وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه جو عالمي استادن جي ڏينهن تي پيغام

وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه جو عالمي استادن جي ڏينهن تي پيغام

Posted on: 07 Oct 2025   Tags:

ڪراچي (5 آڪٽوبر 2025ع ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته استاد قوم جا معمار ۽ اسان جو فخر آهن، سنڌ حڪومت استادن جي خدمتن کي سلام پيش ڪري ٿي۔ هن چيو ته تعليم جي بنياد محنتي ۽ مخلص استادن تي آهي، جن هر ڏکئي وقت ۾ سندن فرض ڀرپور طريقي سان نڀايو آهي۔ استادن جو ڪردار تعليم جي واڌ ويجھ ۾ ناقابلِ فراموش آهي۔ سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ حڪومت استادن جي ڀلائي، فلاح ۽ پيشورانه ترقي لاءِ پرعزم آهي۔ معياري تعليم رڳو قابل ۽ بااخلاق استادن سان ئي ممڪن آهي۔ استادن کان سواءِ علم ۽ آگاهي جو ڏيئو روشن نٿو رهي سگهي۔ وڏي وزير چيو ته ورلڊ ٽيچرز ڊي 2025ع جو موضوع آهي ”تدريس کي شراڪتداري طور ٻيهر ترتيب ڏيڻ“، جيڪو ياد ڏياريندو آهي ته تعليم ۾ سڌاري لاءِ استادن جي گڏيل سهڪار کي وڌائڻ وقت جي ضرورت آهي۔ سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ جا استاد تعليمي نظام جي ڪرنگھي جي حيثيت آهن۔ تعليم ۾ جدت، شموليت ۽ گڏيل ڪم ترقي جي ڪنجي آهن۔ حڪومت استادن لاءِ تربيتي پروگرامن ۽ پيشورانه صلاحيتن ۾ واڌارو آڻي رهي آهي۔ هن چيو ته تدريس رڳو خدمت ناهي پر هڪ مشن آهي۔ استادن جو گڏيل سھڪار تعليمي معيار ۽ نظام ٻنهي کي مضبوط ڪري ٿو۔ سنڌ جي استادن چيلينجن جي باوجود تعليم جو سفر جاري رکيو آهي۔ وڏي وزير چيو ته هر استاد سماج ۾ روشني جي شعاع ۽ مستقبل جي اميد آهي۔ تعاون، تجربي جو مٽاسٽا ۽ گڏيل ذميواري معياري تعليم جو بنياد آهن۔ سنڌ حڪومت تعليم کي برابري، احترام ۽ گڏيل سهڪار سان اڳتي وڌائڻ لاءِ پرعزم آهي۔

Back