وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت ھيٺ ڪڻڪ پوکيندڙ آبادگارن جي سهائتا پروگرام بابت اعليٰ سطحي اجلاس

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت ھيٺ ڪڻڪ پوکيندڙ آبادگارن جي سهائتا پروگرام بابت اعليٰ سطحي اجلاس

Posted on: 02 Nov 2025   Tags:

ڪراچي (31 آڪٽوبر): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪڻڪ پوکيندڙ آبادگارن جي سهائتا پروگرام 2025 بابت هڪ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي زراعت کاتي کي هدايت ڪئي ته ننڍن آبادگارن کي فنڊن جي ادائيگي فوري طور شروع ڪئي وڃي جيئن هو سڄي صوبي ۾ وقت سر ڪڻڪ جي پوک لاءِ يوريا ۽ ڊي اي پي ڀاڻ خريد ڪري سگهن۔ سنڌ ۾ ڪڻڪ جي پوک جو مند آڪٽوبر جي آخر ۾ شروع ٿي ڊسمبر جي آخر تائين جاري رهندي آهي جيڪو علائقائي ۽ آبپاشي حالتن تي دارومدار رکي ٿي. مٿين سنڌ جا علائقا جن ۾ سکر، لاڙڪاڻو، خيرپور ۽ گھوٽڪي شامل آهن، اتي پوک عام طور آڪٽوبر جي آخر کان نومبر تائين ٿيندي آهي جڏهن ⁠تہ هيٺين سنڌ، جهڙوڪ حيدرآباد، ميرپورخاص، بدين ۽ ٺٽو ۾ پوک نومبر جي وچ ڌاري شروع ٿي ڊسمبر جي آخر تائين جاري رهندي آهي. هي عمل خريف جي فصل کان پوءِ واهن ۾ پاڻي جي دستيابي ۽ سار سنڀال جي شيڊول تي ڀاڙي ٿو. سنڌ ۾ ڪڻڪ جي ڪٽائي عام طور تي مارچ جي آخر کان مئي جي شروعات تائين ٿيندي آهي. وڏي وزير زور ڏنو ته پروگرام جي سهولتن جو فائدو اصلي ۽ ننڍن زميندارن تائين بنا دير پهچايو وڃي جيئن پوک جي موسم ختم ٿيڻ کان اڳ وڌ ۾ وڌ زميندار مستفيد ٿي سگهن. هن چيو ته پروگرام جو مقصد ڪڻڪ ۾ خودڪفالت حاصل ڪرڻ آهي جيئن ملڪ کي درآمد تي ڀاڙڻو نه پوي ۽ مقامي آبادگارن جي مدد سان مٽاسٽا جو ناڻو بچائي سگهجي. اجلاس ۾ سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، وڏي وزير جو سيڪريٽري رحيم شيخ، سيڪريٽري زراعت زمان ناريجو ۽ ٻيا عملدار به موجود هئا۔ ياد رهي ته سنڌ حڪومت 23 سيپٽمبر 2025 تي اصولي طور تي فيصلو ڪيو هو ته آبادگارن کي ڊي اي پي ۽ يوريا ڀاڻ اشياءَ جي صورت ۾ فراهم ڪئي ويندي پر پوءِ 24 آڪٽوبر 2025 تي سنڌ ڪابينا هڪ نئون نظام منظور ڪيو جنهن تحت سڌي ريت نقد ادائيگي (ڊائريڪٽ ڪيش ٽرانسفر) جو طريقو اختيار ڪيو ويو جيئن شفافيت ۽ ڪارڪردگي يقيني بڻائي سگهجي۔ هن نظام تحت في ايڪڙ في آبادگار 14000 رپيا ڊي اي پي ڀاڻ جي خريداري لاءِ ڏنا ويندا جڏهن ⁠تہ تصديق کان پوءِ في ايڪڙ في آبادگار 8000 رپيا ٻن يوريا ٿيلهن لاءِ ادا ڪيا ويندا۔ منصوبي جي ٽوٽل لاڳت لڳ ڀڳ 55 ارب رپيا آهي جنهن سان 4 لک 12 هزار آبادگار ۽ 22.6 لک ايڪڙ تي ڪڻڪ پوکڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي۔ شفافيت ۽ احتساب کي يقيني بڻائڻ لاءِ زراعت کاتي هڪ جامع ڊجيٽل مانيٽرنگ ۽ تصديق نظام تيار ڪيو آهي جنهن ۾ فيلڊ اسسٽنٽن لاءِ آن لائن ۽ آف لائن ڪم ڪندڙ اينڊرائيڊ بيسڊ ايپس شامل آهن۔ مختيارڪار لاءِ هڪ خاص تصديق واري ايپ تيار ڪئي وئي آهي جيڪا زمين جي رڪارڊ جي جاچ لاءِ رِيئل ٽائيم ڊيٽا مهيا ڪري ٿي۔ مرڪزي ۽ ضلعي سطح تي لائيو مانيٽرنگ ڊيش بورڊس پڻ ٺهرايا ويا آهن جڏهن ⁠تہ آبادگارن کي فنڊ ٽرانسفر ٿيڻ بعد خودڪار ايس ايم ايس ذريعي اطلاع ڏنو ويندو۔ هر فيلڊ اسسٽنٽ ۽ مختيارڪار کي هڪ مخصوص آءِ ڊي ڏني وئي آهي ۽ سڄي تصديق وارو ڊيٽا جي پي ايس سان ٽيگ ٿيل آهي جيئن درستگي ۽ نقل روڪجي سگهي۔ آبادگارن جا دستاويز جهڙوڪ قومي سڃاڻپ ڪارڊ، تصويرون، فارم VII-B، ۽ فوتيخاني جي صورت ۾ حلف ناما، سڌي طرح ايپ ذريعي اپلوڊ ڪيا وڃن ٿا۔ مراد علي شاهه زراعت کاتي جي ڊجيٽل سڌارن کي ساراهيو پر هدايت ڪئي ته ڪنهن به مستحق آبادگار کي دستاويزي مسئلن سبب خارج نه ڪيو وڃي۔ وڏي وزير ڪڻڪ پوکيندڙ آبادگارن جي وڌ ۾ وڌ شموليت کي يقيني بڻائڻ لاءِ هڪ هفتي جي مدي ۾ واڌ ڪندي آخري تاريخ 8 نومبر 2025 مقرر ڪئي۔ هن چيو هي مدد اسان جي ننڍن آبادگارن لاءِ ايندڙ ڪڻڪ جي موسم جي تياري ۾ نهايت ضروري آهي۔ شفافيت، وقت سر ادائيگي ۽ مستحق آبادگارن تائين برابري سان رسائي يقيني بڻائڻ لازمي آهي۔

Back