پيپلز پارٽي اڳ ۾ به آمرن خلاف جنگ ڪئي آهي، قومي مفاد ۾ ساٿ ڏنو وڃي: وڏو وزير سيد مراد علي شاهه

پيپلز پارٽي اڳ ۾ به آمرن خلاف جنگ ڪئي آهي، قومي مفاد ۾ ساٿ ڏنو وڃي: وڏو وزير سيد مراد علي شاهه

Posted on: 23 Apr 2025   Tags:

ڪراچي (22 اپريل)؛ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي (پي پي پي) تڪراري ڪينال رٿائن خلاف روڊن تي احتجاج ڪيو آهي ڇاڪاڻ ته سنڌو درياھھ جي مٿانهين علائقن وارن غلط فهميون پيدا ڪيون ۽ ڪينال جو ڪوڙو افتتاح ڪيو ويو. ان ئي سبب چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري عوام سان سڌو رابطو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ته جيئن اصل حقيقتون واضح ڪري سگهجن. هن اها ڳالهه اڱاري ڏينهن ڪارڊينل هائوس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪئي، جتي هو پاپ فرانسس جي لاڏاڻي تي تعزيت لاءِ پهتو هو. سيد مراد علي شاهه چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌو درياھھ تي ڄاڻايل نون ڪينالن خلاف اپوزيشن جي اڳواڻي طور پاڻ کي پيش ڪيو آهي. هن ٻڌايو ته اپوزيشن جماعتن ۽ قوم پرستن پاران شروع ڪيل احتجاج، پاڪستان پيپلز پارٽي جي احتجاج کان گهڻو پوءِ شروع ٿيا. هن سيپٽمبر، آڪٽوبر ۽ نومبر 2024 ۾ انهن ڪينالن جي مخالفت شروع ڪئي جڏهن ته پاڪستان پيپلز  پارٽيءَ جي سنڌ حڪومت جون 2024 ۾ گڏيل مفادن واري ڪائونسل (سي سي آءِ) ۾ پنهنجو موقف پيش ڪيو ۽ وفاقي حڪومت سان ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي آف نيشل اڪنامڪ ڪائونسل (ايڪنڪ) ۾ انهن رٿائن کي روڪڻ بابت ڳالهين جي شروعات ڪئي، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو ته منصوبو مؤثر طور تي رڪجي ويو. وڏي وزير وڌيڪ چيو ته ان جي باوجود اسان سڀني جماعتن کي ڀليڪار ڪيون ٿا جيڪي ان منصوبن جي مخالفت ڪري رهيون آهن ڇوته اهو اسان جو گڏيل مقصد آهي. هي هڪ تڪراري منصوبو آهي جيڪو رڳو صوبائي مفاد خلاف نه آهي پر قومي مفاد جي خلاف پڻ آهي. آئون عدليا ۽ جمهوري نظام جي بحالي ۾ وڪيل برادري جي ڪردار جو احترام ڪريان ٿو پر اهو صحيح ناهي ته پي پي پي آواز نه اٿاريو. هن سڀني جماعتن کي زور ڏيندي چيو ته احتجاج ڪرڻ گهرجي پر روڊ بند نه ڪجن ۽ عوام کي تڪليف نه پهچائي وڃي. مراد علي شاهه انهن وڊيوز تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو جن ۾ مظاهرين کي روڊ بند ڪندي ڏيکاريو ويو جنهن جي نتيجي ۾ ايمبولينس ڦاٿيون ۽ شهرن جي وچ ۾ چوپايو مال رکندڙ ماڻهن کي پڻ پريشاني ٿي. هن چيو ته هي رويو غير مناسب آهي. اسان کي اوهان جي احتجاج تي ڪو اعتراض ناهي پر اسان چاهيون ٿا ته عوام کي مسئلا پيدا ڪرڻ کانسواءِ اوهان جو ساٿ ڏيون ۽ ان مقصد تي گڏ آهيون. هن روڊ بند ڪرڻ بدران متبادل هنڌن تي احتجاج ڪرڻ جي تجويز ڏني. وڏي وزير خاطري ڪرائي ته پاڪستان پيپلز پارٽي عوام جي حمايت سان انھن ڪينال منصوبن کي روڪڻ ۾ ڪامياب ٿيندي. هن ٻڌايو ته جولاءِ 2024 کان انهن ڪينالن تي ڪوبه ڪم ناهي ٿيو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پي پي پي تڪراري ڪينال منصوبن خلاف احتجاج جو فيصلو ان ڪري ڪيو ڇاڪاڻ ته اپر رپيرين (درياءَ جي مٿانهون حصي جي انتظاميه) عوام ۾ غلط فھميون پيدا ڪيون ۽ ڪوڙو ڪينال جو افتتاح ڪيو. هن واضح ڪيو ته ان ئي سبب چيئرمين بلاول ڀٽو عوام سان سڌو رابطو ڪرڻ ۽ حقيقت واضح ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. مراد علي شاهه ميڊيا کان درخواست ڪئي ته اهي اهڙي غلط معلومات پکيڙڻ کان پاسو ڪن جيڪي صوبائي عوام ۾ وڌيڪ ڏڦيڙ پيدا ڪري سگهن. هن هڪ ڀيرو ٻيهر واضح ڪيو ته هي منصوبو جولاءِ 2024 کان معطل آهي ۽ ايڪنڪ ۾ ان جي منظوري نومبر 2024 کان رڪيل آهي. ان جو چوڻ هو ته مان وفاقي حڪومت جو ٿورا مڃيندس ته ان ايڪنڪ ۾ هن ڪينال منصوبي جي منظوري کي اڳتي نه وڌايو پر مون کي افسوس آهي ته هي منصوبو اڃا تائين مڪمل طور تي ختم نه ٿيو آهي. اسان وفاقي حڪومت کان اميد رکون ٿا ته هو هن منصوبي کي باقاعده طور تي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪندي. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته اسان پاڻي جي مسئلن ۽ خوراڪ بابت وفاقي حڪومت سان ڳالهين لاءِ تيار آهيون، پر انهن مسئلن جو حل نئين ڪينال جي تعمير ناهي. انهن مسئلن جو حل پاڻي جي مؤثر استعمال ۽ زرعي پيداوار ۾ اضافي سان ٿي سگهي ٿو. هن چيو ته ويجھڙائيءَ ۾ راڻا ثناءُ الله ميڊيا کي ٻڌايو ته وزيراعظم شهباز شريف ۽ مسلم ليگ (ن) جي قائد نواز شريف ان کي پاڪستان پيپلز پارٽي سان رابطو ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي جنهن جو اسان ڀليڪار ڪيون ٿا. صوبائي وزير اطلاعت شرجيل ميمڻ به پارٽي جي قيادت پاران ان بيان جو ڀليڪار ڪيو جنهن کان پوءِ فون تي ڳالهايون به ٿيون. مراد علي شاهه چيو ته اسان جولاءِ 2024 ۾ انهن ڪينالن تي ڪم روڪڻ جو فيصلو ڪيو هو جڏهن ته انهن مان هڪ شخص جيڪو پاڻ کي ان معاملي جو چيمپيئن چوي ٿو، پهريون ڀيرو نومبر 2024 ۾ ڳالهايو، يعني جڏهن کان سنڌ حڪومت هن منصوبي کي روڪرايو هو، ڊسمبر ۽ جنوري ۾ بيان اچڻ شروع ٿيا ۽ وڪلين پاران احتجاج ٿيو جنهن کي اسان ڀليڪار ڪيو ڇاڪاڻ ته هي هڪ گڏيل مقصد جو معاملو آهي. بهرحال، ذاتي طور تي ضبط رکڻ جي باوجود مون کي افسوس آهي ته اهو چوڻو پئجي رهيو آهي ته اهي ڪنهن ٻئي جي اشارن تي راند ڪري رهيا آهن. وڏي وزير وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن اسان هن منصوبي کي نه روڪرائي سگهون ها ته اسان پاڻ هڙتالن جو سڏ ڏيڻ جو فيصلو ڪريون ها، ڇاڪاڻ ته اسان کي احتجاج ڪرڻ جو تجربو آهي. پاڪستان پيپلز پارٽي اڳ ۾ به آمرن خلاف جنگ ڪئي آهي ۽ جيڪڏهن ضرورت پئي ته ٻيهر جنگ ڪري سگهجي ٿي. هن سوال ڪيو ته جڏهن ڪينال تي ڪم بند ٿي چڪو آهي ۽ اسان هن منصوبي کي ڄاڻايل فورم تي منظور ٿيڻ نه ڏنو ته پوءِ روڊ ڇو بند ڪيا پيا وڃن ۽ عوام کي ڇو تڪليف ڏني پئي وڃي؟ مراد علي شاهه ٻڌايو ته وزيراعظم اڄ ترڪي پيو وڃي ۽ کيس واپسي تي امڪان آهي ته منصوبي کي روڪڻ جو اعلان ڪيو ويندو. هن سوال ڪيو ته جڏهن هيٺائين سطح جي علائقن پاران اعتراض ڪيو ويو هو ته برطانوي حڪومت مٿانهين سطح جي منصوبن کي رد ڪيو هو ته پوءِ هاڻي ان اصول تي عمل ڇو نٿو ٿئي؟ هن اميد ظاهر ڪئي ته وزيراعظم هيٺائين علائقن جي عوام جي جائز خدشن کي ٿورو نظر ۾ رکندا ڇاڪاڻ ته هن معاملي جا نتيجا سڀني آڏو وائکا آهن. وڏي وزير پنهنجي تقرير جي پڄاڻي وزيراعظم کان سنڌ جي جائز خدشن تي ڌيان ڏيڻ جي اپيل سان ڪيو. هن چيو ته مان يقين سان چوندس ته پاڪستان جو وزيراعظم انصاف سان ڪم ڪندو ۽ عدل کي برقرار رکندو. هن برطانوي دور جي مثال ڏيندي چيو ته ان وقت به مٿانهين علائقن جا ڪينال منصوبا هيٺائين علائقن لاءِ خطرناڪ سمجهن جي بنياد تي رد ڪيا ويا هئا. هن عالمي سطح جي بهترين مثالن طرف به اشارو ڪيو خاص طور تي ڀارت جي اندرا ڪينال جو حوالو ڏيندي ميڊيا ۽ عوام کان اپيل ڪئي ته هو هن قومي مفاد جي معاملن ۾ پيپلز پارٽي جو ساٿ ڏين. اين ايف سي: وڏي وزير مراد علي شاهه تازو سياسي اڳڀرائي ۽ وفاقي سطح تي فيصلن ۾ تاخير تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو جيڪي سنڌ کي متاثر ڪري رهيا آهن. هن انڪشاف ڪيو ته 19 اپريل تي ناڻي وارو وفاقي وزير هڪ خط ذريعي سنڌ کان نيشنل فنانس ڪميشن (اين ايف سي) لاءِ نمائندا تجويز ڪرڻ جو چيو جڏهن ته هي عمل 14 مهينن اڳ مڪمل ٿي وڃڻو هو. هن چيو ته اسان کان اين ايف سي لاءِ نمائندو نامزد ڪرڻ لاءِ چيو ويو آهي ۽ مون کي اميد آهي ته اسان جي خدشن جو احترام ڪيو ويندو. مراد علي شاهه زور ڀريو ته پنجاب جي هارين پاڻ ايندڙ سال ڪڻڪ جي پيداوار تي خدشن جو اظهار ڪيو آهي جيڪو ان ڳالهه جي دليل آهي ته اسان کي جديد زرعي حلن جي ضرورت آهي نه ئي بنامقصد آبي منصوبن جي. تعليمي بورڊز؛ مراد علي شاهه تعليمي سڌارن تي پڻ ڳالهه ڪئي ۽ ٻڌايو ته سنڌ جي تعليمي بورڊن جي چيئرمينن کي شفاف سرچ ڪميٽي ذريعي ميرٽ تي مقرر ڪيو ويو. بهرحال ڪجهه اميدوارن تقرري کانپوءِ چارج سنڀالڻ کان انڪار ڪيو جنهن کي هن افسوسناڪ قرار ڏنو. پوپ فرانسس جي لاڏاڻي تي تعزيت: وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پوپ فرانسس (جورج ماريو بيروگليو) جي لاڏاڻي تي تعزيت لاءِ ڪارڊينل هائوس جو دورو ڪيو ۽ ڏک جو اظهار ڪيو. هن پوپ فرانسس کي عالمي روحاني رهبر ۽ انسانيت جو سفير قرار ڏنو، کيس مغفرت جي دعا گھري ۽ تعزيتي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثرات قلمبند ڪيا. وڏي وزير ويٽيڪن ۽ عالمي ڪيٿولڪ برادري سان دلي همدردي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته پوپ فرانسس جو بين المذاھب ڀائيڇاري، امن ۽ خدمت جو پيغام انسانيت لاءِ هميشه مشعل راھھ رهندو. هن چيو ته هن جو لاڏاڻو دنيا لاءِ هڪ ناقابلِ تلافي نقصان آهي. مراد علي شاهه چيو ته پوپ فرانسس اتحاد، همدردي ۽ امن جو علم بلند ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ هميشه هڪ اهڙو صوبو رهيو آهي جيڪو هر مذهب، قوم ۽ برادري کي گڏ ڪيو. اسان هن ڏک جي گھڙيءَ ۾ پنهنجي مسيحي ڀائرن ۽ ڀينرن سان گڏ آهيون. ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير غزه ۾ جنگ جي خاتمي سان لاڳاپيل پوپ جي تازي بيان جو حوالو ڏيندي چيو ته هو انصاف ۽ امن لاءِ هڪ جرات مند آواز هو. هن چيو ته دنيا هڪ عظيم انسان کان محروم ٿي وئي آهي.

Back