وزیراعلیٰ سندھ مراد علی شاہ کا ’’ٹریکس‘‘ سسٹم کا افتتاح، کراچی میں اب ڈیجیٹل چالان ہوں گے
وزیراعلیٰ سندھ مراد علی شاہ کا ’’ٹریکس‘‘ سسٹم کا افتتاح، کراچی میں اب ڈیجیٹل چالان ہوں گے
Posted on: 02 Nov 2025 Tags:ڪراچي (27 آڪٽوبر): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صوبي ۾ ڊجيٽلائيزيشن ۽ گورننس ۾ سڌارن جي اهم سنگ ميل طور سینٽرل پوليس آفيس (CPO) ۾ ٽريفڪ ريگيوليشن اينڊ سائيٽيشن سسٽم (TRaCS) جو افتتاح ڪيو۔ افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزير چيو ته ٽريڪس جو آغاز صرف هڪ ٽيڪنيڪل اڳڀرائي نه پر شفافيت، جدت ۽ عوامي خدمتن ۾ بهتري لاءِ سنڌ حڪومت جي عزم جو اظهار آهي۔ هن وضاحت ڪئي ته نئين نظام تحت پراڻي هٿ سان لکيل چالان بدران مڪمل خودڪار اي-ٽڪيٽس سسٽم متعارف ڪرايو ويو آهي جيڪو جديد مصنوعي ذهانت (AI) سان ڳنڍيل CCTV ڪئمئرن ذريعي تيز رفتاري، سگنل ٽوڙڻ ۽ هيليمٽ نه پائڻ جهڙين ٽريفڪ خلاف ورزين جو پاڻمرادو اندراج ڪندو۔ هي نظام انساني مداخلت ۽ ممڪن جانبداري ختم ڪري انصاف ۽ جوابدهي کي يقيني بڻائيندو۔ سيد مراد علي شاهه چيو ته ٽريڪس ذريعي اسان ٽيڪنالاجي جي طاقت کي ڪتب آڻيندي شهرين جي سهولت ۽ تحفظ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون۔ هي رڳو پوليس کاتي جو منصوبو نه پر هر شهري لاءِ هڪ سڌاري وارو قدم آهي۔ وڏي وزير ٻڌايو ته وڏن ٽريفڪ آفيسن ۽ ٿاڻن ۾ قائم ٽريڪس سهولت مرڪزن ذريعي شهري چالان جمع ڪرائڻ، خلاف ورزين بابت وضاحت ڏيڻ ۽ اپيلون داخل ڪرڻ جهڙيون سهولتون حاصل ڪري سگهندا۔ هي انقلابي قدم صوبي جي ٽريفڪ نظام کي جديد اصولن تي استوار ڪندو ۽ شفافيت، جدت ۽ عوامي ڀلائي لاءِ سنڌ حڪومت جي پختي واعدي جي عڪاسي ڪندو۔ افتتاحي تقريب وڏي وزير هائوس ۾ منعقد ٿي جنهن ۾ صوبائي وزير ضياءُ الحسن لنجار، ناصر حسين شاهه، سعيد غني، ذوالفقار علي شاهه ۽ رياض شاهه شيرازي شرڪت ڪئي۔ انسپيڪٽر جنرل پوليس غلام نبي ميمن، ايڊيشنل آءِ جيز، ڊي آءِ جيز ۽ پوليس جا ٻيا سينيئر آفيسر پڻ موجود هئا۔
ٽريفڪ نفاذ ۾ ٽيڪنيڪل انقلاب
ٽريفڪ ريگيوليشن اينڊ سائيٽيشن سسٽم (TRaCS) تحت پراڻي هٿرادو چالان نظام جي جاءِ تي مڪمل خودڪار اي-ٽڪيٽنگ پليٽفارم اچي ويو آهي جيڪو جديد CCTV ڪئمئرن سان ليس آهي۔ هي نظام تيز رفتاري، سگنل ٽوڙڻ ۽ هيليمٽ نه پائڻ جهڙين خلاف ورزين جي خودڪار سڃاڻپ ڪري ٿو جنهن سان انساني جانبداري ختم ٿي منصفاڻو ۽ جوابده نظام قائم ٿئي ٿو۔ ٽريڪس کي حڪومت جي ٻين اهم ڊيٽابيسن جهڙوڪ ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن، ڊرائيونگ لائسنس سسٽم، نادرا اي-سہولت ۽ جديد ادائيگي گيٽ ويز سان ڳنيو ويو آهي جنهن سان شهري هاڻي پنهنجي جرمانن جي ڄاڻ آن لائن يا موبائل فون ذريعي ڏسي ۽ ادا ڪري سگهندا۔ نئون ٽريڪس موبائل ايپ صارفين کي حقيقي وقت ۾ خلاف ورزين ڏسڻ ۽ فوري طور چالان ادا ڪرڻ جي سهولت فراهم ڪري ٿو۔ پهريئين مرحلي ۾ ڪراچي ۾ 200 ڪئميرا لڳايا ويا آهن جڏهن ته ايندڙ مرحلن ۾ انهن جو تعداد وڌائي 12000 تائين ڪيو ويندو ۽ پوءِ سسٽم کي صوبي جي ٻين ضلعن تائين وڌايو ويندو۔ ٽريڪس سهولت مرڪزن ذريعي شهري جرمانا جمع ڪرائڻ، وضاحت ڏيڻ ۽ اپيلون ڪرڻ جهڙيون سهولتون حاصل ڪري سگهندا جڏهن ته CPLC سان سسٽم جو انضمام شفاف نگراني ۽ شڪايتن جي ازالي کي يقيني بڻائيندو۔
ڊيٽا تي ٻڌل طريقيڪار
وڏي وزير چيو ته آگسٽ 2024 کان آڪٽوبر 2025 تائين ڪراچي ۾ ٽريفڪ حادثن جي نتيجي ۾ 684 متاثرين جا انگ اکر رپورٽ ٿيا، جيڪي ٽريڪس نظام جي ضرورت کي واضح ڪن ٿا۔ هن چيو ته نئون نظام سخت ۽ ٽيڪنالاجي تي ٻڌل نفاذ ذريعي روڊن جي حفاظت ۾ نمايان سڌارو آڻيندو۔ سيد مراد علي شاهه چيو ته جيڪڏهن اوهان ڄاڻڻ چاهيو ٿا ته ڪو قوم ڪيترو مهذب آهي ته ان جو ٽريفڪ نظام ڏسو۔ هن گڏيل ذميواري تي زور ڏيندي ٻه مرحلن تي ٻڌل ڏنڊ وارو نظام تجويز ڪيو، پهريائين تنبيهه ۽ معافي ۽ پوءِ خلاف ورزي تي سخت سزا۔
ڊجيٽل تبديلي ۽ جاري سڌارا
ٽريڪس سسٽم سنڌ پوليس جي اڳئين ڊجيٽل قدمن جو تسلسل آهي جن ۾ سنڌ اسمارٽ سرويلنس سسٽم (S4)، تلاش ايپ ۽ OTLY تصديقي ايپ شامل آهن۔ وڏي وزير چيو ته سنڌ پوليس ڊجيٽل تبديليءَ ۾ نئون معيار مقرر ڪيو آهي۔ هن چيو ته حڪومت جو مقصد بهتر طرز حڪمراني، عوامي تحفظ ۽ ڪارڪردگي ۾ واڌارو آڻڻ آهي۔ هن پوليس، رينجرز ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڪارڪردگي کي ساراهيو خاص طور تي انهن علائقن ۾ جتي حالتون ڏکيون آهن۔ وڏي وزير چيو ته مان سنڌ پوليس، رينجرز ۽ سڀني ساٿين کي مبارڪباد ڏيان ٿو جن سنڌ پوليس کي ڊجيٽل دور ۾ آڻڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو۔ ٽريڪس جهڙن نظامن سان اسان نه رڳو محفوظ شاهراهون ٺاهي رهيا آهيون پر عوامي اعتماد جي بحالي ۽ حڪمراني کي به عوام دوست بڻائي رهيا آهيون۔ هن وڌيڪ چيو ته ٽريڪس نظام جو نفاذ فوري طور شروع ڪيو ويو آهي جيڪو ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ روڊن جي سلامتي ۽ شفاف ٽريفڪ نظم جو نئون دور آڻيندو۔ وڏي وزير پوليس جي ڊجيٽل ترقي تي مبارڪباد ڏني ۽ ڪچي علائقن ۾ پوليس جي ڪامياب آپريشنن جي واکاڻ ڪئي جتي 72 ڏوهارين هٿيار ڍڪيا۔ تقريب ۾ صوبائي وزير داخلہ ضياءُ الحسن لنجار، انسپيڪٽر جنرل غلام نبي ميمڻ، ايڊيشنل آءِ جي جاويد اوڍو ۽ ڊي آءِ جي ٽريفڪ پير محمد شاهه پڻ خطاب ڪيو۔ ان کان اڳ وڏي وزير ٽريڪس نظام جي تختي جي پڌرائي ڪئي ۽ کيس صوبائي وزير داخلہ ۽ آءِ جي پوليس طرفان منصوبي بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي۔
Back