پاڪستان انٽرنيشنل ميري ٽائيم ايڪسپو ۽ ڪانفرنس 2025 جي انتظامن لاءِ اجلاس
پاڪستان انٽرنيشنل ميري ٽائيم ايڪسپو ۽ ڪانفرنس 2025 جي انتظامن لاءِ اجلاس
Posted on: 08 Oct 2025 Tags:ڪراچي (7 آڪٽوبر): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته پاڪستان انٽرنيشنل ميرٽائيم ايڪسپو اينڊ ڪانفرنس (PIMEC) 2025 ملڪ جي بليو معيشت کي ھٿي وٺرائڻ لاءِ هڪ اهم پليٽفارم ثابت ٿيندو جيڪو بحري جدت، سيڙپڪاري ۽ بين الاقوامي سهڪار کي هٿي ڏيندو۔ هن اجلاس جي صدارت ڪندي چيو ته هي ايونٽ پاڪستان جي وسيع بحري صلاحيتن کي اجاگر ڪندو ۽ ملڪ کي علائقي جي هڪ نمايان بحري مرڪز طور مضبوط بڻائيندو۔ هي باوقار تقريب پاڪستان نيوي جي سهڪار سان 3 کان 6 نومبر 2025ع تائين ڪراچي ايڪسپو سينٽر ۾ منعقد ٿيندي۔ وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيل اجلاس ۾ ڪمانڊر ڪراچي وائس ايڊمرل محمد فيصل عباسي، صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ، سيد ناصر حسين شاهه، ذوالفقار شاهه ۽ جام اڪرام الله ڌاريجو، ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، آءِ جي پوليس ۽ سنڌ حڪومت ۽ پاڪستان نيوي جي سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي۔ وڏي وزير پنهنجي خطاب ۾ شرڪت ڪندڙن کي ڀليڪار ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت پاران پاڪستان انٽرنيشنل ميرٽائيم ايڪسپو اينڊ ڪانفرنس 2025 لاءِ مڪمل سهڪار فراهم ڪيو ويندو۔ هن تقريب جي اسٽريٽجڪ اهميت تي زور ڏيندي چيو ته هي ايونٽ پاڪستان جي بحري صلاحيتن کي نمايان ڪندو ۽ ملڪ کي علائقي جي هڪ اهم مرڪز طور وڌيڪ مستحڪم بڻائيندو۔ سيد مراد علي شاهه پاڪستان نيوي جي قيادت ۽ پيشوراڻي صلاحيتن جي واکاڻ ڪندي چيو ته بحري ترقي روزگار، واپار ۽ معاشي استحڪام جا نوان موقعا پيدا ڪندي۔ هن سمورن لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي ته گڏجي ڪم ڪن ته جيئن ايڪسپو جا سڀ انتظام سٺي نموني مڪمل ٿين ۽ بين الاقوامي بحري سهڪار لاءِ نوان معيار قائم ٿي سگهن۔ ٻئي سيشن جي صدارت وائس ايڊمرل محمد فيصل عباسي ڪئي جنهن ۾ انتظامي، لاجسٽڪ ۽ سيڪيورٽي تيارين تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو۔ اجلاس ۾ وفاقي ۽ صوبائي کاتن، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ايونٽ پارٽنرن وچ ۾ رابطن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي۔ وائس ايڊمرل عباسي ٻڌايو ته پاڪستان انٽرنيشنل ميرٽائيم ايڪسپو اينڊ ڪانفرنس 2025 ۾ ميرٽائيم نمائش، بين الاقوامي ڪانفرنس، ثقافتي شو ۽ ڪاروباري ملاقاتون شامل هونديون۔ هي ايونٽ صنعتڪارن، محققن، پاليسي سازن ۽ سيڙپڪارن لاءِ بحري شعبي ۾ ٽيڪنالاجي، جدت ۽ ڀائيواري جا موقعا فراهم ڪندو۔ شرڪت ڪندڙن عزم ظاهر ڪيو ته هو پاڪستان انٽرنيشنل ميرٽائيم ايڪسپو اينڊ ڪانفرنس 2025 جي ڪاميابي لاءِ پوري ڪوشش ڪندا ته جيئن پاڪستان جي بحري صلاحيتن کي اجاگر ڪري سگهجي، عالمي لاڳاپن کي وڌائي سگهجي ۽ ملڪ جي حيثيت کي هڪ ترقي پسند ۽ جديد بحري قوت طور مضبوط بڻائي سگهجي۔ وڏي وزير سڀني شهري ادارن کي هدايت ڪئي ته ميرٽائيم ايڪسپو کان اڳ سڀ ضروري تياريون مڪمل ڪن ۽ ايڪسپو سينٽر ڏانهن ايندڙ ۽ ويندڙ رستن جي بهتري کي يقيني بڻائن۔ هن ٽريفڪ پوليس کي هدايت ڪئي ته هڪ مؤثر ٽريفڪ مينيجمينٽ پلان تيار ڪيو وڃي ۽ ايئرپورٽ، هوٽلن ۽ ايڪسپو سينٽر جي وچ ۾ ايندڙ ويندڙ مهمانن لاءِ خاص رستا مقرر ڪيا وڃن ته جيئن کين ڪا تڪليف نه ٿئي۔ وڏي وزير وڌيڪ چيو ته شهرين جي سهولت لاءِ متبادل رستا پڻ تيار ڪيا وڃن ته جيئن ٽريفڪ ۾ گهٽ ۾ گهٽ رڪاوٽ پوي۔ هن چيو ته جيتوڻيڪ شهرين کي عارضي طور ڪجهه تڪليف ٿي سگهي ٿي پر ڪراچي کي فخر آهي ته اهو پاڪستان انٽرنيشنل ميرٽائيم ايڪسپو اينڊ ڪانفرنس جهڙي باوقار تقريب جي ميزباني ڪري رهيو آهي جيڪا قومي ۽ علائقائي بحري منظرنامي ۾ شهر جي وڌندڙ ڪردار کي اجاگر ڪندي۔
Back