وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاران صدر آصف علي زرداري کي جنم ڏھاڙي تي واڌايون
وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاران صدر آصف علي زرداري کي جنم ڏھاڙي تي واڌايون
Posted on: 26 Jul 2025 Tags:صدر آصف علي زرداري ڏاهپ، همت ۽ مفاهمت جي علامت آھي: مراد علي شاهه
هر آزمائش ۾ صدر زرداري صبر، سمجهه ۽ مفاهمت جو رستو اختيار ڪيو: وڏو وزير
ڪراچي (26 جولاءِ 2025ع) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، صدر پاڪستان آصف علي زرداري کي سندن سالگره جي موقعي تي دل جي گهراين سان واڌايون پيش ڪيون آهن۔ وزيراعليٰ ھائوس مان جاري پيغام ۾ وڏي وزير چيو ته صدر آصف علي زرداري ڏاهپ، همت، بردباري ۽ مفاهمت جي علامت آھي، جن هر ڏکي گهڙيءَ ۾ قوم جي باوقار رهنمائي ڪئي۔
مراد علي شاهه چيو ته صدر آصف علي زرداري آزمائشن جي وقت ۾ صبر، سمجهه ۽ مفاهمت جو رستو اختيار ڪري قوم کي اڳتي وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو۔ سندس قيادت ۾ نه رڳو جمهوريت مضبوط ٿي، پر آئين جي بالادستي کي پڻ نئون رخ مليو۔
وڏي وزير وڌيڪ چيو ته آصف علي زرداري هميشه جمهوريت، پارليامينٽ جي بالادستي ۽ جمهوري ادارن جي تحفظ لاءِ بي لوث جدوجهد ڪئي آھي۔ "پاڪستان کپي" جو نعرو قوم لاءِ اميد، اتحاد ۽ صبر جو پيغام بڻجي ويو، جيڪو سندن سياسي ڏاهپ جي روشن مثال آهي۔
سيد مراد علي شاهه چيو ته مفاهمتي سياست جي ذريعي آصف زرداريءَ سياست ۾ توازن آندو ۽ قوم کي گڏ کڻي هلڻ واري روايت کي هٿي ڏني۔ وڏي وزير دعا ڪئي ته الله پاڪ صدر آصف علي زرداريءَ کي صحت، ڊگهي ڄمار ۽ وڌيڪ ڪاميابيون عطا فرمائي۔
وڏي وزير چيو ته اسان کي فخر آهي ته آصف علي زرداري جي اڳواڻيءَ هيٺ سنڌ ۽ پاڪستان ترقيءَ، خوشحاليءَ ۽ جمھوري استحڪام جي راهه تي گامزن آهن۔
Back