پلاسٽڪ جي آلودگي ماحول لاءِ ڳڻتي جوڳو خطرو بڻجي چڪي آهي، سنڌ جو وڏو وزير

پلاسٽڪ جي آلودگي ماحول لاءِ ڳڻتي جوڳو خطرو بڻجي چڪي آهي، سنڌ جو وڏو وزير

Posted on: 26 May 2025   Tags:

ڪراچي (25 مئي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه انٽرنيشنل پلاسٽڪ فري ڊي جي موقعي تي چيو آهي ته پلاسٽڪ جي آلودگي اسان جي ماحول، دريائن، سامونڊي حيات ۽ شهري ڍانچي لاءِ هڪ سنگين خطرو بڻجي چڪي آهي. وزير اعلي هاُئوس مان جاري ڪيل بيان ۾ مراد علي شاهه چيو ته پلاسٽڪ جي خاتمي لاءِ گڏيل ذميواري جي ضرورت آهي۔ هن عوام کي اپيل ڪئي ته هو بهتر شهري ماحول لاءِ پلاسٽڪ جي استعمال کي ڇڏين۔ مراد علي شاهه چيو ته پلاسٽڪ کان پاڪ ماحول هڪ بهتر مستقبل جي ضمانت آهي. هن ٻڌايو ته سنڌ حڪومت پلاسٽڪ جي آلودگي تي ضابطو آڻڻ لاءِ ڪيترائي قدم کنيا آهن۔ وڏي وزير ٻڌايو ته آگسٽ 2024 کان وٺي سڀني سرڪاري آفيسن ۾ پلاسٽڪ جون بوتلون بند ڪيون ويون آهن ۽ انهن جي جاءِ تي شيشي جا جگ لازمي قرار ڏنا ويا آهن. اپريل 2025 ۾ سنڌ حڪومت پلاسٽڪ بيگز جي تياري، وڪري ۽ استعمال تي مڪمل پابندي لاڳو ڪئي آهي. مراد علي شاهه عوام کي اپيل ڪئي ته هو پلاسٽڪ بدران ڪپڙي ۽ ڪاغذ مان ٺهيل ماحول دوست شيون استعمال ڪن ته جيئن سنڌ کي صاف ۽ سائو بڻائي سگهجي۔ وڏي وزير زور ڀريو ته هي قدم نه فقط ماحول جي تحفظ لاءِ ضروري آهن، پر اهي ايندڙ نسلن جي صحتمند ۽ بهتر زندگي لاءِ به انتهائي اهميت رکن ٿا۔

Back