وڏي زير پاران پوليس آپريشن دوران زخمي اهلڪارن جي بهادري جي واکاڻ

وڏي زير پاران پوليس آپريشن دوران زخمي اهلڪارن جي بهادري جي واکاڻ

Posted on: 19 Dec 2025   Tags:

ڏوھارين خلاف ڪارروائيون وڌيڪ تيز ڪيون وڃن، وڏي وزير جون هدايتون

 

عوام جي حفاظت سنڌ حڪومت جي پهرين ترجيح ۽ ذميواري آهي، سيد مراد علي شاهه

 

ڪراچي (9 ڊسمبر 2025ع) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه شڪارپور ۾ پوليس آپريشن دوران زخمي ٿيل اهلڪارن جي بهادري جي ساراهه ڪئي ۽ انهن جي جلد صحتيابيءَ لاءِ دعا ڪئي ۽ عيادت جو پيغام موڪليو. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڊي ايس پي سٽي پارس بکراڻي، ڊي ايس پي ڳڙهي ياسين ظهور سومرو ۽ ٻن اهلڪار جي بهترين علاج کي يقيني بڻائڻ لاءِ اسپتال انتظاميه کي فوري هدايتون جاري ڪيون. هن چيو ته جيڪي ڏوھاري سرنڊر نه ڪندا تھ سندن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ ڏوھارين خلاف ڪارروائيون وڌيڪ تيز ڪيون وينديون. وڏي وزيير آءِ جي پوليس کي هدايت ڪئي ته شڪارپور ۾ امن ۽ امان هر قيمت تي برقرار رکيو وڃي. وڏي وزير کي بريفند ڏيندي انسپيڪٽر جنرل پوليس غلام نبي ميمڻ ٻڌايو ته شڪارپور جي منچھر شاهه علائقي ۾ پوليس آپريشن دوران ڊي ايس پي پارس بکراڻي، ڊي ايس پي ظهور سومرو ۽ ٻه اهلڪار زخمي ٿيا، جن کي فوري طور اسپتال منتقل ڪيو ويو. پوليس جي بهادري واري ڪارروائي ۾ 8 ڏوھاري مارجي ويا ۽ گروهه جا اڳواڻ  پڻ انجام تي پهتا. اهي ڏوھاري سنگين وارداتن ۽ ڀنگ جي ڪيس ۾ گھربل ھئا. آپريشن دوران بڪتر بند گاڏيون ۽ ڊرون ٽيڪنالاجي استعمال ڪئي وئي. وڏي وزير هدايت ڪئي ته شڪارپور مان ڏوھارين جو مڪمل انت آندو وڃي ۽ پوليس آپريشن وسيع ڪيو وڃي، ھن چيو تھ  امن و امان خراب ڪرڻ وارن خلاف ڪا به نرمي نه ڪئي ويندي. هن وڌيڪ چيو ته عوام جي حفاظت حڪومت جي پهرين ترجيح ۽ ذميواري آهي.

Back