وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان وفاقي وزير مواصلات عليم خان جي ملاقات

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان وفاقي وزير مواصلات عليم خان جي ملاقات

Posted on: 27 May 2025   Tags:

ڪراچي (26 مئي): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ وفاقي وزير مواصلات عليم خان ۾ پنهنجن پنهنجن ٽيمن سان گڏ هڪ تفصيلي اجلاس ٿيو جنهن ۾ مختلف التواهيٺ مسئلن تي ڳالهايو ويو جن ۾ ايم 6 حيدرآباد-ڪراچي موٽروے جي تعمير، لياري ايڪسپريس وي کي هيوي ٽريفڪ لاءِ کولڻ، سهراب ڳوٺ تي ٽريفڪ مسئلن جو انجنيئرنگ حل، ڄامشورو-سيوهڻ روڊ جو مڪمل ٿيڻ ۽ بندرگاهه ٽريفڪ کي سڌو سنئون حيدرآباد ڏانهن منتقل ڪرڻ لاءِ هڪ نئين موٽروے (ايم 10) جي تعمير تي غور ڪيو ويو. اجلاس ۾ وڏي وزير سان گڏ سينئر وزير شرجيل ميمڻ، وزير منصوبابندي ۽ ترقي ناصر شاهه، وزير تعمير علي حسن زرداري، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، چيئرمين پي اينڊ ڊي نجم شاهه، سيڪريٽري ناڻو فياض جتوئي، سيڪريٽري تعمير نواز سوهو، ۽ سيڪريٽري بلديات وسيم معظم شرڪت ڪئي جڏهن ته وفاقي حڪومت جي وفد ۾ سيڪريٽري مواصلات علي شير محسود، چيئرمين اين ايڇ اي صاحبزاده شهريار، اين ايڇ اي جا ميمبر مظهر شاهه، عبداللطيف مهيسر، رمیش الياس ۽ ٻيا شامل هئا. ايم 6 حيدرآباد-سکر موٽروي: وڏي وزير مراد علي شاهه ايم 6 موٽروي جي اهميت تي زور ڏنو ته هي منصوبو ڪراچي کان پشاور ۽ لاهور تائين موٽرويز نيٽ ورڪ جو تسلسل قائم رکڻ لاءِ ضروري آهي. هن چيو ته ڪراچي پورٽ کي ملڪ جي ٻين حصن سان موٽرويز ذريعي جوڙڻ کانسواءِ هي نيٽ ورڪ مڪمل نٿو ٿئي. ايم 6 منصوبي جي منظوري باوجود دير تي افسوس جو اظهار ڪيو. وفاقي وزير عليم خان به ڪراچي پورٽ کي موٽرويز سان ڳنڍڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ ٻڌايو ته ايم 6 منصوبي کي پنجن حصن ۾ ورهايو ويو آهي جن مان ٽن حصن جي فنڊنگ مڪمل ٿي چڪي آهي جڏهن ته باقي حصن تي ڪم جاري آهي. وفاقي وزير ٻڌايو ته منصوبي جي فنڊنگ وفاقي حڪومت، ڪمرشل بئنڪن ۽ ڪجهه حصن لاءِ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ (PPP) جي بنياد تي ٿي رهي آهي. مراد علي شاهه پي پي پي ماڊل ۾ پيچيدگين سبب ممڪن دير تي خدشو ظاهر ڪيو ۽ سنڌ حڪومت پاران 40-50 ارب رپين جي برج فنانسنگ ڏيڻ جي آڇ ڪئي. وفاقي وزير يقين ڏياريو ته سيپٽمبر ۾ ايم 6 تي ڪم شروع ڪيو ويندو. ڄامشورو-سيوهڻ روڊ: مراد علي شاهه نشاندهي ڪئي ته ڄامشورو-سيوهڻ روڊ (66 ڪلوميٽر) اين ايڇ اي پاران اڃان مڪمل ناهي ٿيو جيتوڻيڪ 2017 ۾ ان لاءِ 7 ارب رپيا ادا ڪيا ويا هئا. عليم خان ٻڌايو ته ڄامشورو کان سيوهڻ تائين سيڪشن مان سيڪشن مڪمل ٿي چڪا آهن ۽ 24 ڪلوميٽر تي ڪم هلي رهيو آهي. لياري ايڪسپريس وي: وڏي وزير چيو ته لياري ايڪسپريس وي جو مقصد بندرگاهه ٽريفڪ کي موٽرويز سان ڳنڍڻ هو جيڪو اڃان مڪمل نه ٿيو آهي ڇاڪاڻ ته اين ايڇ اي ان کي صرف هلڪي ٽريفڪ لاءِ مخصوص ڪيو آهي.اين ايڇ اي ٻڌايو ته هڪ ٿرڊ پارٽي آڊٽ ۾ ان کي هيوي ٽريفڪ لاءِ غير موزون قرار ڏنو ويو آهي، پر تجويز ڏني ته غير مصروف وقتن ۾ هيوي ٽريفڪ کي اجازت ڏئي سگهجي ٿي. مراد علي شاهه سهراب ڳوٺ تي ٽريفڪ جي دٻاءَ جو به ذڪر ڪيو ۽ ان لاءِ سروس روڊ جي تجويز ڏني. ايم 10 ڪراچي-حيدرآباد موٽروي: اجلاس ۾ ڄاڻايل ايم 10 موٽرويز جو پڻ جائزو ورتو ويو جيڪو آءِ سي آءِ پل، ڪي پي ٽي، گل بائي ۽ حب چوڪي کي سڌو حيدرآباد سان ڳنڍيندو. فيصلو ٿيو ته ايم 10 لاءِ مڪمل منصوبا بندي ڪئي ويندي ته جيئن ڪراچي جي اندروني ٽريفڪ تي دٻاءُ گهٽجي.

Back