پي آئي ايم اي سي صرف نمائش نه، بليو اڪانامي لاءِ حڪمت عملي وارو اهم پليٽفارم آهي، مراد علي شاھ

پي آئي ايم اي سي صرف نمائش نه، بليو اڪانامي لاءِ حڪمت عملي وارو اهم پليٽفارم آهي، مراد علي شاھ

Posted on: 08 Aug 2025   Tags:

ڪراچي (6 آگسٽ): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ "پاڪستان انٽرنيشنل ميرٽائيم ايڪسپو اينڊ ڪانفرنس (PIMEC) 2025" جي اسٽيرنگ ڪميٽي جو ٻيو اجلاس وڏي وزير هائوس ڪراچي ۾ منعقد ٿيو. وڏي وزير PIMEC 2025 جي حڪمت عملي واري اهميت تي زور ڏيندي چيو ته هي صرف هڪ نمائش ناهي، بلڪه پاڪستان جي سامونڊي صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ ۽ ڊگهي مدي واري بليو اڪانامي ويزن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ هڪ اهم پليٽفارم آهي. اجلاس ۾ صوبائي وزيرن شرجيل انعام ميمڻ، ڊاڪٽر عذرا فضل پچوهو، سعيد غني، ذوالفقار شاهه، جام اڪرم ڌاريجو، ميئر ڪراچي مرتضىٰ وهاب، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، ڪمانڊر ڪراچي وائس ايڊمرل محمد فيصل عباسي، پاڪ فوج، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي نمائندن ۽ ساٿي منتظم اداري بدر ايڪسپو سلوشنز شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ 3 کان 6 نومبر تائين ڪراچي ايڪسپو سينٽر ۾ ٿيندڙ هن وڏي ايونٽ جي تيارين جو جائزو ورتو ويو. وڏي وزير مراد علي شاهه پنهنجن ابتدائي خيالن ۾ شرڪت ڪندڙن کي ڀليڪار چيو ۽ PIMEC 2025 جي اهميت تي روشني وڌي. هن چيو ته هي ايونٽ پاڪستان جي ميرٽائيم ۽ دفاعي صلاحيتن کي دنيا آڏو آڻڻ، جدت کي هٿي ڏيڻ، شراڪتون قائم ڪرڻ ۽ علائقائي رابطن کي مضبوط ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. وڏي وزير پاڪستان نيوي جي قيادت ۽ بحري معاملن واري وزارت جي تعاون کي ساراهيندي چيو ته سنڌ حڪومت طرفان مڪمل سهڪار فراهم ڪيو ويندو ته جيئن هن ايونٽ کي عالمي معيار موجب ڪامياب بڻائي سگهجي.

بليو اڪانامي سان وابستگي: وڏي وزير سنڌ حڪومت پاران ميرٽائيم شعبي جي ترقي لاءِ کنيل قدمن جو اعلان ڪيو، جن ۾ شاهراهه ڀٽو ايڪسٽينشن منصوبي جو ذڪر پڻ شامل هو، جيڪو ڪراچي پورٽ ٽرسٽ ٽرمينل کي جام صادق پل سان ملائيندو. هن چيو ته هي قدم ڪارگو جي حرڪت کي تيز ڪرڻ ۽ واپاري ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ لاءِ انتهائي اهم آهي. وڏي وزير چيو ته پاڪستان وٽ 1,000 ڪلوميٽر ڊگهو سامونڊي ڪنارو ۽ لڳ ڀڳ 290,000 چورس ڪلوميٽر جو سامونڊي دائرو آهي، جيڪو شپنگ، فشريز، شپ بلڊنگ، سامونڊي وسيلن جي ڳولا ۽ ساحلي سياحت سميت بيشمار موقعا مهيا ڪري ٿو.

وڏي وزير چيو “بليو اڪانامي ڪا رڳو معاشي حڪمت عملي ناهي، پر قومي ضرورت آهي. PIMEC 2025 اسان لاءِ هڪ موقعو آهي ته اسان هن صلاحيت کي جديد ٽيڪنالاجي، پاليسي هم آهنگي ۽ عالمي سهڪار ذريعي استعمال ڪريون،”

PIMEC 2025 - هڪ حڪمت عملي واري ميرٽائيم نمائش: وڏي وزير 2023ع ۾ ٿيندڙ پهرئين PIMEC جي ڪاميابي کي ساراهيندي چيو ته هن سال جي تقريب وڌيڪ وڏي پيماني تي ٿيندي، جنهن ۾ ملڪي ۽ بين الاقوامي صنعتن، تعليمي ادارن ۽ حڪومتن جي شرڪت متوقع آهي. هن هن ايونٽ کي پاڪستان جي ميرٽائيم ڊپلوميسي، سيڙپڪاري واري ماحول ۽ ٽيڪنيڪي خود انحصاري کي فروغ ڏيڻ جو اهم سنگ ميل قرار ڏنو. وڏي وزير لاڳاپيل صوبائي ادارن، بشمول مڪاني حڪومت (KMC)، واٽر بورڊ، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن، ضلعي انتظاميا ۽ ٽرئفڪ پوليس کي هدايت ڪئي ته تيارين، سيڪيورٽي، انفراسٽرڪچر ۽ شهر جي خوبصورتي لاءِ فوري قدم کنيا وڃن. اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن متفقه طور تي PIMEC 2025 جي ڪاميابي لاءِ مڪمل اداري تعاون جي خاطري ڪرائيندي چيو ته هي ايونٽ پاڪستان جي سٺي سڃاڻپ ۽ اقتصادي واڌ ويجهه لاءِ انتهائي اهم آهي. اسٽيرنگ ڪميٽي لاجسٽڪس، سيڪيورٽي، اسٽيڪ هولڊرز جي شموليت ۽ نمائش جي منصوبابندي بابت تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي ته جيئن ايونٽ اعليٰ معيار موجب بنا ڪنهن رنڊڪ جي منعقد ٿي سگهي. وڏي وزير مراد علي شاهه اختتامي خيالن ۾ چيو "PIMEC 2025 جي ڪاميابي وفاقي ۽ صوبائي ادارن، ڪاروباري برادري ۽ سڀ کان وڌيڪ ڪراچي واسين جي گڏيل تعاون تي مدار رکي ٿي."

Back