پاڪ–سعودي نئين دفاعي معاهدي تي وڏي وزير جون واڌايون، لاڳاپن کي اسٽريٽجڪ ۽ ڀائپي قرار

پاڪ–سعودي نئين دفاعي معاهدي تي وڏي وزير جون واڌايون، لاڳاپن کي اسٽريٽجڪ ۽ ڀائپي قرار

Posted on: 24 Sep 2025   Tags:

ڪراچي (20 سيپٽمبر): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پنهنجي پيغام ۾ پاڪستان ۽ سعودي عرب کي نئين دفاعي معاهدي تي مبارڪباد ڏني ۽ ٻنهي ملڪن جي ٻه طرفن لاڳاپن جي اهميت تي زور ڏنو۔ هن چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جا لاڳاپا اسٽريٽجڪ ۽ ڀائرن وارا آھن۔ سعودي عرب جي سلامتي کي پاڪستان پنهنجي سلامتي سمجهي ٿو۔ وڏي وزير وڌيڪ چيو ته مسلم ملڪن جي وچ ۾ اتحاد لاءِ ڪوششون شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي دور کان وٺي جاري آهن جيڪي هاڻوڪي چيئرمين پيپلزپارٽي بلاول ڀٽو زرداري تائين تسلسل سان اڳتي وڌنديون پيون اچن۔ سيد مراد علي شاهه پاڪ–سعودي لاڳاپن جي مضبوطيءَ کي اجاگر ڪندي چيو ته اهي لاڳاپا صرف دفاعي شعبي تائين محدود ناهن پر معيشت ۽ ثقافت سميت ڪيترن ئي شعبن ۾ هميشه مضبوط رهيا آهن۔ وڏي وزير مراد علي شاهه جي بيان ۾ انهيءَ ڳالهه تي زور ڏنو ويو ته قائم رهندڙ اتحاد ۽ جمهوريت عوامي حقن لاءِ ڏنل تاريخي قربانيون پاڪستان جي سياسي ۽ قومي تاريخ جو اهم حصو آهن۔

Back