وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاران عورتن جي صحت بابت اپائن جي عالمي ڏھاڙي تي پيغام

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاران عورتن جي صحت بابت اپائن جي عالمي ڏھاڙي تي پيغام

Posted on: 28 May 2025   Tags:

ڪراچي (28 مئي 2025ع) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه عورتن جي صحت بابت عالمي ڏينهن جي موقعي تي سندس پيغام ۾ چيو آهي ته اڄوڪو ڏينهن عورتن جي صحت سان لاڳاپيل مسئلن جي حل لاءِ اپاءَ وٺڻ جي اهميت کي اجاگر ڪري ٿو. وڏي وزير چيو ته هڪ صحت مند عورت ئي صحت مند سماج جي بنياد وجهي سگهي ٿي، ان لاءِ سنڌ حڪومت عورتن جي بھتر صحت لاءِ ڪيترائي پروگرام شروع ڪيا آهن. سيد مراد علي شاهه ٻڌايو ته سڄي صوبي ۾ زچگي ۽ ٻار جي صحت لاءِ جامع پروگرام جاري آهي، جنهن جو مقصد ماءُ ۽ ٻار جي جان جي حفاظت ۽ انهن تائين بنيادي طبي سهولتون پهچائڻ آهي.وڏي وزير چيو ته سنڌ ۾ 23,185 ليڊي هيلٿ ورڪر مقرر ڪيون ويون آهن، جيڪي عورتن کي سندن گهرن تائين صحت جون بنيادي سهولتون مهيا ڪري رهيون آهن. هن وڌيڪ چيو ته ”نيشنل هيلٿ سپورٽ پروگرام سنڌ“ورلڊ بينڪ جي سهڪار سان جاري آهي، جنهن جو مقصد ماءُ، ٻار ۽ حامله عورتن جي بھتر سارسنڀال کي يقيني بڻائڻ آهي. سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ حڪومت جا اھڙا اپاءَ عورتن جي صحت، تحفظ ۽ ترقي لاءِ هڪ اهم سنگ ميل بڻجي رهيا آهن.

Back