پاڻي زندگي آهي ۽ قدرتي وسيلن جو تحفظ اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي: وڏو وزير
پاڻي زندگي آهي ۽ قدرتي وسيلن جو تحفظ اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي: وڏو وزير
Posted on: 17 Jun 2025 Tags:ڪراچي (17 جون 2025ع) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه زمين کي بنجر ۽ ڏڪار کان بچاءَ بابت عالمي ڏھاڙي جي موقعي تي سندس پيغام ۾ چيو آھي ته پاڻي زندگي آهي ۽ قدرتي وسيلن جي حفاظت اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي. هن چيو ته بنجر ٿيندڙ زمين ۽ وڌندڙ ڏڪار جي خطرن خلاف عوامي شعور اجاگر ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. وڏي وزير چيو تھ سنڌ حڪومت وڻڪاري، برساتي پاڻي کي گڏ ڪرڻ ۽ جديد واٽر مينيجمينٽ بابت رٿائن تي عمل پيرا آهي. سيد مراد علي شاهه خبردار ڪندي چيو تھ جيڪڏهن درياهه جو پاڻي سمنڊ تائين نه پهتو ته سامونڊي پٽي ختم ٿي سگهي ٿي. انڊس ڊيلٽا جي وجو د لاءِ سنڌوءَ درياھھ جو قدرتي وهڪرو برقرار رکڻ لازمي آهي. هن چيو ته ماحولي انصاف جي حوالي سان لوئر ريپيرين رائيٽ (Lower Riparian Rights) کي سڄي دنيا ۾ تسليم ڪيو وڃي ٿو. ھن وڌيڪ چيو تھ انڊس ڊيلٽا تائين پاڻي جي فراهمي ماحولي انصاف جي گھرج آهي، جيئن زمين، ماحول ۽ جيوت کي تحفظ ملي سگهي.
#Sindh #CMMuradAliShah #SindhCMHouse #WorldDayToCombatDesertification #ClimateJustice #SaveIndusDelta #WaterIsLife #RiparianRights #EnvironmentalJustice #SustainableSindh #StopDesertification #ProtectNaturalResources #SindhDemandsWater
Back