ڪرڻ، ۽ 1 ارب رپيا اسٽريٽ لائيٽن جي تنصيب ۽ اپ گريڊ شامل آهن. وڏي وزير سيد مراد علي شاه زور ڏنو ته ڪراچي جي روڊن جي فوري بحالي معاشي ترقي ۽ عوامي سهولت لاءِ انتهائي ضروري آهي. هن سڀني لاڳاپيل کاتن کي هدايت ڪئي ته منظوري وارا مرحلا تيز ڪيا وڃن ۽ سڀني منصوبن تي شفاف، معياري ۽ وقت سر عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي. وڏي وزير چيو عوام لاءِ سهولتون ۽ شهرين جي سلامتي سنڌ حڪومت جون اولين ترجيحون آهن. هن ناڻي کاتي کي به هدايت ڪئي ته فنڊز فوري طور جاري ڪيا وڃن ته جيئن خراب روڊن، سيوريج نظام ۽ اسٽريٽ لائيٽن تي ترقياتي ڪم جلد شروع ٿي سگهي. ناصر شاه وڌيڪ ٻڌايو ته ٽي ايم سي ميگا اسڪيم جي ڪل لاڳت 10.93 ارب رپيا آهي، جنهن ۾ 10.68 ارب رپيا روڊن جي پيچ ورڪ ۽ 248 ملين رپيا مڪمل روڊ بحالي لاءِ شامل آهن. ان سان گڏ 15 سيڪڙو (1.64 ارب رپيا) سيوريج ۽ پاڻي جي فراهمي، 5 سيڪڙو (628 ملين رپيا) سنڌ ريونييو بورڊ چارجز، ۽ 1 سيڪڙو (125 ملين رپيا) هنگامي خرچن لاءِ رکيا ويا آهن. اهڙي طرح ٽي ايم سي منصوبن جي مجموعي لاڳت 13.32 ارب رپيا بڻجي ٿي. وڏي وزير سڀني لاڳاپيل کاتن ۽ ٽي ايم سيز کي هدايت ڪئي ته روڊن، سيوريج ۽ پاڻي جي فراهمي جي ڪمن ۾ مڪمل هم آهنگي يقيني بڻائي وڃي جيئن بار بار کوٽائي ۽ شهرين کي تڪليف کان بچائي سگهجي. هن واضع ڪيو ته شفافيت، معيار ۽ وقت سر تڪميل جي سخت نگراني ڪئي ويندي.
Back