وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه جو ماءُ جي عالمي ڏينهن تي پيغام
وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه جو ماءُ جي عالمي ڏينهن تي پيغام
Posted on: 13 May 2025 Tags:ڪراچي (11 مئي) وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه ماءُ جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي خاص پيغام ۾ ماءُ جي پاڪ رشتو کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو آهي ته ماءُ دنيا جي سڀ کان مخلص ۽ بي لوث هستي آهي. هن چيو ته ماءُ ٻار جي پهرين درسگاهه ۽ سندس اولين ساٿي هوندي آهي. ماءُ پنهنجي سڄي زندگي اولاد جي پرورش، تربيت ۽ بھترين مستقبل لاءِ وقف ڪري ڇڏيندي آهي. وڏي وزير چيو ته ماءُ پنهنجي محبت، قرباني ۽ دعا سان اولاد جي زندگي سنواريندي آهي. ماءُ جي دعا ۾ ايتري سگهه هوندي آهي جو اها تقدير به بدلائي سگھي ٿي. الله سائينءَ ماءُ جي قدم هيٺ جنت رکي، ان جي مقام کي اعلى بڻايو آهي.سيد مراد علي شاهه چيو ته ماءُ جي محبت دنيا جي واحد غير مشروط محبت آهي، جيڪا ڪنهن به مفاد يا صلي جي محتاج ناهي. هن زور ڏنو ته پڙهيل لکيل ماءُ هڪ مهذب، باشعور ۽ ترقي يافته سماج جي تعمير ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪري ٿي. سندس پيغام ۾ وڏي وزير چيو ته نسلن جي سڌاري لاءِ هر نياڻينکي تعليم ڏيڻ لازمي آهي، جيئن روشن، پرامن ۽ خوشحال سماج جو بنياد وڌي سگھي.
Back