وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان انٽرنيشنل فنانس ڪارپوريشن (آءِ ايف سي) جي وفد ملاقات، اھم رٿائن تي ڳالھيون

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان انٽرنيشنل فنانس ڪارپوريشن (آءِ ايف سي) جي وفد ملاقات، اھم رٿائن تي ڳالھيون

Posted on: 18 Apr 2025   Tags:

ڪراچي (17 اپريل): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان انٽرنيشنل فنانس ڪارپوريشن (آءِ ايف سي) جي وفد ملاقات ڪئي جنهن جي قيادت آءِ ايف سي جي گلوبل پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپس، نجڪاري ۽ ڪارپوريٽ فنانس ايڊوائزري جي ڊائريڪٽر مس لنڊا رودو مونيينگيٽيريوا ڪئي. ملاقت ۾ شھري ٽرانسپورٽ، پاڻي ۽ نيڪال جي منصوبن بابت گفتگو ڪئي وئي ۽ ٻنهي ڌرين ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو آهي ته ڪراچي سميت ٻين علائقن ۾ خدمتن جي فراهمي ۽ شھري انفراسٽرڪچر جي بهتري لاءِ مستقبل ۾ پي پي پي (پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ) منصوبن ۾ تعاون ڪنديون. اعليٰ سطحي اجلاس جمعرات ڏينهن وزیراعليٰ هائوس ۾ ٿيو. 9 رڪني آءِ ايف سي وفد ۾ ڪنٽري مئنيجر ذيشان شيخ، ريجنل مئنيجر ايان ٽوئن، ريجنل مئنيجر ٽونچي بڪووچ، ريجنل آپريشنل مئنيجر مائیڪل اوپاگي ۽ ٻيا شامل هئا. سندھ حڪومت پاران ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب، پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، چيئرمين پي اينڊ ڊي بورڊ نجم شاه، سيڪريٽري ناڻو فياض جتوئي، ڊي جي پي پي پي يونٽ اسد ضامن ۽ ٻيا سينيئر آفيسران موجود هئا. ملاقات جو محور شھري ٽرانسپورٽ ۽ پاڻي، نيڪال ۽ صفائي سميت اهم شعبن ۾ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپس کي مضبوط ڪرڻ هو. وڏي وزير وفد کي صوبي جي مضبوط پي پي پي قانوني ۽ ادارياتي فريم ورڪ بابت بريفنگ ڏيڻ سان گڏ روڊن جي ڄار، توانائي، صحت، تعليم ۽ ٽرانسپورٽ جي شعبن ۾ اڳڀرائي کي پڻ اجاگر ڪيو. آءِ ايف سي جي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپس ۽ نجڪاري جي ڊائريڪٽر مس لنڊا رودو مونيينگيٽيريو چيو ته سنڌ اهو صوبو آهي جيڪو 2008 کان پي پي پيز تي عملدرآمد ڪري رهيو آهي جيڪو حقيقت ۾ ان ڳالهه جي مثال آهي ته عوامي ۽ خانگي شراڪت ڪيئن ٿيندي آهي. خانگي شعبي سان ڪم جاري رکڻ ضروري آهي خاص طور تي اهڙي وقت ۾ جڏهن سيڙپڪاري جي ضرورت وڌيڪ آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسان سمجهون ٿا ته عوام کي بھتر خدمتون فراہم ڪرڻ جو واحد رستو پي پي پي جو دائرو وڌائڻ آهي. اسان واقعي مستقبل جي منصوبن ۾ توهان سان شراڪت جي وڌيڪ موقعن ڳولڻ لاءِ پرجوش آهيون. اسان سمجهون ٿا ته مقامي مارڪيٽ تيار آهي ۽ خانگي شعبي لاءِ حڪومت سان تعاون ڪرڻ لاءِ خاطرخواهه سيڙپ موجود آهي. اسين سنڌ کي ٻين صوبن ۽ حتيٰ ٻين ملڪن لاءِ به ڪامياب پي پي پيز جو هڪ مثالي ماڊل طور پيش ڪرڻ جي منتظر آهيون. اميد آهي ته توهان جي ڪاميابي عالمي سطح تي پي پي پيز جو درست طريقي سان لاڳو هڪ مثال بڻجندي.شھري ٽرانسپورٽ: وڏي وزير ڪراچي جي اهميت کي پاڪستان جي معاشي مرڪز جي صورت ۾ اجاڳر ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت شهر جي ٽرانسپورٽ، پاڻي ۽ نڪاسي آب جي مسئلن جي حل لاءِ عزم رکي ٿي. هن ٻڌايو ته گرين ۽ اورنج لائن سميت ڪيترائي بس ريپڊ ٽرانزٽ (بي آر ٽي) اڳ ۾ ئي فعال آهن جڏهن ته ريڊ ۽ ييلو لائن سميت ٻين انفراسٽرڪچر منصوبن تي ڪم جاري آهي. مس لنڊا ٻڌايو ته آءِ ايف سي دنيا ۾ 500 کان وڌيڪ منصوبن تي مشاورت ڪرڻ جو تجربو رکي ٿو ۽ هن اليڪٽرڪ بسون (اي-بسز) جي فائدن تي زور ڏنو جن ۾ گهٽ خرچ، گهٽ سار سنڀال جا خرچ ۽ ماحولياتي پائيداري شامل آهن. هن چيو ته 2025 تائين ڪامياب شھري ٽرانسپورٽ ماڊل ۾ 80 سيڪڙو بسون اي-بسز تي مشتمل هونديون. مراد علي شاهه جي تصديق ڪئي ته سنڌ حڪومت اڳ ۾ ئي ڪراچي ۾ اي-بسز متعارف ڪرائي چڪي آهي ۽ هن فليٽ کي 800 گاڏين تائين وڌائڻ جو منصوبو رکيو آهي. آءِ ايف سي جي تجويز هئي ته اي-بسز کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ (پي پي پي) ماڊل تحت نافذ ڪيو وڃي جنهن ۾ آپريٽنگ خرچ، سار سنڀال، ۽ خطرات خانگي شراڪت دارن سان گڏيل هجن. بي آر ٽي: مس لنڊا هڪ جامع ماس ٽرانزٽ حڪمت عملي پيش ڪئي جن ۾ چار اهم اجزاء شامل آهن: آپريشن، شھري ريل سسٽم، فيري سروسز، ۽ رائيڊ هيلنگ پليٽ فارم.  هن ڪراچي ۾ 18.3 ڪلوميٽر طويل نئين بي آر ٽي نظام تعمير ڪرڻ جي تجويز ڏني جنهن جي مالي مدد ورلڊ بينڪ ڪندي، گڏوگڏ هڪ مربوط فيڊر بس نيٽورڪ به قائم ڪيو ويندو. آءِ ايف سي شهر ۾ شور ۽ فضائي آلودگي کي گهٽائڻ لاءِ جديد اي بسز جي ضرورت تي زور ڏنو. پاڻي ۽ نيڪال: وڏي وزير چيو ته ڪراچي کي روزانو 1200 ملين گيلن پاڻي جي ضرورت آهي جيڪي موجوده فراهمي هن ضرورت کي پورو ڪرڻ لاءِ ناڪافي آهي جنهن سبب شديد کوٽ پيدا ٿي چڪي آهي. زير تعمير K-IV منصوبو مڪمل ٿيڻ بعد پاڻي جي فراهمي ۾ واڌارو ٿيندو. حڪومت سامونڊي پاڻي کي صاف ڪرڻ لاءِ ڊي سيلي نیشن پلانٽ لڳائڻ جي منصوبي تي به ڪم ڪري رهي آهي. وڏي وزير پي پي پي ماڊل تحت پاڻي جي متعلق منصوبن شروع ڪرڻ ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي. آءِ ايف سي انڊسٽريل استعمال لاءِ پاڻي جي علاج جون پلانٽ قائم ڪرڻ جي سفارش ڪئي ۽ تجويز ڏني ته پاڻي جي فراهمي ۽ نڪاسي آب جا منصوبا پڻ پي پي پي ماڊل تحت هجن. آءِ ايف سي ٽيم سڄي دنيا جي ڪامياب پي پي پي ماڊلز جون مثالون پيش ڪيون ۽ سنڌ حڪومت جي پي پي پي يونٽ ۽ ان جي پاليسي فريم ورڪ جي تعريف ڪئي. آءِ ايف سي ۽ سنڌ حڪومت شھري ٽرانسپورٽ ۽ پاڻي جي انتظام سان لاڳاپيل اڳئين پي پي پي منصوبن ۾ تعاون تي اتفاق ڪيو ته جيئن ڪراچي سميت ٻين علائقن ۾ خدمتن جي فراهمي ۽ شھري انفراسٽرڪچر ۾ بهتري آڻي سگهجي.

Back