وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان ايٿوپيا جي سفير ڊاڪٽر جمال بيڪر عبدالله جي ملاقات

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان ايٿوپيا جي سفير ڊاڪٽر جمال بيڪر عبدالله جي ملاقات

Posted on: 04 Jul 2025   Tags:

ڪراچي (2 جولاءِ): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان ايٿوپيا جي سفير ڊاڪٽر جمال بيڪر عبدالله وزيراعليٰ هائوس ۾ ملاقات ڪئي جنهن ۾ سنڌ، پاڪستان ۽ ايٿوپيا ۾ ٻه طرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۽ واپاري سهڪار کي ھٿي وٺرائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وڏي وزير جي سيڪريٽري زمان ناريجو ۽ ايٿوپيا جي اعزازي قونصل جنرل ابراهيم خالد تواب پڻ ملاقات ۾ شريڪ ٿيا. ايٿوپين سفير سنڌ حڪومت جي ٻوڏ کانپوءِ بحالي جي ڪوششن جي ساراهه ڪئي خاص طور تي چيئرمين بلاول ڀٽو جي اڳواڻي ۾ ورتل تيز ۽ اثرائتي قدمن کي واکاڻيو. ڊاڪٽر جمال ڪراچي ۾ شاهراهه ڀٽو جي تعمير جي پڻ ساراهه ڪئي ۽ ان کي هڪ اهم شاهراهه قرار ڏنو جيڪا بندرگاهه ٽريفڪ جي رواني ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي. وڏي وزير ٻوڏ ريليف ۽ بحالي جي عمل ۾ دوست ملڪن ۽ ڊونر ايجنسين جي سهڪار تي ٿورا مڃيا. ٻنهي ڌرين ڪپهه جي هائبرڊ ٻجن جي ترقي بابت سهڪار تي به اتفاق ڪيو جيڪو زراعت جي شعبي ۾ هڪ اهم اڳڀرائي هوندي. ملاقات دوران چيئرمين بلاول ڀٽو جي سفارتي دورن تي به ڳالهه ٻولهه ٿي جڏهن ته ايٿوپين سفير وڏي وزير کي ايٿوپيا جي دوري جي آڇ ڪئي. وڏي وزير ان دعوت کي ڀليڪار چيو ۽ ٻڌايو ته ايٿوپيا ڪراچي کان رڳو چار ڪلاڪ جي اڏام تي آهي ۽ هو جلد دورو ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو.

Back